پر ايئن ٿي نه سگهيو

تحرير: امر جليل

هيءَ هڪ پراڻي ڪهاڻي آهي. پر ايتري پراڻي بھ ناھي جو  توهان مھاتما گوتم ٻڌ جي دور کي اٿلائڻ پٿلائڻ ويهي رهو. ھي اسان جي پنهنجي تاريخ جي ناپيد ڪهاڻي آهي. ان نوعيت جون  نھ ڄاڻ ڪيتريون ڪهاڻيون تاريخ جي صفحن مان ميسارجي چڪيون  آهن. اڄ مان توهان کي اهڙي ئي هڪڙي گم ٿيل ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ ڪيڏانهن نه پيو وڃان. هتي توهان جي سامهون ويٺي، مان توهان کي ڪهاڻي ٻڌايندس . توھان مون کان نه پر ڪنهن کوجي کان پڇو تھ، ان نوعيت جون ڪهاڻيون اسان جي تاريخ جي پنن مان ڇو غائب ٿي وينديون آھن.سو توھان مون کان رڳو ڪهاڻي ٻڌو. ڪهاڻي جي صداقت جي باري ۾ توھان مون کان ڪجھه نھ پڇو. سچ ۽ ڪوڙ جي معاملي ۾منهنجي ساک ڪافي تڪراري آهي. اهو درست آھي ته مان عام گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهيان. توھان مون کي پيدائشي ڪوڙو به سڏي سگهو ٿا. پر منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، مان ذائقو بدلائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سچ بھ ڳالھائيندو آهيان. اها الڳ ڳالهه آهي ته خدا جا نيڪ بندا، خدا کي حاضر ۽ ناظر ڄاڻي منھنجي ڪنهن  ڳالهه کي سچ قبول نٿا ڪن.جيڪڏھن توھان جو ڳاڻيٽو اھڙن ماڻھن جي پھرين صف وارن ۾ ٿئي ٿو ، جيڪي مونکي سچ ۽ سچائي جو منحرف مڃين ٿا.تھ پوءِ توھان پنھنجو قيمتي وقت اڄ جي ڪھاڻي پڙھڻ ۾ضايع نه ڪجو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج وڃي ڪري شيئر خريد ڪريو ۽ وڪڻو. اهو ئي ڪم ڪجهه عرصو اڳ تائين گهوڙي ڊوڙ وانگر جوئا مڃيو ويندو ھو ۽ جوئا سمجهيو ويندو هو. هاڻي اهي ٻئي ڪم رزق حلال ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. جوئا وانگر ھن ڪم ۾ ڪڏهن توهان کي نقصان ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن فائدو. توهان”وٺي ڇڏيو ۽ ڏئي ڇڏيو“ جي رڙين ۽ گوڙ ۾ زندگيءَ  گذاري  ٿا ڇڏيو.تمام وڏو فائدو ٿيو تھ ، توهان وڏو جشن ملھائيندا آهيو. جيڪڏهن تمام گهڻو نقصان ٿيو تھ توهان خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهيو. اڳيئيءَ تي خاڪ وجھندا آھيو  يعني پنجابي چوڻيءَ موجب مٽي وجھندا آھيو.

توهان هيءَ پراڻي ڪهاڻي وڏي دل ڪري ٻڌو ۽مڃيو ته دنيا ۾ هر ڪوڙو ماڻھو ڪڏهن نھ ڪڏهن سچ ڳالهائيندو آهي ۽ دنيا ۾ هر سچو ۽ کرو ماڻهو ڪڏهن نھ ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڇڏيندو آهي.ھڪ ڀيرو وري ورجائي ٿو ڇڏيان تھ ھي پراڻي ڪهاڻي گوتم ٻڌ جي دور جي ناهي. گوتم ٻڌ جي دور ۾، توهان پنهنجي ملڪ تي مارشل لا نه لڳايو ها.ماڻھن کي سرعام ڪوڙا نه ھڻو ها، هي روداد تازي آهي، اسان جي پنهنجي آهي. اسان وٽ آئي ڏينھن مارشل لا لڳندي رھندي آھي ۽ ماڻهن کي نيڪ ۽ پرهيزگار بڻائڻ لاءِ ڪوڙا بھ هنيا وڃن ٿا. ماڻهو تيزي سان نيڪ ۽ پرهيز گار ٿي رهيا آهن.

اوهان ڪھاڻي ٻڌو. پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ رڪارڊ ٽوڙ ڌانڌلي جنرل ايوب خان ۽ محترمه فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي اليڪشن دوران منظر عام تي آئي ھئي.صدارتي چونڊن جي نتيجي سڄي پاڪستان کي ڌوڏي ڇڏيو ھو. ڪنهن اهو سوچيو بھ نھ هو ته قائداعظم جي ڀيڻ مادر ملت محترمه فاطمه جناح پاڪستان ۾ ڪنهن کان  اليڪشن ۾ هارائي سگهي ٿي. پر هوءَ جنرل ايوب خان کان اليڪشن ۾هارائي وئي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو حصو اوڀر پاڪستان مادر ملت سان گڏ هو. سنڌ مڪمل طور تي ھن سان گڏ هئي. اڌ پنجاب ۽ سڄو بلوچستان مادر ملت جو حامي هو، پر هوءَ چونڊون هارائي وئي. ماڻهو حيران،پريشان ۽ دنگ رھجي ويا. هنن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پاڪستان ۾ غير متوقع ، اوچتو ڇا ٿي رھيو ھو. ڇا پاڪستان ۾ ايندڙ وقت لاءِ ڪو امڪاني ٻج ڇٽيو پئي ويو ؟  قوم پاسو بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت مان  اڌتتر،اڌ ٻٽير ھوس. يعني مان افسانا ۽ ڊراما لکندو هوس ۽ ھڪ اخبار لاءِ ڪم ڪندو هوس. اسان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪندڙن اسان کي باور ڪرائيندا ھئا تھ پاڪستان جن ٿنڀن تي بيٺل آهي، تن مان  هڪ ٿنڀ صحافي ڀائرن جو آهي. اها ڳالھھ ٻڌڻ کانپوءَ  اسان پنهنجي اهميت محسوس ڪرڻ لڳاسين. اسان ڇرڪي جاڳي پياسين.ڪاش اسان کي پنھنجو اندازو لڳائڻ جي لاءِ تڏھن جھنجھوڙيو وڃي ھا،جڏھن ايوب خان  پھريون ڀيرو پاڪستان کي مارشل لا جو  مزو چکايو ھو.دير آيد درست آيد،اسان فيصلو ڪري ڇڏيو تھ ان ئي ڏينھن کان اسان جنرل ايوب خان جي خلاف شيھي جي  ديوار وانگر ڄمي بيھنداسين . ان کي اخبارن ۾ ڪوريج نه ڏينداسين.ان جي خبرن کي اخبار ۾جاءِ  نه ڏينداسين .سندس روزاني جي پريس ڪانفرنسن کي اهميت نه ڏينداسين.بلڪه سندس پريس ڪانفرنسن جو بائيڪاٽ ڪنداسين. پاڪستان ڪنھن جي جاگير ناهي،جو ان تي سياستدان نسل در نسل حڪومت ڪندا رهندا.

انهن ڏينهن ۾ جنرل ايوب خان پنهنجي پٽ کي يعني گوهر ايوب خان کي مستقل ۾ پاڪستان جي حڪمران بڻائڻ جي لاءِ سياست ۾ ڇڪي و ٺي آيو ھو. اسان جنرل ايوب خان سان گڏ سندس پٽ گوهر ايوب خان خلاف ڪمانون تاڻي ورتيوسين. ان زماني ۾ ٽيليويزن جو مان مٿاھون ھو.ڏئي وٺي  اخبارون هيون، جن ذريعي سياستدان عوام تائين پهچي سگھندا هئا. اسان انهن لاءِ سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا. ايوب خان ۽ سندس حامين طرح طرح جا حيلا بھانا ڪري سان کي کٽڻ  ۽حڪومت خلاف نرم رويي رکڻ لاءِ سمورا پتا ميز تي رکي ڇڏيا.پر اهي پاڪستان جي مضبوط ٿنڀي کي ڊاهڻ ۾ ناڪام رھيا. گوهر ايوب خان کي مناسب پبلسٽي نه ملي سگهي. هو سياست ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جڳهه ٺاهي نه سگهيو. هن پنهنجي اولاد کي سياست کان پري رکي ڪري ڪاروبار ۾ لڳائي ڇڏيو.

اسان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏھن پاڪستان جو ڪو ٿنڀو حڪومت کي ٽوٽا چٻائڻ جي ڪوشش ڪري تھ اھو ڪوشش ڪري سگھي ٿو ۽ پنھنجي ڪوشش ۾ ڪامياب بھ ٿي سگھي ٿو. مون کي فخر آهي ته مان جڏهن اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽير هوس، تڏهن اسان فيلڊ مارشل ايوب خان کي مڪمل طور ناڪام ڪري ڇڏيو  هو.

اسان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏھن پاڪستان جو ڪو ٿنڀو حڪومت کي ٽوٽا چٻائڻ جي ڪوشش ڪري تھ اھو ڪوشش ڪري سگھي ٿو ۽ پنھنجي ڪوشش ۾ ڪامياب بھ ٿي سگھي ٿو. مون کي فخر آهي ته مان جڏهن اڌ تتر ۽ اڌ ٻٽير هوس، تڏهن اسان فيلڊ مارشل ايوب خان کي مڪمل طور ناڪام ڪري ڇڏيو  هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.