مينڊيٽ چوري نعرن واري گوڙ ۾ شهباز شريف جي وزيراعظم طور چونڊ ٿي وئي ۽ آصف علي زرداري بھ وري صدر مملڪت بڻجي صدارتي محل ۾ ويھي رھندو.پر چونڊ نتيجن بابت ڇڪتاڻ گھٽجڻ واري نھ آھي.پارليامينٽ جاٻئي ايوان مڇي منڊي بڻجي،جمهوري ٽرانزيشن جو ڊرامو چوٿين ايڪٽ ۾ پھچندي پھچندي ۾ جمھوريت جي ٽريجڊي ۾ بدلجي ويو آھي. جمھور جي مينڊيٽ جو خيال رھيو نه سويلين اختيارن جي ھٿ ۾ ڪجهھ بچيو.
سڄي هائبرڊ نظام جي ھنڊي رستي جي وچ تي ڦاٽي پئي آهي ۽ جمهوري ويس وڳو ڪڏھوڪو ليرون ليرون ٿي چڪو آھي. سياستدانن پاڻ ۾ ويڙھ ۾ هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ ۽ واري وٺڻ لاءِ سيل آئوٽ واري ڊوڙ ۾ ھڪ ٻئي کي گھٽ ڏيکاريندي ڏيکاريندي ڪو جمھوري اصول ڇڏيو نھ وري ڪو اخلاقي جواز.اڄ هڪ عتاب ھيٺ ته سڀاڻي ٻيو مستند اقتدار جو باندي. عوام جو حق خود اختياري ۽ ووٽن وارو حق باربار ڦرڻ سان نھ جمهوريه رهي نه جمھور جي اقتدار اعليٰ. نتيجتي ۾ عوام ۽ رياست جي وچ ۾ 1973 جو سوشل ڪانٽر يڪٽ ڪڏھوڪوي بار بار ٽوڙيو ويو.جنھن جي جاءِ تي ھاڻي ڪالونيل ورثي ۾ ملي مقتدرا آپيشاھي بڻجي ڪري پنھنجي سمجھ ۾ رياست بڻجڻ جي دعويدار ڏسڻ ۾ اچي رھي آھي.
جڏهن ته رياستي جي ترڪيب جي جزن جا ٻھ بنيادي عنصرن عوام ۽ ان جو اقتدار اعليٰ ڊھي چڪا آھن. باقي رهي جاگرافي تھ اھا جاگرافي سرحدن جي محافظن جي لوھي ھٿن ۾ محفوظ ٿي وئي آھي.ھاڻي هڪ اٿارئيٽرئن اسٽيٽ بچي آهي. جنهن هر پاسي پير ڊگھيري سويلين کي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي. پاڻيءَ سر مٿان گذري چڪو آھي. وفاق کان بيزاري چئني وفاقي ايڪائين ۾ پکڙجي چڪي آھي۽ سياسي خلفشار هڪ مستقل بحران بڻجي ويو آهي. اخلاقي جواز کان محروم ھڪ پٺيان ٻئي ھاءِبرڊ حڪومتون ان قابل نھ ھيون جو مملڪت ادارجاتي ۽ معاشي ،معاشرتي بحران کي حل ڪري سگھن.ھٿ ڊگھيريندڙ معيشت جو ختم نھ ٿيندڙ بحران ھاڻي اميرن جي ھڪ ھٽي کان ٻاھر ٿي ڪري مملڪتي جي ڪنڊ ۾ خلفشار جو سبب بڻجي ويو آھي.اسٽيل اسٽرڪچر تي رياست جو ڀاڙن خود رياست کي ھڙپ ڪرڻ وارو آھي.
نئين گڏيل حڪومت عوامي مينڊيٽ ۽ اخلاقي جواز کان محروم هجڻ جي ڪري اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکي نھ سگھندي.ڀلي ان کي مقتدرا جي ڪيتري بھ حمايت حاصل ھجي.عوامي مينديٽ رکندڙ مخالف ڌر( تحريڪ انصاف) پنھنجي مينڊيٽ جي چوري ۽ جاري ناانصافي تي ڇو نه سمجھوتو ڪري ؟ عام چونڊن جي تڪراري نتيجن عوام جو چونڊن ۽ سياسي عمل تان اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آھي. جنهن جي بحالي بنا ڪا اخلاقي جواز واري حڪومت نه ٺهي سگهندي،چاھي ڪھڙا بھ ناٽڪ رچايا وڃن. بدقسمتيءَ سان مقتدره جو ڪو بھ ادارو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جوڳو ناھي رھيو.عسڪري ادارا تھ سياست ۾ ملوث ٿي ڪري سياسي ڇڪتاڻ ۾ پارٽي بنجي ويا آھن. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جنھن کي پي ٽي آءِ،کان بيٽ ڦرڻ ۽ ملٽري ڪورٽس کي غيرآئيني قرار ڏيڻ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ واري عبوري فيصلي ھن کان ٽياڪڙي جي ساھمي ڦري ورتي آھي.ان گھڻ رخي بحرانن مان نڪرڻ جون سڀ هڪ طرفيون ڪوششون نامراد رھڻ تي ضد ڪري رھيون آھن تھ پوءِ ڪٿان شروعات ڪئي وڃي؟
مختلف حلقن پاران هڪ نئين ميثاق جمهوريت ۽ سياسي معاملھ فهمي ۽ وڏي مفاهمت جي ڳالهه ڇيڙي پئي وڃي،جيڪا واقعي سنجيدھ آھي ۽ رڳو وقت گذاري نه آهي، ته سڀ کان پهرين سياسي نظام ۾ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ٽن وڏا قدم کڻنا پوندا. جيڪي هي آهن (1) قومي اسيمبلي ۽ اسيمبليون جي ٻھ ٽئين حصي تڪن ۾ اصلي فارم 45 جي بنياد تي فارمز 48،47،46 جو ٻن ھفتن ۾ جاري ڪرڻ ۽ حقيقي نتيجن جو اعلان. انڪري ڌريون قومي اسيمبلي ۾ ويھي ڪري ھڪ متفقھ فارمولو طئي ڪري سگھن ٿيون.
(2) 9 مئي واقعن ۾ ملوث سمورن سياسي قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان يا وري ضمانت تي آزاد ڪرڻ (3) عمران خان سان ناروا سلوڪ ختم ڪرڻ ۽ ان سان مثبت ڳالهه ٻولهه جي شروعات .انھن قدمن سان سياسي ماحول بدلجي ويندو ۽ سياسي بحرانن مان نڪرڻ جو رستو نڪري سگھي ٿو.ان سان گڏوگڏ ھڪ نئين سماجي ڪانٽريڪٽ تي سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي سان مڪالمي جي شروعات ٿئي. جنهن جا اھم نڪتا هيٺيان ٿي سگھن ٿا : (1) سول ملٽري لاڳاپا: باربار جي ملٽري ٽيڪ اوورز کي روڪڻ ۽ حڪومتي۽ سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت جو سد باب. (2) عوام جي راءِ جي حق جو احترام ۽ اقتدار اعليٰ انهن جي چونڊيل نمائندن کي منتقلي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئيني، قانوني ۽ اداراي سڌارا. (3) آئين ۽ قانون جي حڪمراني؛ رياستن جي ٽنھي ادارن (مقنّنھ،عدليه ۽ اانتظاميا) جي ڪم جي دائري جو واضح تعين ،جئين عوام جي حڪمراني يقيني بڻجي (4)وفاق ۽ قومي وحدتن/ايڪن جي وچ ۾ ارڙھين ترميم جي بنياد تي قومي انتظامي ۽ بين الصوبائي ادارن جي وفاقي اسپرٽ ۾ نئين سر تنظيم ڪاري ۽ صوبن کي ان ۾ شامل ڪرڻ،ان سان گڏ اختيارن جي صوبن کان مقامي حڪومتن تائين منتقلي (5) عالمي طور تي تسليم ٿيل انساني،شھري، معاشي ۽ سماجي حقن جي وڌيڪ چٽائي ۽ خاطري، اظھار تي بندش جو خاتمو، عورتن ۽ اقليت کي برابر جا حق ڏيڻ (6) ھٿ ڊگھيرڻ واي معيشت جي عوامي پيداواري جوڙجڪ ڪرڻ.اميرن، جاگيردارن ۽ مافياز جي قبضي جو خاتمو ۽ عوامي سماجي ترقي جو ماڊل آڻڻ،قرضن کان آزاديءَ ۽مسواڙي معيشت جو خاتمو، نوڪرشاهي ڪارپوريشنز جا سڌارا، زرعي سڌارا ۽ جديد سائنسي ۽ پيداواري معيشت کي ھٿي ڏيڻ ۽ ان ۾ عوامي شموليت (7) ملٽري اسٽريٽجڪ اپروچ جي بدران معاشي ۽ عوامي سلامتي جي نظري کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڙيسرين سان معاشي لاڳاپن جي بحالي ۽ علائقائي ترقي. (8) پرڏيھي ۽ سلامتي جي پاليسين جو نئين سر تعين ڪرڻ (9) سياسي ۽ نظرياتي ۽ مذهبي رواداري کي ھٿي ڏيڻ (10) قومي رياست جي قومي وحدتن جي تاريخي ۽ ثقافتي ۽ جديديت جي بنياد تي نئين سر تعمير ڪرڻ