وشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ايران جنگ ۾ سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي وڏي موٽ ملي وئي آهي ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان جي امن ڪوششن جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي.
واشنگٽن ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ال گرين طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ پاڪستان کي ايران جنگ دوران هڪ ”اڻڌريو ۽ اعتماد جوڳو ٽياڪڙ“ قرار ڏنو ويو.
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايران جنگ دوران پاڪستان نه رڳو ڌرين جي وچ ۾ سفارتي رابطا قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر جنگ بندي ۽ تعميري ڳالهين جو رستو ڪڍڻ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪيو.
آمريڪي ٺهراءَ ۾ پاڪستان پاران سفارتي وفدن جي ميزباني ۽ ڳالهين لاءِ ڪيل خاص انتظامن کي پڻ ساراهيو ويو.
متن موجب، پاڪستان امن عمل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجي شهرن جي بندش ۽ ٻيون ڏکيائيون برداشت ڪيون ته جيئن جنگ جي خاتمي جو رستو نڪري سگهي.
قرارداد ۾ چيو ويو ته ايران جنگ سبب هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين بي گهر ٿيا، گڏيل قومن جي اداري جي انگن اکرن موجب جاري تڪرار جي نتيجي ۾ اٽڪل 32 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.
آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ موجب جنگ جا مالي خرچ به غير معمولي سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ هڪ ڪاٿي موجب ان تڪرار تي روزانو لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته جنگ عالمي توانائي جي فراهمي ۽ فيول مارڪيٽ کي به سخت متاثر ڪيو آهي.
ٺهراءَ ۾ زور ڏنو ويو ته جنگ جو خاتمو نه رڳو خطي پر سڄي دنيا جي مفاد ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان ان مقصد لاءِ نهايت اهم ۽ هاڪاري سفارتي ڪردار ادا ڪيو.