ڏٺو وڃي ته مڇي جي شڪار لاءِ سوين ھوڙا سمنڊ ۾ نڪري پوندا آھن انھن مان ڪڏھن قسمت سان ھوڙن ۾ سوار ماھيگيرن کي پلا مڇي به ملي ويندو آھي جنھن سان انھن ماھيگيرن جون زندگيون بدلجي وينديون آھن اھا ملاحن جي قسمت جي ڳالھه آھي مھينن جا مھينا سمنڊ اندر مڇي جي شڪار لاءِ ويل ھوڙن تي سوار ملاحن وٽ نه موبائل جا سگنل ڪم ڪندا آھن ۽ نه ئي وري انھن ماھيگيرن کي وٽ وائرليس جي سھولت موجود آھي جو ھو ھڪٻئي سان رابطي ۾ رھن ۽ خطرن بابت ھڪٻئي کي آگاھ ڪن ، اڪثر سامونڊي طوفانن سبب ڪيئي ھوڙا سمنڊ ۾ ڪلٽي ٿيندا آھن سو ھن ڀيري به ايئن ئي ٿيو آھي.
سامونڊي تيز ھوا جي ڪري اسد نالي ھوڙو سمنڊ ۾ ڪلٽي ٿي پيو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 40 ماھيگيرن جو جٿو سوار ھو، انھن ماھيگيرن کي ھي واقعو ڇاڻ ڪريڪ وٺ پيش آيو آھي تيز ھوا سبب ماھيگيرن جو ھوڙو ڪلٽي ٿيو ، ڇاڻ ڪريڪ سمنڊ جي ھڪ علائقي جو نالو آھي جيڪو ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر جي وچ ۾ آھي ڇاڻ ڪريڪ کان ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي جو ھوڙن تي سفر تقريبن پنج ڪلاڪن جو آھي پر بدقسمتي سان اسد نالي ھوڙو نه ڪيٽي بندر پھچي سگهيو ۽ نه ئي وري واپس ڪراچي پھچي سگھيو ، وچ سمنڊ يعني ڇاڻ ڪريڪ وٺ اسد نالي ھوڙا ۾ سوار ماھيگيرن سان ھي واقعو پيش آيو آھي.
وڏي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھه اھا آھي ته ٻين ھوڙن تي سوار ماھيگيرن اھو سڄو منظر پنھنجي اکين سان ڏٺو پئي پر انھن جي مدد ڪونھ ڪئي، اھي انھيءَ انتظار ۾ ھئا ته ڪڏھن ٿو ھوڙو ٻڏي ايستائين جو انھن ٻڏندڙ ھوڙي جي ويڊيو پئي ٺاھي ،جيڪڏهن ٻين ھوڙن وارا ماھيگير ويڊيو ٺاھڻ ۽ تماشو ڏسڻ بجاءِ انھن جي مدد ڪري اسد نالي ھوڙو مان ڪجهھ ماھيگير ۽ سامان پنھنجي ھوڙن ۾ رکن ھا ته ھي ھوڙو ڪونھ ٻڏي ھا ، چوندا آھن ته جيستائين اوھان بيمار آيو توھان جي طبيعت پڇڻ ڪوئي ڪونھ ايندو ۽ جڏھن توھان ھن دنيا کي رخصت ڪندا وي ته پوءِ جنازي ۽ دفنائڻ لاءِ قافلن جا قافلا پھچي ويندا، ساڳي ريت اسد نالي ھوڙو ۾ سوار ماھيگيرن سان به ايئن ئي ٿيو آھي جڏھن ھوڙو ٻڏڻ وارو هو ته سڀني پئي ڏٺو ۽ ويڊيو پئي ٺاھيو جڏھن ڏسندي ڏسندي ھوڙو ڪلٽي ٿيو ته يڪدم ٽي کان چار ھوڙا پھچي ويا جن انھن ماھيگيرن جي مدد ڪري ٻٽيهھ کان ٽيٽيهھ ماھيگرن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جنھن سبب انھن جي جان بچي آھي پر ھن مھل تائين 7 کان 8 ماھيگير ڪونھ ملي سگھيا آھن جن جي ڳولا جاري آھي پر لڳي ڪونھ ٿو جو اھي ملي سگھن ، جيڪڏهن مليا به ته انھن مان بچڻ جو آسرو تمام گھٽ آھي پر ماھيگير تارو آھن ممڪن آھي پنھنجي مدد پاڻ ڪيٽي بندر جي ھوڙن جي لينڊنگ واري جاءِ تي پھچن پر ائين مشڪل آھي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ھوڙي تي سفر ڪري ڪيٽي بندر پھچي تڏھن به ڇاڻ ڪريڪ کان ڪيٽي بندر تائين انھن کي پنج ڪلاڪ لڳندا ، ماھيگير ايڏا سگھارا ڪونھ آھن جو ڪيٽي بندر جي ليڊنگ واري جاءِ تي سو به پنھنجي مدد پاڻ ترندي پھچن ائين ٿي نه ٿو سگھي، ھوڙن تي جيڪي ماھيگير سوار ھئا انھن جو تعلق ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي ڪڪڙ جي چاري لاءِ استعمال ٿيندڙ مڇي پڪڙڻ لاءِ سمنڊ ۾ روانا ھئا جن سان ڇاڻ ڪريڪ وٽ ھي حادثو پيش آيو آھي پر افسوس انتظاميا اسد نالي ھوڙو ۾ سوار ماھيگيرن جي جان بچاءَ لاءِ ڪا تڪڙي دلچسپي ڪونھ ڏيکاري آھي.
جڏھن سوشل ميڊيا تي ھوڙي جي ڪلٽي ٿيڻ جي خبر ۽ ويڊيو ھلي تڏھن ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي وارن پنھنجا جھاز ۽ ٽوٻا ابراھيم حيدري کان واقعي واري ھنڌ روانا ڪيا ڇاڻ ڪريڪ کان ابراھيم حيدري جو مفاصلو تقريبن پنج ڪلاڪن جو آھي مطلب انھن کي پنج ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پھچڻ تائين لڳندا پوءِ اھي انھن ماھيگرن جو جانيون ڪئين بچائي سگهندا، صحيح چوندا آهن ته سرڪاري ملازم پوليس ، ھجي يا سيڪيورٽي اھي، وقت تي واقعي واري ھنڌ ڪونھ پھچي سگھندا آھن بس پوءِ انسان پنھنجي مدد پاڻ ھڪٻئي جي بچائڻ جي گھربل ڪوشش ڪندا آھن پر حياتي ۽ موت منھنجي رب جي ھٿ ۾ آھي پر جيڪڏهن ھي ھوڙو يورپين ملڪن جي ڪنھن ملڪ جو ھجي ھا ته ائين ھرگز نه ٿئي ۽ ايترو انھن ملاحن جو نقصان به ڪونھ ٿئي ھا .
جڏھن سوشل ميڊيا تي ھوڙي جي ڪلٽي ٿيڻ جي خبر ۽ ويڊيو ھلي تڏھن ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي وارن پنھنجا جھاز ۽ ٽوٻا ابراھيم حيدري کان واقعي واري ھنڌ روانا ڪيا ڇاڻ ڪريڪ کان ابراھيم حيدري جو مفاصلو تقريبن پنج ڪلاڪن جو آھي مطلب انھن کي پنج ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پھچڻ تائين لڳندا پوءِ اھي انھن ماھيگرن جو جانيون ڪئين بچائي سگهندا، صحيح چوندا آهن ته سرڪاري ملازم پوليس ، ھجي يا سيڪيورٽي اھي، وقت تي واقعي واري ھنڌ ڪونھ پھچي سگھندا آھن