اسلام آباد (م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ سان ٻين سياسي پارٽين کي فائدو ٿيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجي تعداد کان وڌيڪ مخصوص سيٽون ملنديون، جمعيت علماءِ اسلام ف جي 7 قومي اسيمبلي ميمبر جي بدلي عورتن جون مخصوص 9 سيِٽون ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي ۾ ن ليگ جي 6 ايم پي ايز کي 7 عورتن جون سيٽون ملڻ جو امڪان آهي، ان کانسواءِ پيپلزپارٽي کي 4 قومي اسيمبلي ميمبر جي بدلي 5، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي جي هڪ ميمبر کي هڪ نشست ملڻ جو امڪان آهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پارليمينٽرينز کي 2 ميمبرن جي بدلي 3 عورتن جون سيٽون ملڻ جو امڪان آهي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اقليت جي 4 سيٽن ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف کي 2 سيٽون ملي وينديون، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي به اقليت هڪ هڪ سيٽ ملي ويندي، ياد رهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ڪل ميمبرن جو انگ 20 آهي. ۽ مخصوص سيٽون 30 آهن.