هندي ٻولي نه اچڻ تي ٽرولنگ!، سائي پلوي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) فلم ”ايڪ دن“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا سائي پلويءَ سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي هندي ٻولي نه ڳالهائڻ تي ٿيندڙ ٽرولنگ بعد بيان ڏيندي چيو ته کيس لڳي ٿو هوءَ ان فلم ۾ غلط ڪاسٽ ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ممبئي ۾ فلم بابت ٿيندڙ هڪ تقريب کانپوءِ سائي پلوي کي هندي ٻولي نه ڳالهائڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ سائي پلوي ڳالهائيندي چيو ته هن فلم جي پريميئر تي عامر خان کي چيو هو ته شايد کيس اهو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي هان، کيس محسوس ٿيئي ٿو ته هوءَ غلط ڪاسٽ ٿي آهي. جڏهن ته ساٿي اداڪار جنيد خان سندس خدشن کي رد ڪندي چيو ته اهو ڪردار هن لاءِ ئي ٺهيل هو.

سائي پلوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت هوءَ هلڪي فلم ڪرڻ چاهي پئي ڇاڪاڻ ته هن ڪيترين ئي وزني موضوعن تي فلمون ڪيون آهن. هن چيو ته کيس لڳو شايد فلم ”ايڪ دن“ پرڏيهي فلم ”بيفور سن رائيز“ جهڙي آهي، جيڪا سندس پسنديدا فلم آهي.

اها سائي جي هندي سينيما ۾ پهرين فلم آهي، جنهن ۾ هن ”ميرا“ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. عامر خان پروڊڪشنز تحت ٺهندڙ فلم 2016 جي ٿائي فلم ون ڊي جو ريميڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.