ڪوتا ناول ”منهنجو ڏک“ پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب

تحرير: بادل جمالي

"منھنجو ڏک” جي نالي سان ڪَوِتا ناول جو سرجڻھار محترم محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو هڪ انتھائي محنتي، اورچ ۽ يگانو ڪردار آهي. لکڻ ۽ لکندو رھڻ، ھن جي زندگيءَ جو "موٽِوِ” آهي. ھن جي قلم کي، ساھَ کڻڻ جيتري مھلت به نٿي ملي. ڪڏهن ڏِسُ ته غزل جي قافيي، رديف ۾ لڳو پيو آهي. ڪڏهن ڏِسُ ته ڪھاڻيءَ جي ڪردارن سان جهيڙي پيو. ڪڏهن ڏِسُ ته ڪنھن ڪتاب جو مھاڳ پيو لکي. ڪڏهن ڪنھن ناول جا باب پيو ترتيب ڏئي. ڪڏهن ڏوڪريءَ مان پيو ڳالهائي ته ڪڏھن لاڙڪاڻي مان. ڪڏهن ٿر جي مِٺي ۽ عمرڪوٽ مان پيو رابطو ڪري ته ڪڏهن لطيف سائينءَ جي نگري ڀٽ شاھ کان.

ھڪ بيچين روح آهي. جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ جهاڳي، ان جا نظارا، وستيون ۽ واھڻ ۽ انهن جا معاملا قلمبند پيو ڪري. ھن کي ادب ۾ لکڻ سان گڏ نوان نوان تجربا ڪرڻ جو جُنونَ جي حد تائين شوق آهي. طويل نظم "وقت بيھي نٿو” لکڻ شروع ڪيائين، ته ھڪ نظم ۾ پورو ڪتاب لکي ويو. مختصر ڪھاڻي "سئو لفظن” ۾ لکيائين ته، ان جون به سئو ڪھاڻيون مڪمل ڪري، ڪتاب ڇاپرايائين. وري جو "ھڪ سِٽَ” واري ڪھاڻيءَ جو تجربو ڪيائين ته، ان کي به لڳو پيو آهي. خدا ڄاڻي ڇيهھُ ڪٿي ڪندو.

ڪافي وقت اڳ، گفتگوءَ دوران ٻڌايو ھُئائين، ته :  "انور پيرزادي جي يادگيرين تي ڪَوِتا ناول لکڻ شروع ڪيو اٿم. دعا ڪَرِ ته پورو ڪيان.” دعا ته ڏني مانس، پر دل ۾ چيم، ته عجيب جُنوني ماڻهو آهي. دوست جون يادگيريون ‘نثر’ ۾ به سولائيءَ سان لکي پيو سگهي. ھروڀرو ان کي "ڪَوِتا” ۾ آڻي، پاڻ کي جهنجهٽ ۾ وجهي پيو… ان بعد وچ وچ ۾ ڪڏهن ٻڌائيندو به ھو ته ھُو ان ڪم کي کنيو پيو اچي… پر ان کان علاوه ھُو پنھنجا لکڻ پڙهڻ وارا ٻيا ڪم به باقائدگيءَ سان ڪندو رهندو هو. ان ڪري ھر ٻئي ٽئين مھيني ھن جا ھڪ ٻه ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندا رھندا ھئا.

انور پيرزادي سان محمد عليءَ جون ٻَٽيھهَ نه ڇَٽيھَه دليون ھُيون. انور ھن جو وڏو ڀاءُ به ھو، ته چاچو ۽ مامون به. يارُ، دوست به ھو، ته پيرُ مرشد به. ھن جي زندگيءَ ۾ ٽي اھم شخصيتون اثر رکنديون ھُيون. جن مان انور کي اوليت حاصل ھُئي. ان بعد رزاق مھر، جيڪو ھن جي ٻالجتيءَ جو يارُ ھو. ان بعد بزرگ دوست سوڀو گيانچنداڻي. انور ۽ سوڀي محمد عليءَ جي تربيت ڪئي. کيس با اصول زندگي گذارڻ جا "گُرَ” سيکاريا. باقي رزاق مھر سان ته ھر وقت ننڍي ڀاءُ جيان گڏ نظر ايندو هو.

ڪمال ته اھو آھي، مٿين ٽنھي شخصيتن لاءِ ھنن جي زندگيءَ ۾ ھن وٽ جيڪو ادب ۽ احترام ھو، انهن جي موڪلاڻيءَ کان پوءِ به ڪا ڪمي ڪا نه آئي. حالانڪ دنيا ڇڏڻ وارن عزيز ترين انسانن جي خود سندن گهروارن وٽ به اھا ڪشش باقي نه ٿي رهي. جيڪا زندگيءَ ۾ انهن لاءِ ھوندي آھي.

محمد عليءَ جي ڪتابن جو تعداد ٽيھن کان مٿي پھچي چڪو آهي. پر سندس ھي ڪتاب "منھنجو ڏک” پنھنجي نوعيت جو ھڪ انتھائي انوکو ڪتاب آهي. جنھن جو ڇپجڻ کان اڳ ئي پڙھندڙن کي انتظار ھو. اھو ڪتاب رڳو "ڪَوِتا ناول” ڪونهي، بلڪ "سوانحي ڪَوِتا ناول” آهي. يعني انور صاحب جي زندگيءَ جي سکن، ڏکن، اندرين ٻاھرين واقعن کي ھن "منظوم” انداز ۾ پيش ڪيو آهي. جيڪو نه رڳو ڏکيو ڪم آهي، پر سچ پچ ته تمام ڏکيو ڪم آهي.

ھن "ڪَوِتا ناول” جو مھاڳ، ڪھاڻيڪار محترم طارق قريشيءَ تمام گهڻي دلچسپي ۽ محبت سان لکيو آهي.

طارق قريشيءَ جو نالو ته ٻڌل ۽ سندس ڪھاڻيون پڙھيل ھيون، پر ھن سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي ھئي. نه وري مون وٽ ھن بابت سواءِ ڪھاڻيڪار جي ڪا وڏي معلومات ھئي. سندس لکيل مھاڳ پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو، ته ھو پنھنجي ڪم سان ڪيڏو نه سينسيئر آهي! ناول تي لکندي ڪٿي ڪٿي ته ھو ايڏو "اِنوالوِ” ٿي ويو آهي، ڄڻ ته ناول محمد عليءَ جو نه، بلڪ سندس ئي لکيل آهي. اھڙي انوالومينٽ ٿورن ماڻهن ۾ ھوندي آھي.

ھڪ ھنڌ طارق لکي ٿو :

"ھي ناول ناهي، ڪيترن ئي عذابن جو اڪائونٽ آهي. جنھن جي اپٽار ڪندي، اکڙين مان لڙڪ وھي ھلن ٿا.”

۽ پڪ سان چئي ٿو سگھجي ته اھي جملا لکندي طارق جا لڙڪ به لڙي پيا ھوندا. ھو ٻئي ھنڌ لکي ٿو :

"محمد علي پٺاڻ جي لکيل ھن منظوم سوانحي ناول ۾ شاعريءَ جو انداز ڏسجي ته اھو "ويڻ” ڏيئي، اوسارا ڪرڻ ۽ پارَ ڪڍڻ واري انداز ۾ سوڳ جو اظھار آهي. مائرون پنھنجي جوان پٽن جي ڪُمھلي موت تي، يا وَنيون پنھنجي سُھاڳ جي وڇوڙن تي، المناڪ انداز ۾ آه و فغان ڪنديون آهن، انهيءَ انداز ۾ ھن ناول ۾ انور پيرزادي جي وڇوڙي تي اوسارا ڪيل آهن. ويڻ ڏيئي پارَ ڪڍيا ويا آهن. ھي انداز، اندر ۾ وڇڙي ويل جي ياد کي ھميشہ تازو رکندو آهي.

مھاڳ کان پوءِ پيش لفظ ڏنل آهي، جيڪو موجوده دور جي سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ وڏي ليکڪ، نقاد، محقق ۽ دانشور سائين ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ جو لکيل آهي. مھراڻي صاحب وڏي جاکوڙ ڪري دنيا ۾ جيڪي "ڪَوِتا ناول” يا "سوانحي ناول” ڇپيا آھن، انهن جا حوالا ڏنا آهن. جيڪا واقعي ھڪ محنت طلب ڪاوش آهي.

"ڪَوِتا ناول” بابت اسان جي مانواري ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي صاحبه جي اڌ صفحي تي مختصر راءِ ڏنل آهي، جيڪا پڻ پنھنجي جاءِ تي وڏو وزن رکي ٿي. اديءَ لکيو آهي :  "سئو صفحن کان وڌيڪ ھن ناول ۾ انور پيرزادي جي حياتيءَ کي سموھڻ، ڪو سولو ڪم ته ناهي. جتي محمد علي پٺاڻ جي من گهريي دوست جي جدائي ھڪ الميو آهي، اتي وري پٺاڻ صاحب جي تخليقي ھنر انور پيرزادي جي حياتيءَ کي ڄڻ دوام بخشيو آهي.”

"ڪَوِتا ناول” تي نوجوان ليکڪ علي بخش پٺاڻ پڻ پنھنجي جذبن جو اظھار ڪيو آهي. علي بخش پٺاڻ، محمد عليءَ جو” ادبي ٻچڙو” آهي. جنھن جي ھو تمام پيار محبت سان پرورش ڪري پيو. علي بخش لکي ٿو :

"انور پيرزادي سان گهاريل گھڙين کي ھن (محمد عليءَ) اھڙي پيرائي سان پويو آهي، جيئن تسبيح ۾ مڻيا پويل ھوندا آھن. وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي ڳالهه/يادگيريءَ کي به نظرانداز ناھي ڪيو.

۽ انور پيرزادي جي سوانح جي حوالي سان جيڪا به ننڍي وڏي معلومات، جتان به ممڪن ٿي سگهي، سا محمد علي پٺاڻ حاصل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.

انور جي پيدائش کان وٺي آخري گهڙين تائين ھن جيڪا به جدوجھد ڪئي، سک ڏٺا، ڏک ڏٺا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ڏٺيون، تن کي ليکڪ اھڙي انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي، ڄڻ اھو سڀڪجهه انور مرحوم پاڻ پنھنجن ھٿن سان لکيو ھُجي! ان سڄي ڪھاڻيءَ جو چشم ديد گواھ ته محمد علي پٺاڻ آهي، پر ان کان علاوه انور بابت ھن جي گهرڀاتين ۽ ٻين جا تاثر به ھن ڪمال ڪاريگريءَ سان قلمبند ڪيا آهن.

انور جي دوستن ۾ بزرگن جو ھن سان رويو، تعاون ۽ پنھنجائپ واري رشتي کي به ھن پوري ديانتداريءَ سان ڪاغذ تي اوتيو آهي. جنھن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، امر جليل، سراج الحق ميمڻ، قربان پيرزادو ۽ ٻيا به ڪيترائي مانوارا دوست شامل آهن.انور جيئن ته ھڪ زبردست ڪميٽيڊ قسم جو شاعر ھُيو، انڪري بيان جي لحاظ سان ھن سندس شاعريءَ مان به چونڊ ڪري اُھي حصا شامل ڪيا آهن. خاص طور تي انور جي گهر جي مسڪيني حالت، والد جي بيماري، اُن جي موڪلاڻي بابت ھن”زندگي ھڪ آپريشن ٿئيٽر“ وارو  جيڪو نظم لکيو، سو ته پڙھڻ واري کي به روئاري ٿو ڇڏي:

ھن طويل نثري نظم ۾، شاعر ھر سِٽَ کان پوءِ” ڪاما” جو استعمال ڪري، بيان کي اڳتي وڌايو آهي” فل اسٽاپ” جو استعمال ڪٿي ڪٿي ڪيو آهي.تقريبن سئو صفحن جي ڊگهي نظم ۾ ڪٿي به ائين نٿو لڳي، ته ھن پنھنجي دلچسپي گهٽائي ڇڏي ھجي. اول کان آخر تائين ھن جو قلم ساڳي ئي جنون ۾ نظر ٿو اچي.محمد علي پٺاڻ جي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي ھڪ وڏي نانءَ، انور پيرزادي کي سندس ھيءَ ڀيٽا، ھڪ يادگار ۽ منفرد ڪوشش آهي. جيڪا يقينن ھڪ وڏي عرصي تائين پڙھندڙن کي ياد رھندي. ڪتاب جي پڄاڻي انور جي زندگيءَ جي وچ تي ڪئي وئي آهي. سندس زندگيءَ جو باقي رهيل حصو به ساڳي طرح قلمبند ٿيڻ گهرجي، ته جيئن سندس احوال مڪمل ٿي سگهي. اميد ته محمد علي پٺاڻ ان کي ضرور مڪمل ڪندو.

ڪتاب جو ٽائيٽل ڪپتان ابڙي ڊزائن ڪيو آهي ۽ ڪمپوزنگ علي بخش پٺاڻ جي ڪيل آهي. قيمت چار سئو رپيا اٿس.ھي خوبصورت ڪتاب ڪونج اڪيڊمي/پيڪاڪ پبلشرس پاران ڇپرايو ويو آهي. صفحا ھڪ سئو اُڻويھَ ۽ ارپنا محترم منظور مارفاڻيءَ جي نالي ڪيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.