ڪامريڊ ڄام ساقي جي اڄ ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي، سڄي سنڌ مان ڪامريڊ گڏ ٿيندا،کيس خراج پيش ڪندا، پر ڪنهن سوچيو آھي ته اڄ کان پوءِ اسين وري گڏ ٿينداسين؟ ڄام ساقي جي نظريي تي بيھداسين ؟ اسان مان ڪير ڪنڊن جي سيج کي پنھنجي ڳچيءَ جو هار بڻائيندو؟
جواب آھي ڪو به نه؟
ڄام تھ اڪيلو ”ڄام“ هو، ھو ڏاڍو سادي ۽ نھٺي مزاج جو ماڻھو هو، اسان سندس جوانيءَ ته نه ڏٺي، پر هن جي باري ۾ڪافي ڪجهه پڙهيو ۽ ٻڌو آهي.مان پنھنجي والد شھاب الدين منشي سان ڪامريڊ بابت ڳالھائي رهيو هوس. منھنجو خيال ھو تھ جيڪڏهن ڄام ساقي چاهي ها ته پنهنجي ٻارن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري وڃي ها. والد صاحب جي عجيب مسڪراهٽ. ھا جيڪڏهن هو چاهي ها ته اڌ ڪراچي جو مالڪ بڻجي وڃي ها، پر هو هڪ درويش صفت ڪامريڊ هو، جنهن جو مال دولت بدران نظريي ۽ پنهنجي ماڻهن سان عشق هوندو هو.
سچ ھي آھي تھ هن دور ۾ ڪامريڊ لفظ جو اصل حقدار ڄام ساقي آهي. مون کي آخري ڏينهن ۾ ساڻس ويجھي رھڻ جو شرف حاصل ٿيو.ھن جي سياست اصولن تي ٻڌل هئي، سندس گفتگو جو انداز اهڙو هو، جو جيڪڏهن مٿس ڪو تلخ تنقيد ڪندو هو ته هو مرڪي پوندو هو. هو وڏيرن جي سياست تي تنقيد ڪندو هو، پر مون انهن وڏيرن کي ھن سان دوستي ڪرڻ جو خواھشمند ڏٺو. ھو مختلف مزاج جو مالڪ ھو کيس بينظير ڀٽو کان ويندي پيرپاڳارو (شاھ مردان شاھ ) پڻ گھڻي عزت ڏيندا ھئا.
ڄام ساقي ۾ ماڻهن کي ڳنڍڻ جي مهارت ھوندي هئي، ڪاش مان 1980ع واري ڄام ساقي کي ڏسان ها ته گهڻو لکي سگھان ھا.پر 99 جي وقت جي پوڙھي شينھن جيان ڄام ساقي جي گجگوڙ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو نه عجيب ماڻهو هو.
ڪجهه سال اڳ مان پنھنجي گھر تي ڪچھري لاءِ عبدالله حسين هارون سان ڪجهه دوستن جي دعوت ڪئي. جنهن ۾ ڄام ساقي، مولانا شاهه احمد نوراني جو فرزند، شاهه اويس نوراني، مهتاب اڪبر راشدي، يوسف لغاري، عيسيٰ وساڻ ۽ ٻيا دوست دعوتيل هئا. پر بيمار ھجڻ باوجود ڄام ساقي اتي آيو ھو.ھڪ ڀيري پير صاحب پاڳاري سان ڪچھري ٿي ھئي.جنھن ۾ مان پيرصاحب کي کيس غور سان ٻڌندي ڏٺو تھ حيران ٿي ويس.
سندس ڳالهه ٻولهه ۾ عمر ڪوٽ کان وٺي آمريڪا جي تازي صورتحال ھئي.مان سندس معلوماتي مون حيران ٿي ويس. جيتوڻيڪ پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه پاڻ هڪ وڏو پڙهيل لکيل شخصيت ۽ گفتار جو بادشاهه هو، پر ڄام ساقي پنهنجي ڪردار جي ڪري وڏي عزت حاصل ڪئي.گهٽ ماڻهون اھڙي جاءِ ٺاهي سگھندا آھن. مون ڄام ساقي کي ڏکئي ڏينهن ۾ به هميشه خوش ۽ مسڪرائيندي ڏٺو .
1988ع وارو دور هو. ضياءَ جي آمريت پنهنجي عروج تي هئي، پهريون ڀيرو ڄام ساقي وڏي عرصي کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيڻ وارو آهي، ڊي ايس ايف جي قيادت ڄام ساقي جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيڻو ھو.ڪو ماڻھو ڪا جاءِ ڏيڻ تي راضي نه ھو.
انھن ڏينھن ۾ ٻه نوجوان معشوق ملاح ۽ اقبال ملاح منھنجي والد سان ملڻ آيا.جن چيو تھ اسان چاهيون ٿا ته ڄام ساقي تنهنجي گهر جي ڇت تي کيس آجياڻو ڏيون؟ ان وچ ۾ عبدالواحد آريسر، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، بشير خان قريشي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، حليم باغي، پروانو ڀٽي، غلام نبي مغل، ناز سھتو، جمن دربدر، تاج جويو، دستگير ڀٽي، آپا قمر، عابده پروين، سڪينه سمون سميت سنڌ جا محب وطن، جمهوريت نواز، ضياءَ جي آمريت مخالف قوتن جو مضبوط محاذ منشي هائوس ھوندو ھو.
جيڪڏهن مان لکان ته ضياءَ خلاف ايم آر ڊي تحريڪ منشي هائوس کان پوري سنڌ تائين پکڙي تھ اهو سچ ھوندو. خير هڪ نعرو جيڪو مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻڌو هو، اهو وري منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳو. تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي،ڄام ساقي ڄام ساقي. ڪاش مان ننڍپڻ ۾ واپس وڃان ۽ آمريت جي خلاف هڪ متحرڪ ڄام ساقي کي ڏسان.
اڄ سنڌ ۾ اهڙو دلير ۽ جرئتمند ڪردار نظر نٿو اچي، ڄام ساقي ڌرتيءَ ۽ وطن جي عوام لاءِ هر طرح سان جان قربان ڪرڻ جو عزم ڪيو هو، جنهن طبقاتي جدوجهد ۾، مزدورن، هارين جي جدوجهد ۾ھن جو وڏو نالو ھو. سندس جرئت جي ڪهاڻيءَ جو عڪس جيڪڏهن ڪنھن ۾ هاڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اُها سندس لائق ڌيءَ ڊاڪٽر بختاور ڄام ۾ آھي.
”اھو ماڻهو جنهن جو تعارف ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيو“
جنهن کي زندگيءَ ۾ هر قسم جون آڇون هجن، بينظير ڀٽو جنھن جي بچاءَ جي شاهد بڻجي.بينظير ڀٽو جيڪا ھلي ڪري سندس گھر اچي. جتي هو هڪ ٽٽل کٽ يا صوفا تي ويهي رھي.ڄام ھن کان پڇي تھ ڪھڙي خدمت ڪري سگھجي ٿي بي بي ..تھ ھو ھٿ جي اشاري سان پراڻي مٽَ مان پاڻيءَ جو گلاس گهري. جڏهن اتي ناهيد خان هٿ ۾ منرل واٽر کڻي بيٺل ھجي.پر محترمھ چيو نھ ھن مَٽَ جو پاڻي پيئڻو آھي.
ڄام ساقي منهنجو چاچو هو. پوءِ هو زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ منهنجو دوست ٿي ويو، هاڻي مون کي اها خوشبو ڪنهن ڪامريڊ مان نٿي اچي، هو اڪيلو هو، جنهن جو مان اڪثر پنھنجي گھر ڪچھري لاءِ انتظار ڪندو هئس.تڏهن هو پنهنجي پٽ سارنگ سان گڏ ايندو هو. ڄام صاحب مون سان ادب، سياست، رومانس ۽ دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو. ھن وٽ عمر جي قيد۽ تفاوت نه ھوندو ھو. واقعي اهڙو جام هاڻي پيدا نٿو ٿي سگهي.
هو اسان کان گھڻو پري نڪري ويو آھي. ڪاش اسين سڀ گڏجي ايمانداري سان پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سگهون.تھ ڄام ساقي جو مشن جاري رھي سگھي ٿو. دل سندس جدائي قبول نٿي ڪري،واقعي بھ ڄام ساقي پنهنجي ذات ۾ هڪ عظيم انسان هو، هو منهنجو دوست بھ هو!