ڪراچي (رپورٽر) حجامڙو ڪريڪ وٽ مهاڻن جي ٻيڙي کليل سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، ٻڏي ويل ٻيڙي ۾ 50 ماڻهن جي سوار هجڻ جا اطلاع سامهون اچي ويا، مقامي ماهيگيرن پنهنجي مدد پاڻ تحت 32 مهاڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته 8 جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي، ٻيڙي ۾ سوار مهاڻن جو تعلق ابراهيم حيدري سان ٻڌايو پيو وڃي، علائقي واسين موجب الاسد نالي هوڙو مڇي جي شڪار دوران تيز هوائن سبب اونڌو ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ڀرسان گذرندڙ ٻئي هوڙي جي ملاحن ٻڏندڙ 32 مهاڻن کي بچائي ورتو جڏهن ته 8 مهاڻن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حجامڙو ڪريڪ ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ وارو علائقو آهي ٻيڙيءَ جي لينڊنگ واري جاءِ ڪراچي کان پنج ڪلاڪ پري آهي، سامان سان ڀريل ٻيڙي کي تيز هوائن سبب حادثو پيش آيو، ٻئي پاسي ابراهيم حيدري ٽائون جو چيئرمين نظير احمد ڀٽو, اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري ڊاڪٽر سارا ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سمنڊ ۾ ٻڏي ويل مهاڻن مان 28 مهاڻن کي ريسيڪيو ڪرڻ بعد ابراهيم حيدري پهچڻ تي سندن خيريت معلوم ڪئي ۽ کين طبي امداد ڏياري مالي سهائتا ڪرڻ بعد کين گهر ڀيڙو ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو ۽ اسسٽٽ ڪمشنر ڊاڪٽر سارا چيو ته سمنڊ ۾ ٻڏي ويل 28 مهاڻا ابراهيم حيدي پهچي ويا آھن جن مان هڪ ٻه مهاڻا زخمي ٿيا هئا جن کي طبي سهولت ڏئي گهر موڪليو ويو، ٻئي پاسي مهاڻن موجب، رات دير سان حادثو ٿيو، مدد لاءِ پُڪاريو پر ڪنهن مدد نه ڪئي، شڪار تي آيل مهاڻن مدد ڪئي، جنهن جي ڪري سڀ جا سڀ ماڻهو بچي ويا آهن.