اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ جي پس منظر ۾ اسرائيلي جنگي ڪابينا جو ميمبر بيني گينٽس هن وقت ڳالهين لاءِ آمريڪا جي دوري تي پھتل آهي. مختلف رپورٽن موجب ھو اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کان بنا اجازت جي آمريڪا پھتو آھي.
بيني گينٽس اسرائيلي فوج جو هڪ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل آهي، جنهن مئي 2020 کان ڊسمبر 2022 تائين ملڪ جي دفاع واري وزير طور پڻ ڪم ڪيو. حماس سان جنگ جي شروعات ۾ اسرائيلي وزير اعظم نتن ياهو ھن کي پنهنجي جنگي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ھو.
گينٽس جي سياسي پارٽي نيشنل يونٽي پارٽي موجب ھو آمريڪا جي دوري دوران 4 آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس ۽ صدر جو بائيڊن جي قومي سلامتي واري صلاحڪار جيڪ سليوان سان ملاقات ڪري رھيو آھي.
ھو ان بعد آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سان پڻ ملاقات ڪندو. اسرائيلي سياستدان پنهنجي آمريڪي دوري جي شروعات آچر 3 مارچ کان ڪئي، جڏهن هن آمريڪي اسرائيلي پبلڪ افيئر ڪميٽي جي آفيسرن سان ملاقات ڪئي ھئي.
بيني گينٽس اهڙي وقت ۾ آمريڪا جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ گذريل سال 7 آڪٽوبر کان هلندڙ جنگ ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي فيصلن سبب آمريڪا ۽ اسرائيلي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. انهيءَ ڇڪتاڻ جو سبب اسرائيل پاران فلسطيني علائقي غزه ۾ شهري جاني نقصان کي گهٽائڻ لاءِ قدم نھ کڻڻ آھي.ٻئي پاسي نتن ياهو غزه ۾ جنگ جي خاتمي کانپوءِ غزه جي پٽي تي مستقبل حڪومت جو منصوبو آھي.
گينٽس جي دوري جو اهم پاسو ھي آهي ته هن ظاهري طور تي اسرائيلي وزيراعظم بينجن نتن ياهو کان اڳواٽ اجازت نه ورتي هئي.عالمي ميڊيا ۾ ان کي اسرائيل جي حڪومت اندر پيل وڏو ڏار قرار ڏنو پيو وڃي.
ھن وقت تائين هڪ سئو کان وڌيڪ اسرائيلي يرغمالي حماس جي تحويل ۾ آهن ۽ انهن جي وارثن جو نتن ياهو حڪومت تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي.
آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس گهٽ ۾ گهٽ ڇهن هفتن جي مدي لاءِ غزه ۾ ’فوري جنگبندي‘ ٿيڻ گھرجي.ٻئي پاسي يرغمالين جي وارثن کي شڪايت آهي ته نتن ياهو حڪومت سندس يرغمالين جي زنده واپسي لاءِ ڪجهھ نھ ڪري رھي آھي.
ميڊيا موجن نتن ياهو جي لڪود پارٽي جي هڪ سينيئر عهديدار موجب وزير اعظم نت نياهو جي بيني گينٽس سان ”سخت گفتگو“ ٿي آهي. جنهن ۾ نيتن ياھو، ھن کي مخاطب ٿيندي چيو تھ اسرائيل ۾ ”رڳو ھڪ ئي وزيراعظم“ آهي.
اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ لڳ ڀڳ پنجن مهينن کان هلندڙ جنگ سبب اسرائيل ۽ لبنان جي سرحدي علائقن ۾ پڻ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته لبنان ۾ ايران نواز حزب الله مليشيا پاران حماس ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ اسرائيل جي سرحدي علائقن ۾ حملا ۽ اسرائيل طرفان جواب ۾ لبنان ۾ ڪيل هوائي ڪارروايون آھن.ان پس منظر ۾ آمريڪا انتظاميا لبنان سان رابطو ڪري ڇڪتاڻ گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.