گوگل پاران مشهور سروس جي ميل جي اي آءِ ٽول ”هيلپ مي رائيٽ“ کي وڌيڪ بهتر ڪيو ٿو وڃي.
رپورٽ موجب گوگل پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو ته جيمنائي تي جي ميل ٽول ۾ 2 پرسنلائز آپشن جو واڌارو ڪيو ٿو وڃي. هڪ آپشن ڪانٽيڪچولائيزيشن آهي.
رپورٽ موجب اهو آپشن نه گوگل ڊرائيو ۽ جي ميل کي ڳنڍي توهان جي لکت کي موجوده تفصيل موجب مدد ڪندو.ٻيو آپشن ٽون ۽ اسٽائيل سان واسطو رکي ٿو ۽ اهو اي آءِ کي متحرڪ ڪري اهڙيون اي ميل لکي ٿو جيڪي پراڻي ايميل جي انداز سان ملندڙ هجن.
رپورٽ موجب ڪمپني ٻڌايو ته اهڙي فيچر جو اعلان فيبروري 2026 ۾ ڪيو ويو هو. پر هاڻي ان کي جلد واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هي فيچر فلحال بزنس اسٽارٽرز، اسٽينڊرڊ ۽ پلس واهپيدارن کي دستياب هوندو. ڪمپني ٻڌايو ته اهو فيچر گوگل اي آءِ پلس، پرو ۽ الٽرا واهپيدارن کي به فراهم ڪيو ويندو.