ڪراچي ۾ 2 مهينن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 31 شهري قتل ٿي چڪا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ڏوهاري سرعام شهرين کي ڦري رهيا آهن، تفصيل موجب  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند پاران ڪيل اسٽريٽ ڪرائيم جي وارڌاتن ۾ گهٽتائي جي دعويٰ غلط نڪتي، سال 2024ع جي صرف شروعاتي 2 مهينن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 31 شهري قتل ڪيا ويا، سي پي ايل سي ذريعن مطابق  شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل چوري جون وارداتون  وڌي ويو آهن، جنوري ۽ فيبروري ۾ رڪارڊ ٽوڙ وارداتون ٿيون، هلندڙ سال شروعاتي 2 مهينن ۾ ڦر چوري، ڌاڙن، رتوڇاڻ، ڀتي ۽ اغوا عيوض ڀنگ جون 15 هزار کان وڌيڪ  وارداتون رپورٽ ٿيون، 2 مهينن اندر شهرين کان موبائل فون کسڻ  جون 4 هزار 3 سئو وارداتون داخل ٿيون، جنوري ۽ فيبروري ۾ 270 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ڪيون ويون، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي شهرين کان 45 کان وڌيڪ قيمتي گاڏيون کسيون ويون،.  شهرين کان هٿيارن جي زور تي 1565 موٽر سائيڪلون کسيون ويون، جڏهن ته 8 هزار 255 موٽر سائيڪلون چوري ٿيڻ جا و اقعا داخل ٿيا، شهرين ڦر جون 4 هزار 3 سئو شڪايتون داخل ڪرايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.