شعيب بڪڪ جي ڪتاب ” نيٺ ڇا ڪجي “ جو مختصر اڀياس

تحرير؛ امين جويو

محمد شعيب بِڪڪَ جو ھي ڪتاب ” مُرڪ پبليڪيشن“پاران سال 2022ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. ھي ڇپيل مضمونن جو مجموعو آھي،  جيڪي ھُن مختلف وقتن تي ”عوامي آواز اخبار“ ۾ لکيا آھن، جن کي سھيڙي ليکڪ ھي ڪتاب ترتيب ڏنو آھي.

ليکڪ پنھنجي ھن قلمي پورھيي جي ارپنا ھنن لفظن سان ڪئي آھي ته ؛ ” پنھنجي جيجل ماءُ رحيم جان جي نانءِ ، جيڪا شاھ لطيف جي رسالي جي پارکو ھئي“ .

شعيب بڪڪ جي ھن ڪتاب تي ؛ محمد يونس مھر ، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ امان الله شيخ پنھنجا ويچار ونڊيا آھن ، جيڪي ڏاڍا دلچسپ ۽ پڙھڻ جوڳا آھن. جڏھن ته ھن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي لافاني ڪردار سائين گُل حسن ڪلمتي لکيو آھي ، جنھن ۾ ھو لکن ٿا ته ؛ ” شعيب بڪڪ ۽ مان ڪراچيائي ۽ ڇابرو ھوندي به ھڪٻئي کي جنمن کان سڃاڻون ۽ ڄڻ ته اسان ھڪ ئي ڪُٽنب جا ڀاتي ھجون . شعيب سياسي ڪارڪن ھجڻ سان گڏ مختلف اخبارن ۾ مضمون به لکندو رھيو آھي.

ھي ڪتاب پڙھڻ سان سون ورني سنڌ ڌرتي جي انيڪ لھجن جي ھڪ حصي ” ڪوھستان جي شاھڪار ٻوليءَ جا لفظ ، ڪوھستان جو لوڪ ادب ، ريتون رسمون ۽ ثقافتي رنگ ملندا“ ھي سڀ تاريخي ليک آھن ، جن کي شعيب بڪڪ ھڪ دستاويز وانگر ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو آھي . ٻولين جي قدامت جو پتو  ، ٻوليءَ جي لفظن جي ذخيري منجھان پوي ٿو. شعيب به پنھنجن مضمونن ۾ اھڙا لفظ استعمال ڪيا آھن ، جيڪي گھڻن پڙھندڙن لاءِ نوان ھوندا . مثال ھن لفظ ” ڪونٽڙو ، ھٽ تال ، ڪاميسري ۽ اڻاسي وغيرھ استعمال ڪيا آھن.

شعيب کي سنڌ جي ڪوھستان واري عِلائقي سان ان جي تواريخي ماڳن سان عِشق آھي ، انھيءَ عِشق ۽ ڳوٺ جي ماحول شعيب بِڪڪ لکڻ ۽ قومي سياست ۾ سرگرم رھڻ تي مجبور ڪيو آھي. بحريا ٽائون جي والار خلاف ھو پھرئين ڏينھن کان اِنڊيجنس رائيٽس الائينس جي پليٽ تي ھڪ سپھ سالار وانگر سرگرم آھي. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ٿيندڙ احتجاجن ۾ پڻ ھو شريڪ رھيو آھي. شعيب بڪڪ جو ھي قلمي پورھيو پڙھندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن َضرور ڇڪائيندو“.

شعيب بِڪڪَ جو ھي ڪتاب ھڪ سئو ايڪونجاھ صفحن تي ٻڌل آھي ۽ ھن ۾ مختلف سياسي ، سماجي ، قومي ۽ ٻوليءَ جي موضوعن تي ھيٺيان ستاويھ عدد مضمون لکيل آھن؛

” ڪراچي شھر جو اصل نالو ، ٻروچ جي ڳالهھ ٻروچ کي جلدي سمجهھ ۾ ايندي آھي، ڪراچيءَ جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ سنڌي ماڻھوءَ جو ڪردار ، ڪنھن جي شِرَ ۾ ڪنھن جو خير آھي، اصل سنڌي ٻولي ڪوھستان ۽ جبل ۾ محفوظ آھي، ” ماسي“ لفظ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿيندڙ گوڙ ، قصو ” ڪُونٽڙي“ ڏُڪار جو ، نيٺ ڇا ڪجي ، قربانيءَ لاءِ آخر ننڍي ڪارڪن جي چُونڊ ڇو ؟ ، مذھبي انتھا پسنديءَ کي ختم ڪرڻ جو طريقو ، اچو ڙي سُورن واريون ، ڪريون سورَ پَچارَ ، ظالم يا محسن ، ميان صاحب ۽ سنھي گھٽي ، ڪوٽا سسٽم ۽ لاڏلا ٻار، ڪارساز ۽ قلندر جا شھيد ، قومي جاڳرتا ، مھم ڪَڇي ميمڻ ، مارواڙي ۽ آغا خاني ، عزيزآباد جي کوٽائي ، ماڻھن جو ڏُڪار ، مسواڙ تي ڇا ڇا ڏبو ، ڏاھا ڪانگ ، جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا ، محبتي ماڻھو ، ڪراچي ۽ سنڌ جي ڇا معنيٰ آھي ؟، حق ۽ سچ جو سفر ، نورالدين مينگل کان اختر مينگل تائين ، جتي پيرو اتي ڄيرو ۽ ديھ اورنگي کان اورنگي ٽائون تائين“.

مٿي بيان ڪيل سڀئي مضمون سنڌ سان لاڳاپيل مسئلن ۽ سنڌ جي تواريخ ، ٻولي ، لھجن ۽ ٻين موضوعن تي ٻڌل آھن. جنھن کي به مٿي بيان ٿيل موضوعن تي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻي ھجي ، ان کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.