وڏي وزير مراد علي شاهه کي هاڻي گڊ گورننس ڏيکارڻي پوندي

هاڻي جڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جون ڪابينائون ٺهڻ لڳيون آهن ته حڪمرانن کي درست ۽ قابل ماڻهن کي وزارتون ڏيڻ جو سوچڻو پوندو. اهو چوڻ ۾ ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي ته حڪمرانن کي سٺي ڪابينا جوڙڻ جو چوڻو پئي ٿو پر ڇا ڪجي، اسان وٽ وزارتون ورهائڻ جو به ڪو معيار ناهي. جڏهن ته عام ملازمتن لاءِ اپلاءِ ڪندڙ اميدوارن جون بايو ڊيٽا گهرائي ٽيسٽون وٺي سوچي ويچاري پوءِ کين ملازمت ڏني ويندي آهي پر  هيڏين وڏين وزارتن لاءِ ڪو مستند طريقي ڪار ناهي. بس پارٽي جي سربراهه جي مرضي آهي ته جنهن کي وزارت ڏئي ڇڏي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ڪنهن به وزارت لاءِ ان شعبي جي ماهر ماڻهوءَ  کي مقرر ڪيو وڃي، ان جو پروفائيل پوءِ اخبارن ۽ ميڊيا ذريعي  عوام آڏو رکيو وڃي ته سندس هن تعليم، مهارت، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي عيوض کيس هيءَ وزارت ڏني وئي آهي. ٻيو ته جنهن به مرد يا عورت کي ڪا وزارت ڏني وڃي يا ڪنهن عهدي جو سربراهه بڻايو وڃي ته ان کان پروگرام يا منشور ورتو وڃي. جنهن مان اندازو ٿي سگهي ته هن وٽ وزير يا ڪنهن اداري جي سربراهه طور ڪم ڪرڻ جو ڪهڙو  منصوبو آهي ۽ ان منصوبي يا مشن تي پورو لهڻ جو وٽس ڪهڙو طريقي ڪار آهي ان روشني ۾ ئي پوءِ ڪنهن شخص کي وزارت جهڙي انتهائي اهم منصب تي ويهارڻ جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو.

سو ڏسجي ته ڪابينا جوڙڻ به ڪنهن وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن لاءِ چئلينج کان گهٽ ناهي. پر اسان وٽ ان معاملي کي يعني ڪابينا جوڙڻ کي نٿو لڳي ته هڪ چئلينج يا مشن طور ورتو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو وزارتون وٺي گم ٿي ويندا آهن، ميدان تي نظر ناهن ايندا.

حقيقت ته اها به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ وقت ناهي، عوام جي خدمت جو ڪو پروگرام يا منشور ناهي، ڪا چئلنيج نٿو سمجهي ته پوءِ ان کي نه چونڊون وڙهڻ گهرجن، نه حڪومت ۾ اچڻ گهرجي. ان کان بهتر آهي ته اهو انهن ماڻهن يا جماعتن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏئي جن وٽ عوام جي خدمت جو ڪو جذبو هجي. ڪو پروگرام ۽ مشن هجي.  مثال طور سنڌ جي وڏي وزير کي اهو سمجهڻ گهرجي ته حڪومت چئبو ئي ان اٿارٽي کي آهي جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري سگهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪري سگهي، بدامني، ڦرن ۽ ڌاڙيلن جي وارداتن کي مڪمل طور تي ٻنجو ڏئي سگهي.

سيد مراد علي شاهه جيتوڻيڪ ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيو آهي پر هو ماضيءَ ۾ گڊ گورننس نه ڏيکاري سگهيو آهي. سندس حڪومت ۾ لاقانونيت اوج تي هئي باوجود ان جي ته جڏهن کيس وڏ وزارت ملي هئي ته مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت هئي ۽ ان حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تحت سڄي ملڪ ۾ مثالي امن قائم ڪري ڏيکاريو هو. سنڌ ۾ به ان نيشنل ايڪشن پلان سبب مڪمل طور امن آيو هو. دهشتگردي به ختم ٿي ته ڌاڙيلن جي وارداتن کي به ٻنجو آيو ته اسٽريٽ ڪرائيم کي به ڪاپاري ڌڪ لڳو هو. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته نواز شريف جي پهرين حڪومتي دور ۾ ئي سنڌ ۾ ڌاريلن خلاف يادگار آپريشن ٿيو هو. پر پ پ جي سنڌ حڪومت ۾ امن قائم ڪرائڻ م ڪو سگهارو نيٽ ورڪ ڪڏهن به نظر ناهي آيو.

ڇا ٽيون ڀيرو ٿيندڙ سنڌ جي وڏي وزير جي ذهن ۾ هاڻي ڪو اهڙو مشن يا پروگرام آهي ته صوبائي وزير ڪنهن اهڙي شخص کي بڻائجي جيڪو سنڌ مان بدامني کي نيشنل ايڪشن پلان  وانگر صفا ختم ڪري ڇڏي. ڇا وڏي وزير وٽ موبائيل فونن جي ڦرن کي روڪڻ جو ڪو پلان آهي. ڇا موبائيل فونن جي ڦرن خلاف به نيشنل ايڪشن پلان جهڙي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ڇا موبائيل ڦورن جو نيٽ ورڪ نيست ۽ نابود ڪرڻ جي وڏي وزير وٽ ڪا سنجيدگي آهي. جيڪڏهن سنجيدگي آهي ته پوءِ ان کي پنهنجي ٽين وڏ وزارت کي چئيلنج ڪري وٺڻي پوندي ۽ ان کي يادگار بڻائڻ لاءِ سگهاري ڪابينا جوڙڻي پوندي ۽ ڪابينا ۾ خاص ڪري گهرو وزارت اهڙي شخص کي ڏيڻي پوندي جيڪو سنڌ مان هر قسم جي بدامني ۽ خاص ڪري اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ جو پروگرام ڏئي.

هن وقت صورتحال اها آهي ته ڪير به ڦورن کان محفوظ ناهي. ماضي ۾ ڦورو سکڻي موبائيل ڦر ڪري هليا ويندا هيا پر هاڻي معمولي مزاحمت تي به ماڻهوءَ کي گولي هڻڻ ۾ دير نٿا ڪن. اهو لاڙو وڏي وزير مراد علي شاهه  جي گذريل وڏ وزارت واري دور ۾ متعارف ٿيو ۽ چوٽ به چڙهيو. سو هاڻي مراد علي شاهه جي اها ذميواري آهي ته هو موبائيل جي ڦرن جي نيٽ ورڪ کي ئي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڏيکاري.

عوام جي نظر ۾ اهو وڏو وزير، اهو گهرو وزير هيرو هوندو جيڪو سنڌ ۾ مثالي امن قائم ڪري ڏيکاري. جيڪڏهن نه، اهو ڪم اوهان نٿا ڪري سگهو ته پوءِ ظاهر آهي ته حالتون خراب کان خراب ئي ٿينديون وينديون. سو وڏي وزير مراد علي شاهه کي گڊ گورننس قائم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ بهترين قسم جي ڪابينا ٺاهي خاص ڪري تمام سٺو صوبائي گهرو وزير مقرر ڪرڻو پوندو جنهن جي مثال پهرين ذميواري موبائيل فونن جي ڦرن خلاف سخت ترين آپريشن ڪرڻ هوندو جنهن سان عام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ ان گهرو وزير ۽ پ پ حڪومت کي سٺن لفظن ۽ دعائن ۾ ياد ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.