ڪامريڊ ڄام ساقي کي سرخ سلام

تحرير: نھال عباسي

مان 1996 ۾ پئدا ٿيس ته مون ننڍپڻ کان پنھنجي گھر جي ديوار تي ھڪ لڳل تصوير ڏسندو رھيس جيئن جيئن منھنجي عمر وڌندي رھي ته مون کي ٿورو گھڻو پڙھڻ لکڻ اچي ويو. ان تصوير جي مٿان لکيل ھيو ”تنھنجو ساٿي منھنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي“ ان ئي تصوير جي ھيٺيئن پاسي کان لکيل ھيو شھيد نظير عباسي مون پنھنجي والد کان پڇيو ته بابا اوھان مونکي ٻڌائيندا آھيو ته ھي منھنجي چاچا نذير جپ فو ٽو آھي ته پوءِ  ھن تي لکيل آھي شھيد نذير عباسي، بابا شھيد ڇو لکيل آھي بابا فرمايو ته ھا پٽ ھي شھيد ڪيو ويو آھي ۽ مون وري پڇيو ته شھيد ڇا کي چئبو آھي بابا فرمايو ته شھيد ان کي چئبو آھي جيڪو ظلم ڏاڍ جي نظام کي ٺاھڻ جي ڳالھه ڪري ۽ غريبن مسڪينن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ  ماريو وڃي ته وري مون سوال ڪيو ته چاچا کي ڇو ماريو ويو بابا ٻڌايو ته جنھن نظام ۽ پورھيتن کي حق نه ملندا ھجن ۽ انھن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ  جيڪو جدوجھد ڪندو آھي انھيءَ کي ئي ماريو ويندو آھي ته ان جي ڪري نظير کي شھيد ڪيو ويو ھيو ته وري منھنجي ذھن مان سوال نڪتو ته پوءِ  چاچا جي تصوير مٿان لکيل آھي ”تنھنجو ساٿي منھنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي“ اھو وري ڪير آھي. بابا فرمايو ته ڄام ساقي ۽ نظير پاڻ ۾ دوست ھيا ۽ ھڪ ئي سوچ جا ڌڻي ھيا.

ان وقت منھنجي ذھن ۾ ھڪ دل چسپي وڌي ته مان ڄام ساقي سان ملان پر گھر وارن جي نظر ۾ مان ننڍڙو ھيس منھنجي  نڪرڻ ۽ اچڻ وڃڻ تي ڪڙي نظر رکيل هوندي هئي پر جيئن مونکي بري ڀلي جي چڱيءَ  طرح معلومات ٿي وئي ۽ مان ميٽرڪ پاس ڪئي ته مون تان ڪجھه سختين ۾  ڪمي به پئدا ٿي ته مان پنھنجي تجسس کي پورو ڪرڻ لاءِ  پراڻا ڪتاب کوليا ته صفائي ڪريان اتان مونکي ڪجھه پمفيلٽ مليا جن ۾ ھڪ تي لکيل ھيو سرخ پرچم ۽ ٻئي تي لکيل ھيو چنگاري ۽ ٽئين تي لکيل ھيو ھلچل، مون انھن کي وڏي غور سان پڙھڻ شروع ڪيو ته منھنجي اندر ھڪ جوش جاڳيو ۽ عجيب طبيعت ۾ بدلاءُ آيو ۽ ڄام ساقي جي آزاديءَ  جا مطالبا وڏن اکرن ۾ لکيل ھيا ان سان گڏ امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش کي آزاد ڪريو تي ھڪ مضمون پڻ ڇپيل ھيو ان مضمون منھنجي ذھن کي بلڪل تبديل ڪري ڇڏيو ته اسان جي گھر چاچي حميده گھانگھرو آيل ھئي منھنجي ننڍي ھئڻ ڪري مونکي ويجھو ويھاري ڪچھري ڪرڻ لڳي نھال توھان ڇا ٿا ڪرڻ چاھيو ٿا ته مون چاچيءَ کي چيو اھا خبر ناھي ته مونکي ڇا ڪرڻو آھي ته چاچي مونکي چيو ته توھان پنھنجي تعليم تي زور ڏيو بس توھان کي ھڪ سٺو انسان ٿيڻو آھي سو مون به ڪنڌ جھڪائي جي ۾ جواب ڏنو پر منھنجي اندر ۾ اڻ تڻ وڌي ويئي ته چاچي ننڍي جملي ۾ مونکي وڏو درس ڏئي وئي آھي.

پوءِ  مان ڳولا ۾ لڳي ويس ته ڪامريڊ ڇا کي ٿا چون ۽ پوءِ  نيٺ ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان ھڪ ڪتاب ڪنھن چاچي جي دوست وٽان مليو. ان کان پوءِ  مونکي خبر پئي ته ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ڪيترن ئي جيل جون سختيون سٺيون آھن يا شھيد نذير عباسي جو چچريل لاش به اسان کي نه ڏنو ويو ھيو ۽ سخي حسن قبرستان ۾ فوجين جي پھري ۾ دفنايو ويو ھيو ته پوءِ  منھنجي اندر بغاوت جا لاوا ٻرندا رھيا پر اڄ جڏھن پوسٽ پڙھيم ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملھائي پئي وڃي مان به رڪجي نه سگھيس ۽ پنھنجي ناقص معلومات مطابق ڪامريڊ ڄام ساقي کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ  پنھنجي قلمي پورھي سان رڳو پنھنجو نالو ان جنگ جي ننڍڙي ڪنڊڙيءَ  ۾ لکرائڻ لاءِ  پيش ٿو ڪريان ته مان به شھيد نظير عباسي ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سپاھين ۾ شامل ٿي سگھان

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.