آمريڪي فوج تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا، ايران جي جوابي ڪارروائي تي ٽرمپ جو سخت ردعمل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگ بندي اڃا تائين برقرار آهي.
آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي فوج ايران طرفان ڪيل حملن جي جواب ۾ دفاعي ڪارروائيون ڪيون ۽ ايراني فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪي حملا ڪامياب رهيا، جن ۾ ايران جي ميزائل مرڪزن، ڪمانڊ سينٽرن ۽ ٻين فوجي ٿاڪن کي نقصان پهتو.
ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن تهران جلد امن معاهدي تي صحيحون ڪري ته مستقبل ۾ وڌيڪ تشدد ۽ ڇڪتاڻ کان بچي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا خطي ۾ استحڪام چاهي ٿو پر آمريڪي فوج ۽ مفادن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.