شهبازشريف، سينسرڊ تقرير ۽ عوام جي مفاد جو سوال

تحرير: رياض ابڙو 

جيئن ننڍپڻ ۾ هر ٻار هر شيءِ کي ٽيسٽ ڪندو آ، پر جڏهن وڏو ٿيندو آ، ته اهي سڀ عادتون ڇڏي ويندو آ، مثال ٻار کي جيڪڏهن پين، پينسل، ڪاغذ، مٽي، ڀتر يا ڪو پٿر ملندو آ ته اهو ٻار ان کي ٽيسٽ ضرور ڪندو، وات ۾ وجهندو. پر جڏهن وڏو ٿيندو آ، تڏهن ان ٻار کي شين جي ٽيسٽ جي خبر پئجي ويندي آ، ته ڪهڙي شيءِ مٺي آ، ڪهڙي شيءِ کٽي آ ۽ ڪهڙي شيءِ ڪوڙي آ. ايئن هن ملڪ جي ادارن، اسٽبلشمينٽ ۽ سول بيورڪريسيءَ کي اها ٽيسٽ سمجھ ۾ اچي وئي آ ته ڪهڙو حڪمران هلي سگهندو، ڪنهن مان ڪيتري اميد رکي سگهجي ٿي، ڇو ته سرڪاري مال دشمن جو مال هوندو آهي ۽ ٻيو مال مفت ۽ دل بي رحم. ان ڪري سسٽم هاڻي صفا اونڌو ۽ انڌو ٿي ويو آهي، توڻي جو عسڪري اسٽبلشمينٽ جا ”ٽيسٽ بَڊس“ به تبديل ٿي ويا آهن، انهن رياست جي دوستيءَ جي نالي ۾ عوام سان دشمني ڪرڻ شروع ڪئي آهي. رياست مان احساس نالي شيءِ ناهي رهي، ڇو ته جيڪو غريب عوام آ، اهو انهن اميرن جي غلط پاليسين جي ڪري آزار ۾ آ. وري انڌ اهو به آهي ته جنهن شخص کي جيل جا منهن ڏسڻا هيا اهو ٻيو دفعو وزيراعظم ٿي ويو ۽ جيڪو وزيراعظم هو اهو جيل ڀيڙو ٿي ويو. جنهن شخص جي خلاف هڪ ڪيس به نه هيو ان جي خلاف درجنين ڪيس جڙي ويا. هاڻي ڪيئن چئون ته ڪير ڏوهي آهي يا ڪير ڏوهي ناهي؟ ڪير ملزم آ، يا ڪير مجرم آ؟

پر اها ڳالھه هاڻي سڀ سمجهن ٿا ته رياست جي آشيرواد کانسواءِ سياست نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو ته جيڪي ماضي جي پي ڊي ايم ٺاهڻ وارا هيا اهي به هاڻي ويٺا ٿا روڊ ڪَڇَن، جيئن مولانا فضل الرحمٰن. ۽ جيڪو اهي سڀ سمجهوتا ڪري ويندو يا ان ڊائيلاگ جو حصو به هيا ته اهو ان مسند تي ويٺا آهن، ان ڪري هر سياسي شخص هيٺين ليول جي بجاءِ مٿين ليول تي پنهنجا رابطا سٺا رکي، نه ته دال نه ڳرندس، پوءِ ڀلي ڪرائي جا ڪرائوڊ (رينٽ اي ڪرائونڊ) ميڙي جلسا ڪري پاڻ کي بي ڏوهو ثابت به ڪري پر ورندو ڪجھه  به نه.

مرڪز کي ان ڳالھه جو به درد آهي ته زرداري صاحب جي دور ۾ صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ مان 60 سيڪڙو مليا پر هيل شهبازشريف جي پهرين تقرير مان اها ڳالھه سمجهھ ۾ آئي ته اهي شخصيتون جيڪي لڪل ڊائيلاگ ڪن ٿيون، انهن وٽ سڀ کان پهرين مرڪزيت واري ڳالھه رکي ٿي وڃي. جنهن ۾ اهي سڀ لکي ڏئي ٿا اچن ته عوام جي ڀلي جو هيل ڪجھه  به نه ڪندا. اهو به طئي آهي ته هيل پگهاردار ۽ غيرپگهاردار ماڻهن تي به ساڳي ٽيڪس لڳندي. جيڪي هاڻي 7 لکن واري ”ٽيڪس سليب“ مان اچي ٿا اهي واپس 5 لکن واري ”ٽيڪس سليب“ ۾ ايندا. مثال جيڪي ماڻهو ساليانو 5 لک ڪمائين ٿا (معني رڳو 50 هزار پگهار ماهوار) ته اهي ملازم به هاڻي ٽيڪس ڀريندا ۽ جيڪي غيرپگهادار آهن اهي به ٽيڪس ڀريندا. ان ڪري شهبازشريف ان ڀيري اهڙي ڪا شوبازي به نه ڪري سگهيو، جيڪا هن کي غيرجانبدار وزيراعظم ڪوٺرائي سگهي هان.

هاڻي اهو به چئي سگهجي ٿو ته واقعي هي ٻه سال به هلڻ جهڙو به ناهي، اسان کي ان ڳالھه جو انتظار آهي ته هي رڳو اهو چئي ته اسان جي پويان ڪي ٻيا هٿ آهن جيڪي ڪم ڪرڻ نه ٿا ڏين. ڇو ته جتي جتي شهبازشريف مرڪز جي ڪم جو هوندو اتي اتي هن کي استعمال ڪندا ۽ جتي جتي هي مرڪز مان نڪري عوامي سياست ڪندو، اتي اتي هن جي مٿان مرڪز اها ڳالھه ڪري پنهنجون ڪاتيون تکيون ڪندو ته ڪرسي خالي ڪر. هن ڀيري شهبازشريف ايترو اعتماد وارو نه هيو جيترو جذباتي ۽ اٻهرو اپريل 2022 ۾ هيو. هن ممڪنا خدشن جي سبب پنهنجي چوڌاري عورتن جو حصار بڻايو هيو ته جيئن اهي ڪنهن خطري جي صورت هن جي حفاظت ڪري سگهن. ان ڪري سني اتحاد ڪائونسل جي وقتي اتحاد مان هن کي زبردست خطرو به هيو، هن ڄڻ هڪ خوف ۾ پنهنجي تقرير پوري ڪئي ۽ مخالف اڳوڻ عمرايوب جي تقرير اسٽيٽ جي ٽي وي چينل (پي ٽي وي) تان نشر نه ٿي، پر پرائيويٽ ٽي وي چينل ساڳي تقرير کي نشر ڪندا رهيا. (بهرحال اها حالت آ ملڪ جي ادارن جي جيڪي اظهار جي آزاديءَ جا قائل آهن، جيڪي چون ٿا ته ”بول کي لب آزاد هين تيري“ پر مٿان وري پابنديون به).

هتي هڪڙي ڳالھه ورجائجي ته بنگالين جي 6 نقاطي پروگرام ۾ سڀ کان بهترين ڳالھه اها به هئي ته مرڪز پاڻ وٽ رڳو دفاع ۽ فارين پاليسيءَ واري وزارت رکي باقي ٻيون سڀ وزارتون صوبن جو حق آهن، جنهن ۾ تعيلم جي وزير کان وٺي صحت جا وزير يا ڪي ٻيا وزير به جيڪي مرڪز جي ڪم جا ناهن (جيئن بلاول ڀٽو صاحب چيو) پوءِ وزارت جي مٿان وزارت ڇو؟ يا جڏهن اهي وزارتون صوبي جي چيف ايگزيڪٽو (وزيراعلي) کي رپورٽ ڪن ٿيون ته پوءِ مرڪز وٽ ڪا وزارت ٺهي ئي نه ٿي. ان ڪري مرڪز جي مضبوطي جي ڳالھه ڪندو ته معني عسڪري ادارا، اسٽبلشمينٽ، سول بيورڪريسي ۽ ڳجها ادارا مضبوط هوندا ۽ حڪومت ڪمزور يا صوبائي حڪومت پوءِ وري ڪنهن ڪم جي نه ٿي ته پوءِ عوام جي خدمت مان مراد ڇاهي؟.

حيرت اها به آهي ته هر حڪومت اچڻ سان ئي بلوچن جو درد ٻڌائيندي آ پر ڪندي ڪجھه  به ناهي ۽ سي پيڪ جا خواب ڏيکاري پنهنجي منهن خوش به ٿيندي آهي. پر هن ملڪ جا مسئلا بي تحاشا ٿي ويا آهن، جنهن ۾ رڳو بنيادي شين جو فقدان ناهي پر سڀ شيون کٽل ۽ کوٽيون ٿي ويون آهن، جيڪي هن ملڪ جي عام ماڻهن جي ڀلي ۾ ناهن. هي ساڳو ئي وزيراعظم آهي جنهن 16 مهينن واري حڪومت ملڻ شرط شوبازيءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا وڪڻڻ جي ڳالھه ڪئي هئي پر ڪيائين ڪجھه  به نه. هاڻي هن دفعي به اهي ڳالهيون ڪري ويو جنهن سان ملڪ جي اڪانامي ڀلي ٿيڻ واري ناهي، پر مهانگائي وڌندي، جنهن ۾ 18 سيڪڙو جي سي ٽي پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين تي واڌ هڪ مهانگائيءَ جو طوفان کڻي ايندي، پر ان سان روزگار جي ترت آمد ممڪن ناهي. هن شخص رڳو ان ڳالھه تي ضرور زور ڏنو ته ملڪ تي قرض گهڻو ٿي ويو آهي، ملڪ هاڻي بجلي ۽ گيس جي سرڪيولر ڊيٽس مان جان نه ڇڏائي سگهندو. ان ڪري 3800 ارب روپين واري ماهوار بجلي کپائي رڳو 2800 ارب ڪمائي سگهجن ٿا، ملڪي قرضن جي وياج جي شرح 8000 ارب روپين کان به وڌي وئي آهي، ان ڪري جيڪي صوبن کي اين ايف سي ايوراڊ جي ورڇ ۾ پيسا ملندا، انهن جي هيل پورت ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري سالياني بجيٽ جي پورت پوءِ به ممڪن نه ڪري سگهبي، ڇو ته اين سي ايوارڊ جي پيسن ڏيڻ کانپوءِ به 700 ارب روپين جي کوٽ رهندي. وري ملڪ جي سالياني اپت 12300 ارب روپيا آهي ۽ اين ايف ايوارڊ جا 60 سيڪڙو جي صوبن کي ڏنا ويا ته پوئتي 7300 ارب روپيا وڃي بچندا، ان ڪري حڪومت ڇا ڪري؟ وري هيل ته حڪومت تي اندريان ۽ ٻاهريان ڪُل 80000 ارب روپيا قرض آهي، معني ٿلهي ليکي شهبازشريف ائين چئي هان ته هيل اين ايف سي ايوارڊ جي پيسن جو آسرو نه ڪيو. هاڻي مرڪز جتي 300 ادارا خانگائيندو، اتي اندروني ضرورتن کي منهن نه ڏئي سگهندو، ان ڪري اها ڳالھه به مڃون ٿا هن کي جيڪا تقرير لکي ڏني وئي هئي، اها تقرير ”سينسرڊ“ هئي، هن اهڙو ڪو به لفظ نه ڳالهايو جيڪو عوام ۽ صوبن جي ڀلي جي لاءِ هجي ۽ جيڪو به چئي ويو اهو ان ڳالھه کي ظاهر پيو ڪري ته هي ملڪ (مرڪز) ايترو ته قرضي ٿي ويو آهي، جو صوبا به هاڻي مرڪز کي ڪجھه  ڏيڻ جو سوچين نه ته هي ملڪ آءِ ايم ايف جي هيل واري ”اسٽيڊ باءِ ارينجمينٽس“ ۾ ختم ٿي ويندو يا ڪٿي ڊفالٽ نه ڪري وڃي. ان ڪري ته ايترا ادارا خانگائڻ مان به هن ملڪ (مرڪز) جو ڀِڀُ نه ٿو ڀرجي ته پوءِ هي غريب صوبا ڇا ڪري سگهندا؟.

مرڪز وارا هيل ته اهڙ ليکا چوکا کولي ويٺا آهن، جنهن مان اهو سمجهجي ته مرڪز هيل صوبن کي ڪجھه  نه ڏيندو، پر رڳو ڦڏا ۽ سياسي فساد ڪرائيندو. مرڪز کي عوامي ڪم ياد ناهي، مرڪز پنهنجي مٿان بار لاهيندو ٿو وڃي، جو سي پيڪ جي صورت ادارا چائينا جي حوالي ڪندو ٿو وڃي، آمريڪي پاليسين کي پوئتي ڪندو ٿو وڃي، ان سلسلي ۾ ٽاپ ڊپلوميسي ڪرڻ به هيل مرڪز جي سياست ۾ شامل هوندو ۽ ٻيو ته جيڪي به آءِ ايم ايف جا معاهدا آهن، اهي رياست کي ڪمزور ۽ انتهائي قرضي ڪرڻ وارا آهن. جنهن ۾ گيس، بجلي ۽ پيٽرول جي مهانگي ڪرڻ واري ڳالھه هن رياست جي ترجيحن ۾ هوندي، ان کانسواءِ هنن جا دوڪان نه هلندا ۽ نه ئي هلائي سگهندا، جيڪي هي پهرين ئي طئي ڪري ويٺا آهن. دوڪان هلائڻ رڳو ان صورت ممڪن آهن ته مرڪز عوام جي مٿان ٽيڪس جا بار وڌائي، ماڻهن جي مٿان يوٽليٽي جي بلن جا بار وڌائي، ۽ روئي پِٽي جان ڇڏائي ته هي ملڪ قرضي ٿي ويو آهي. پر انهن کان اهو سوال ڪجي ته اهو سڀ قرضي ڪاڏي ٿو وڃي، جو عام ماڻهو هاڻي ته يوٽلٽي بلن جي صورت ٽيڪس ڀري ڀري آءِ ايم ايف جا بُهُرَ ٿو ڀري، پر آخر ڪيستائين عوام سان ائين مهانگائي ۽ قرضن جي عيوض راند رچائيندا رهندا ۽ عوام جي چيلھه چٻي ڪندا رهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.