چونڊ نتيجا انھن لاءِ سرپرائز ٿي سگھن ٿا،جن جي اڳواٽ ذھن ۾ مفروضا يا تصور ھئا ۽ اھي ٽٽا آھن.اھو سڀ ڪجھه ان ڪري ٿئي ٿو جو ماڻھن وٽ مڪمل تفصيل يا ڊيٽا نھ ھوندي آھي.سموري معلومات ۽ مڪمل تصوير ھوندي تھ ماڻھو پريشان نھ ٿيندا يا وري اھي نھ ڇرڪندا.
اسان جو الميو ھي آھي تھ اڻپوري معلومات تي ڳالھائڻ چاھيندا آھيون، اسان وٽ ريسرچ ۽ تحقيق جي کوٽ آھي.معلومات گھڻي يا وري اجائي آھي.گھڻي ڀاڱي بحث ۽ تبصرا اڻپوري معلومات تي ٿين ٿا.
ھاڻوڪين چونڊن نتيجن جو عوام کي ٻھ ٽي مھينا اڳ پتو پئجي ويو ھو، پاڪستان مسلم ليگ ن کي بھ خبر ھئي پر اھا قبول ڪرڻ لاءِ تيار نھ ھئي، اھي سمجھي رھيا ھئا تھ اليڪشن مينيج ٿي ويندي، اسان وٽ ائين ٿيندو آيو آھي.اھو بھ درست آھي تھ اسان ھڪ ڊيپ اسٽيٽ آھيون ۽ ان کي لڪائي نٿو سگھجي، پر ھي نتيجا ڪي غيرمتوقع نھ ھئا.ھاڻي پاڪستان سرڪار يا طاقت جو مطلب وزيراعظم ھائوس،آبپارھ ۽ جي ايڇ ڪيو آھي.انھن 10 يا 12 ڪلوميٽرن ۾ سمورين توانائيون خرچ ٿيون ٿيون.باقي سنڌ،پنجاب،ڪي پي ڪي يا بلوچستان جو ان طاقت جي ٽڪنڊي ۾ڪجهھ بھ نٿو وڃي.
ھاڻوڪي چونڊن ۾ جيڪي ماڻھون عمران خان فئڪٽر کان ڊنل ھئا، انھن وٽ ھڪڙو ئي ھٿيار ھو تھ اھي ھمدردي جي بنياد تي توڙ ڳولين،پر گھڻن وٽ اھو ھمدردي جو ماڊل موجود نھ ھو. جنھن ڪري انھن کي سمجهھ ۾ نھ آيو تھ اھي ڇا ڪن ؟
اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني وٽ ھمدردي جو عنصر ھو، ھن ان ماڊل تي ڪم ڪيو ۽ ان جو سسٽم ھر تاثر کي ختم ڪري پئي سگھيو. 2022 ۾ علي موسيٰ گيلاني ۽ مھربانو قريشي جو ضمني چونڊن ۾ مقابلو ھو.ان تڪ ۾ لڳ ڀڳ 55 سيڪڙو پنجابي آبادگارن جي آبادي آھي، انھن جي معيشت بھ بھتر آھي. علائقو خوشحال آھي.
علي موسيٰ گيلاني جي ھڪ علائقي ڊاڊپور جي ماڻھن جو چوڻ ھو تھ ووٽ ”بيٽ“ جو آھي پر موسيٰ سان لاڳاپا بھتر آھن.انھن ووٽرن جو جائزو ورتو ويو تھ پتو پيو تھ انھن جو لاڙو عمران خان ڏانھن ھو.
چونڊن ۾ علي موسيٰ گيلاني ان تڪ ۾ پنھنجو گھر ڪري ويھي رھيو ھو.ھن عام ماڻھن سان ذاتي بنيادن تي تعلق رکيو.ايتري حد تائين جو ھن جا ماڻھون اتي ووٽرن سان ھر ڏک سک ۾ شامل ٿي ويا.
ھن ھڪ ھيلپ لائن ٺاھي ھر يونين ڪائونسل جا نمبر ڏنا ويا.ان دوران دلچسپ واقعا ٿيا. ھڪ ماڻھو سستي اٽي لاءِ ڊگھي لائين جي شڪايت ڪئي.اميدوار جو ماڻھو پھتو لائن ۾ لڳي ھن کي اٽو ڏياريو.يعني اميدوار ماڻھون مقرر ڪيا، جيڪي ماڻھون روزانو جنھن مسئلن ۾ ڦاسن ٿا. جنھن ۾ عدالتن جا،بجلي ميٽر لڳائڻ جا، اسپتالن ۾ داخلا جا ۽ ٿاڻن جا مسئلا حل ڪرايا يا حل نھ بھ ٿيا پر اھي انھن سان گڏ مسئلي حل ڪرائڻ جي لاءِ ويا.
جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جو غالب اثر ھو تھ ان کي ٽوڙڻ جو واحد طريقو ھڪ ھڪ ماڻھون سان تعلق قائم ڪري انھن وٽ وڃڻ سان ممڪن ھو.اھڙي ريت علي موسيٰ گيلاني جي ماڊل سموري اثر کي ٽوڙي ڇڏيو.
مسلم ليگ ن جي ھارائڻ ۾ سماجي تبديلي جو اثر آھي، رڳو عمران خان نھ آھي.ن ليگ اڳواڻ احسان اقبال بابت چئجي تھ ان حقيقيت ۾ پنھنجا ووٽ کنيا آھن، نوازشريف جي لاھور واري تڪ تي ياسمين راشد نتيجي ۾ووٽن ۾ ليڊ ڪري رھي ھئي تھ ان کي ليڊ ڪرڻ گھرجي ھا.
ھتان 2013 ۾ بھ ياسمين راشد پنھنجا خاصا ووٽ کنيا ھئا.جيتوڻيڪ ان تڪ ۾ ن ليگ جو وڏو اثر ھو.2018 ۾ اتان نوازشريف کي ھمدردي جو ووٽ پيو پر ياسمين راشد جا ووٽ گھٽجڻ بدران وڌيا ھئا. ھاڻي 2024 ۾ سموريون ھمدرديون پي ٽي آءِ، سان آھن.ان وقت اھڙي نتيجي تي سوال اڀرن ٿا.
جي ٽي روڊ تي ن ليگ جي ھارائڻ جو پڻ سماجي تبديلي جي ڪري ووٽرن جي لاڙي ۾ تبديلي آھي.اھڙا اشارا اڳ بھ موجود ھئا.جي ٽي روڊ يعني پنڊي،سروڌا ۽ لاھور سميت 17 ضلعا اچن ٿا.اتي ھميشھ ن ليگ جو ووٽ رھيو آھي.اتي جي ووٽرن جي مزاج جو اثر سرگوڌا، فيصل آباد، اوڪاڙا ۽ قصور تي بھ پيو آھي.2013 ۾ فيصل آباد ۾ ن ليگ 10 سيٽون کينون ھيون.2018 ۾ 2 کنيون.سرگوڌا ۽ فيصل آباد جي 8 تڪن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي اميدوارن ۾ کٽڻ جو فرق 8 کان 10 ھزار ھو.
ھن وقت جي نتيجن جو سبب فقط عمران خان نھ آھي اھو سماجي تبديلي جو اثر آھي، پھرين سماجي تبديلي جو اثر پ پ تي پيو ھو.اھا 70،77 ۽ ان بعد جي تبديل ٿيل حالتن ن ليگ جو ساٿ ڏنو ھو.سماجي تبديلي جو مطلب تھ اتي ھڪ بزنس ڪميونٽي پئدا ٿي وئي آھي.انھن صنعتي علائقن مان ماڻھون ٻاھر ويا انھن گھرن ۾ پئسا موڪليا، جن مان ماڻھن سياست ۾ آيا.نوان ماڻھون سياست ۾ آيا آھن، اصل ۾ جاگيرداري سسٽم ٽٽو آھي. نوان ماڻھون پئسا بھ خرچ ڪن ٿا.ائين پراڻن ماڻھن کي شڪست آئي آھي.ھاڻي جيڪڏھن ڀيٽ ڪجي تھ جي ٽي روڊ وارن ضلعن مان ن ليگ جا اھي ئي اميدوار آھن،جيڪي آءِ جي آءِ واري وقت ۾ ھئا.اھا جماعت پاڻ وٽ متبادل قيادت پئدا ناھي ڪري سگھي.
1937 ۾ يونينسٽ پارٽي ان ڪري کٽي ھئي جو ان ۾ جاگيردار ۽ گادي نشين ھئا.اھا برادري سسٽم جون بھ چونڊون ھيون.مسلم ليگ ن ھاڻي بھ اھو ئي سمجھي ٿي تھ اھا اليڪٽيبلز تي ڪم ڪري ٿي. ھاڻي جيڪڏھن ن ليگ پاليسي بھ بدلائي تھ ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ جي پوزيشن مسلم ليگ ق جھڙي ھوندي.
ن ليگ کي پراڻن ماڻھن مان جند ڇڏائڻ گھرجي، نئين قيادت اچي، پنھنجو پاڻ تجزيو ڪن.اليڪٽيبلز يعني گادي نشين ۽ جاگيردارن جو تجزيو ڪن، انھن مان ھٿ ڪڊن.
2008 ۾ بينظير جي شھادت کانپوءِ ووٽ ھمدردي جي بنياد تي پيا ھئا،2013 ۾ ھمدردي نھ ھئي.ساڳيو مثال 2018 جو آھي.ملڪ ۾ 70 کان ڪئين اڳواڻ چونڊون وڙھن پيا پر اھي پراڻن روايتي طريقن سان چونڊ وڙھن ٿا.ايتري تائين جو انھن جو ھاڻي ڪو ڪارج ئي نھ آھي. جنھن ڪري جيتوڻيڪ اھي وڏا سياستدان ھوندا آھن پر ھو وقت جي نبض نھ سڃاڻي سگھڻ ڪري ھڪ وقت اچي ٿو جو اھي سياست مان نڪري ٿا وڃن.انھن مان ڪي ماڻھون مختلف پارٽين ۾ شامل ھوندا آھن، ان ڪري ھو سياست ۾ تھ رھن ٿا پر چونڊجي نٿا سگھن.جھڙوڪ چوڌري منظور پ پ سان آھي.قمرزمان ڪائرا آھي.جيڪي پارٽين ۾ ضرور آھن.نھ رڳو فرد پر خاندان بھ ان عمل مان نڪري وڃن ٿا.
مثال طور گجرات مان عابد رضا ڪوٽلا آھي.گجرات ۾ چوڌري خاندان جو غلبو آھي پر جڏھن عابدرضا ن ليگ سان ھو تھ اتي اھا جماعت ان شخص جي ڪري ھئي.اھڙي طرح فيصل آباد آھي،ھڪ دور ۾ فيصلو آباد ۾ پ پ مضبوط ھئي.اھو صنعتي شھر آھي، صنعتي علائقي جو ووٽر جاگيرداري سماجي واري علائقي کان مختلف سوچ رکندڙ ٿئي ٿو.ھر شھر جي ووٽر جو سوچ ۽ احساس مختلف ٿين ٿا.
ھڪ تحقيق آھي تھ درياھن جي ڪناري لڳ شھر يا علائقن ۾روايتي ووٽر موجود آھن،اتي صنعت نھ وئي آھي،اھي زرعي پئداوار وارا علائقا آھن، ان ۾ ضرور جدت آئي آھي پر اتي مخصوص خاندانن جو اثر آھي.جتي پنجابي آبادگار رھن ٿا.جيڪي اتي منتقل ٿيا آھن،جنھن ۾ ليھ کان رحيم يار خان تائين جو علائقو آھي. 2018 ۽ 1024 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کي اھڙن فردن بليڪ ميل ڪيو جيڪي اتان کٽڻ جي پوزيشن ۾ نھ ھئا پر انھن کي ٽڪيٽ ملي ۽ اھي ھارجي ويا، اھا ڏند ڪٿا ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي.بدقسمتي سان ڪنھن بھ جماعت وٽ ڪا بھ اھڙي ٿنڪ ٽينڪ نھ آھي جيڪا وقت بدلجڻ سان سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ماڻھن جي گھرجن،مزاج موجب ووٽرن جو تجزيو ڪري، ان موجب حڪمت عملي تيار ڪري سگھي.ڪو ماڻھو چونڊن ۾ کٽندو رھيو آھي تھ ان جو مطالبو ھو تھ کيس قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏئي ۽ صوبائي تي وري سندس ماڻھون کي ٽڪيٽ ڏني وڃي.ان لحاظ پنجابي آباگادرن واري علائقي ۾ھڪ پنجابي ۽ ٻيو وري سرائيڪي آندو ويندو ھو .انھن علائقن ۾ پنجابي اڪثر ن ليگ سان آھن، جتي مٿين سيٽ تي اھي ھوندا ھئا ۽ ھيٺين سيٽ تي سرائيڪي.ھاڻوڪي چونڊن ۾ اھو تجربو ڪامياب نھ ٿيو آھي.ڇاڪاڻ جو ھن وقت پراڻي ۽ نئين آبادي پاڻ ۾ ضم ٿي وئي آھي، انھن جا مفاد بھ گڏيل آھن.
( مضمون جو متن عمر چيما جي يوٽيوب چينل تي اعجاز احمد جي انٽرويو تي ٻڌل آھي)