گهارو ۾ پوليس اهلڪار ناري کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ سوگهو

گهارو (عوامي آواز نيوز) گهارو ۾ پوليس اهلڪار گهر ۾ گهڙڻ ۽ ناري کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ سوگهو، گهاري ۾ پوليس اهلڪار کي پورهيت جي گهر ۾ گهڙڻ ۽ سندس زال کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ سوگهو  ڪيو ويو، ناري نظيران جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار صفور پنجابي گهر ۾ گهڙي لاڳاپا رکڻ لاءِ زور ڀريو ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪئي، متاثر ناري چيو ته رڙين تي پاڙيوارن پهچي اهلڪار صفور پنجابي کي سوگهو ڪري پوليس  حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ناري جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار مان خطرو آهي، هو تنگ ڪندو هو، جوابدار خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.