ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني عوام جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، ڪچي توڙي پڪي جي ڌاڙيلن خلاف بي رحماڻو آپريشن ۽ پوليس کاتي کي غير سياسي بڻائڻ کانسواءِ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ناممڪن لڳي ٿو، هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، سموري سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي، ماڻھن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ھڪ منافعي وارو ڪاروبار بڻجي چڪو آھي جنهن ۾ پوليس بااثر ماڻهو ۽ ڌاريلن جو گڏيل نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ هلندڙ صرف 2 مهينن دوران ڏوهن جون 15 هزار وارداتون 26 شهرين جو قتل هزارين ماڻهن کي پنهنجي قيمتي گاڏين کان محروم رکڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي ناڪامي آهي.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي ميئر جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ سيڪشن 18 بي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، مرتضيٰ وهاب جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ان درخواست جي فيصلي سان مشروط آهي، ڪراچي جي ميئر جو وڪيل مسلسل 10 مهينن کان عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو،25 جنوري 2024ع جي عدالتي حڪم ۾ ان معاملي کي عوامي مفاد کان به اهم معاملو قرارڏنو ويو، درخواست کي فوري ٻڌو وڃي، عدالت 28 مارچ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
-
رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 11 مارچ تي طلب
اسلام آباد ( م ڊ ) رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 11 مارچ تي پشاور ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سيد عبدالخبير آزاد ڪندو. رمضان جي چنڊ جي رويت لاءِ زونل ڪميٽين جا اجلاس مقرر هنڌن تي ٿيندا.ان حوالي سان فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گهڻن اسلامي ملڪن ۾ رمضان جي شروعات 12 مارچ تي ٿيڻ جي اميد آهي.موسميات کاتي جي ترجمان موجب 10 مارچ تي چنڊ جي پيدائش جو امڪان آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن.
-
پ پ سنڌ جا 10 سيڪڙو تڪ کولرائي، سڀ واضح ٿي ويندو: جي يو آءِ
ڪراچي (م ڊ) پ پ جي ترجمان شازيا مري جي بيان تي رد عمل ڏيندي جي يو آءِ ف سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري سميع الحق سواتي چيو ته پ پ جو مينڊيٽ ايترو صاف ۽ شفاف آهي ته تڪ کولڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهن، پ پ سنڌ جا 10 سيڪڙو تڪ کولرائي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو. پ پ وارن کي ملندڙ مينڊيٽ جعلي آهي.
-
وڏي وزير سان سعودي سفير جي ملاقات،روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تي ڳالهيون
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ روٽ ٽو مڪه پروجيڪٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ منصوبي تي عملدرآمد لاءِ جيترو جلدي ٿي سگهي سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وفاقي سيڪريٽري عطا الرحمان، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سعودي عرب جي حج ۽ عمره وارو سيڪريٽري محمد ايم البيجاوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. روٽ ٽو مڪه پروجيڪٽ اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس جي عمل کي سعودي عرب کان پاڪستاني هوائي اڏن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي جنهن جو مقصد حاجين کي سعودي عرب (KSA) ۾ لينڊ ڪرڻ تي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي. وڏي وزير چيو ته هي منصوبو انتهائي اهم آهي ۽ هو چاهي ٿو ته سنڌ جي زائرين لاءِ جناح ٽرمينل تي ان تي عمل ٿئي. سفير جناب نواف سعيد المالڪي سيد مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سعودي عرب جي سفير وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2019ع ۾ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ”دي روٽ ٽو مڪي انيشيٽو“ جو پائلٽ پراجيڪٽ عمل ۾ آيو. 2019 ۾، 22,000 حاجين هن منصوبي ذريعي سفر ڪيو. حج 2022 ۽ 2023 ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ ذريعي روٽ ٽو مڪه منصوبي تي عمل ڪيو ويو ۽ ان ذريعي 15629 ۽ 26546 حاجين سفر ڪيو. ڪاميابيءَ سان پڄاڻي کانپوءِ وزيراعظم آفيس ان اقدام کي ٻين چئن ايئرپورٽن ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور تائين وڌائڻ جي هدايت ڪئي.
-
پي ايس ايل ميچن دوران روڊ بند ڪرڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ايس ايل ميچن دوران روڊ بند ڪرڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عداالت چيو آهي ته 27 فيبروري جي حڪم تي مڪمل طور تي عمل ناهي ٿيو، حڪم باوجود روڊ بلاڪ ڪيا ويا ۽ ٽريفڪ بلاڪ ڪئي وئي، عدالت چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي بابت ڊي آءِ جي ٽريفڪ، آپريشنز ۽ ايس ايس يو آفيسرن کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو ويو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي آءِ جي آپريشن، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس يو عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي ۽ اختيارين عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي روڊن کي کليل رکڻ جو يقين ڏياريوآهي .
-
فلاحي پلاٽ تان قبضو ختم ڪيو ويو آهي: ڪي ڊي اي جي عدالت کي آگاهي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سرجاني ٽائون ۾ فلاحي پلاٽ تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، 110گز جي پلاٽ تي گرائونڊ پلس ون عمارت ٺاهڻ خلافدرخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ڪي ڊي اي کاتي ۽ زمين اختيارين طرفان جواب جمع ڪرايو ويو، ڪي ڊي اي اختيارن چيو ته 40 فوٽ روڊ ۽ مين روڊ تي موجود پلاٽ کي خراب حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، پلاٽ تي قبضو ختم ڪيو ويو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت چيو ته فلاحي پلاٽن کي اصيل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي .