اسلام آباد(م ڊ)يورپ لاءِ پاڪستان ايئرلائنز جي اڏام بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن اٿارٽي نادر شفيع چيو ته پاڪستاني ايئرلائنز جي بحالي جو معاملو يورپي ايئرسيفٽي ڪميٽي جي مئي جي اجلاس ۾ شامل ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته پاڪستان سي اي اي جي قدمن تي به اجلاس ۾ غور ٿيندو، پي آءِ اي سميت تمام پاڪستاني ايئرلانئز جي يورپ جي بحالي لاءِ پر اميد آهن،
-
شيخ رشيد جو 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس سان ڪو تعلق ناهي، نيب رپورٽ
راولپنڊي(م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پاران اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان ۽ جسٽس مرزا وقاص رئوف تي ٻڌل بينچ ڪئي، نيب رپورٽ مطابق شيخ رشيد احمد جو 190 ملين پائونڊ ريفرنس ڪيس سان ڪو تعلق ناهي، عدالت ٻڌڻي اڄ اربع 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جو سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي هڪ ڪروڙ 10 لک روپين جو سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پاڪستان ڪسٽمز عملدارن مطابق جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي انٽرنيشنل آرائيول لائونج تي مقرر ڪسٽمز جي عملي دبئي کان عمارات ايئرلائن جي ذريعي اڏام اي ڪي 606 سان ڪراچي پهچندڙ نظام الدين نالي مسافر کي شڪ جي بنياد تي گرين چينل تي روڪي ان سان گڏ سامان بابت پڇاڻو ڪيو ته سندس سامان ۾ ڪائي پابندي پيل ۽ ڊيوٽي ادائگي جوڳيون شيون به موجود ناهن مسافر اهڙين شين بابت انڪار ڪيو، جواب تي غير مطمئن ٿيڻ تي مسافر جي سامان جي اسڪيننگ ڪئي وئي ته سندس سامان ۾ سون جي زيورن جي نشاندهي ٿي جنهن تي مسافر جي سامان تي ڪسسٽمز جي عملي ايگزامينيشن ڪائونٽر تي منتقل ڪري مسافر جي موجودگي ۾ ان سامان جي تفصيلي جاچ پڙتال ڪئي ۽ ان کان سون بابت پڇاڻو ڪيو ته مسافر جوڳو جواب نه ڏيئ سگهيو،
-
ڪراچي ۾ باهه،2 دڪان سڙي رک،لکين رپين جو نقصان
ڪراچي (رپورٽر ) ايم اي جناح روڊ تي رهائشي عمارت جي دڪانن کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دڪان سڙي رک ٿي ويا. فائر برگيڊ موجب شهر قائد جي مصروف ترين ايم اي جناح روڊ تي جامع ڪلاٿ بس اسٽاپ ڀرسان رهائشي عمارت اقبال پلازه جي هيٺان بازار جي دڪانن ۾ باهه لڳي وئي. باهه جي شدت تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر ٽينڊر طلب ڪيا ويا. شروعاتي اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ فوم، ريگزين ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه جي شدت سبب ان کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي.