ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سرجاني پوليس پاران پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ آفيسر ظاهر ڪري ۾ گهرن ۾ ڦر ۽ اغوا ۾ ملوث 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سرجاني پوليس قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي ظاهر ڪري گهرن ۾ ڦر ۽ اغوا جي واقعن ۾ ملوث 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ويسٽ شاد ابن مسيح جو چوڻ هو ته گذريل سال 22 سيپٽمبر 2023 جي رات جوابدار سرجاني سيڪٽر سيون ڊي ۾ شاهه ظل الرحمان نالي هڪ شهري جي گهر ۾ داخل ٿي پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو آفيسر ظاهر ڪيو . هٿياربندن گهر مان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦرڻ بعد شهرين شاهه ظل الرحمان کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جنهن بعد کيس روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويا. هن چيو ته جنهن بعد پوليس متاثر شهري جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو هو، گذريل ڏينهن سرجاني پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڦر ۽ اغوا جي واقعن ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جن جي سڃاڻپ ٿي هئي. جنهن ۾ زين شاهه، خضر ۽ راحيل شامل هئا، پر پوليس گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ ڦر ڪيل سامان ۽ رقم واپسي لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.