قمبر (ن ع آ) نصير آباد ۾ قتل ٿي ويل استاد هدايت الله لوهار جي نياڻي سسئي لوهار چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ عقيل احمد عباسي اڳيان سيشن ڪورٽ قمبر ۾ تقريب دوران دانهيندي چيو ته منهنجي والد کي نصيرآباد ۾ بيدرديءَ سان رياستي ادارن قتل ڪيو، رياستي ادارن جا قاتل قانون کان ڏاڍا آهن جن خلاف هن وقت تائين ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، پهريان پوليس ايف آئي آر داخل نه پئي ڪري ۽ هاڻي وري ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ جوبدار گرفتار نه پئي ڪري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي قانون کان ڪوبه مٿانهون نه آهي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي يقين ڏياريندي چيو ته اوهان جي والد جا قاتل قانون کان ڏاڍا نه آهن اوهان سان انصاف ٿيندو، جوابدار ڀلي ڪيترا به بااثر هجن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين، هن ڪيس جي مان پاڻ نگراني ڪندس، جڏهن ته بار جي عهديدارن ۽ وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته بار ۽ جوڊيشري ۾ ڪو خال ڪو نه هجڻ گھرجي اسان کي معاشري ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.