اوهان کي هڪ ٻئي جي بي عزتي ۽ تذليل ڪرڻ لاءِ اسيمبلين ۾ ناهي موڪليو ويو

اسان جي اسيمبليءَ ميمبرن کي اها ڳالهه الائي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته عوام کين هڪ ٻئي جي بي عزتي، تذليل ۽ اخلاقيات کان ڪريل ٻولي ڳالهائڻ لاءِ اسيمبلين اندر ناهي موڪليو، نه ئي اسيمبلين کي مڇي مارڪيٽ بڻائڻ، گوڙ جو ايوان بڻائڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. کين اها ڳالهه الائي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته عوام کين پنهنجي ملڪ، صوبي، ضلعن، تعلقن ۽ يوسيز ۽ چونڊ تڪن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسيمبلن اندر موڪليو آهي.

اها به حقيقت آهي ته عوام ۽ ميڊيا اهڙن اسيمبلي ميمبرن تي سخت تنقيد به ڪري رهيا آهن جيڪي اسيمبيلن کي گوڙ ۽ احتجاج ڪرڻ جو ايوان بڻايو آهي. جيڪي هڪٻئي جي ڪجهه ٻڌن ئي نٿا. حڪومتي بينچن تان ڪير تقرير ڪري ٿو ته مخالف بينچن وارا گوڙ ڪن ٿا ۽ وري مخالف ڌر طرفان ڪير تقرير ڪري ٿو ته حڪومتي ڌر طرفان گوڙ ڪيو وڃي ٿو جو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.

اسيمبلي ميمبر هڪٻئي جي خلاف اهڙي ڪني اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالهائين ٿا جيڪا اسان کي هتي لکندي به شرم ٿو اچي پر افسوس ته اسيمبلي ميمبرن کي ان جو ڪو احساس ئي ناهي.  نه ئي ان تي ڪا ندامت محسوس  ڪن ٿا.

اصولي طور تي اسيمبلين جو ڪارج جوڳو ماحول ٺاهڻ اسپيڪرن ۽ ڊپٽي اسيپڪرن جو ذمو هوندو آهي  ۽ ان کان به وڌيڪ حڪمرانن جو هوندو آهي. حڪومت کي ان حوالي سان ذميواراڻو  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي. مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي پر هتي اهو به مسئلو آهي ته مخالف ڌر حڪومت کي حڪومت طور تسليم  ئي نه ڪري ته پوءِ حڪومت ڇا ڪري. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين خطاب ۾ اپوزيشن کي ”ميثاق مفاهمت“ جي دعوت ته ڏني پر عملي طور ان ڏس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي ؟ ڇا اهو ممڪن هو ته، هو اپوزيشن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ها پر جيڪڏهن هو فوري طور سندن مطالبا حل نه پئي ڪري سگهيو ته ڇا کين آرام سان ٻڌي نه پيو سگهي يا حڪومتي ميمبرن کي اها هدايت نه پيو ڏئي سگهي ته اهي اپوزيشن ميمبرن جي تقرير دوران گوڙ نه ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪري سگهي پيو، اهڙو آخر ڪنهن کي ته ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڪنهن کي ته اسيمبلي جو مثبت ماحول ٺاهڻ جو ذمو کڻڻو پوندو ۽ اهو خاص ڪري حڪومت ۽ وزيراعظم جو ڪم آهي.

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي تقريرن کي ٻڌجي ٿو ته سڀ پراڻيون ڳالهيون ڪن ٿا. پراڻا مسئلا، پراڻن الزامن ۽ اختلافن جو فضول ذڪر ڪن ٿا. چونڊ جلسن  ۾ ۽  ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ جيڪي ڳالهيون ڪندا هيا سي ئي هاڻي به ڪن ٿا  اتي ئي سندن سُئي اٽڪيل آهي. هاڻي کين اهو ڪير سمجهائي ته عوام اوهان جي اهڙين فضول ۽ ڊگهين تقريرن کان نه رڳو بيزار پر مايوس به آهي. عوام چاهي ٿوته اوهان سندن مسئلا اتي پيش ڪيو ۽ اهي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو بجاءِ ان جي ته پنهنجو ۽ عوام جو قيمتي وقت ضايع ڪريو.

اسان جي اسيمبلين ميمبرن کي ايمانداري سان اهو به سوچڻ گهرجي ته اوهان کي اسيمبلي ميمبر طور جيڪي رعايتون ۽ مراعتون ملن ٿيون ڇا ان تحت فرض جي ادائيگي به ڪريو ٿا. جيترو اوهان تي حڪومت پيسو خرچ ڪري ٿي اوترو اوهان اسيمبيلن اندر ڪجهه ڪريو ٿا تنهن تي اوهان جو ضمير مطمئن آهي. اوهان وٽ انهن سوالن جا جيڪي به جواب هجن پر عوام اوهان مان مطمئن ناهي. ان جو خيال آهي ته اوهان سندن امنگن پٽاندڙ اسيملين ۾ آواز نٿا اٿاريو. اوهان پارٽي مفادن ۽ ذاتيات ۾ ڦاٿل آهيو، اختلاف براءِ اختلاف ٿا ڪريو. تنقيد براءِ تنقيد ٿا ڪريو جنهن تي ڪير به اوهان مان مطمئن ناهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته سڀ اسيمبلي ميمبر ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ سوچين ۽ اهڙا قانون ٺاهن جنهن سان عام ماڻهن جي زندگي کي خوشحال بڻائي سگهجي. عوام کي رليف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪجي. حڪومت کي گهرجي ته اها پارليامينٽ کان مشورا وٺي پاليسيون جوڙي. پارليامينٽ کان مهانگائي گهٽائڻ، بجلي ۽ گيس جي کوٽ پوري ڪرڻ، تعليم ۽ صحت جي نظام کي بهتر ڪرڻ جون تجويزون ورتيون وڃن، ايئن پارليامينٽ جو ماحول ڪارج جوڳو بڻائي سگهجي ٿو پر ان ۾ حڪومت کي ئي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. اپوزيشن ڀلي حڪومت کي اهميت نه ڏئي پر حڪومت هر لحاظ کان اپوزيشن جي اهميت ڏئي ته ان ۾ ان جي ساک بهتر ٿيندي. سو حڪومت کي پارليامينٽ اندر اهڙي صحتمند روايت پيدا ڪرڻ جو موقعو آهي. اپوزيشن کي دشمن سمجهڻ جي روايت ختم ڪري ڪجهه نئون ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ گهرجي.

سو اسيمبلي ميمبرن کي بهرحال اختلافن باوجود هڪ ٻئي سان عزت ۽ احترام سان هلڻو ۽ ڳالهائڻو پوندو. اوهان جي روين مان ئي عوام سکندو. اوهان جا رويا ئي بازاري ۽ کل جوڳا هوندا ته عام ماڻهو ڪيئن پنهنجن مخالفن سان عزت ۽ احترام سان ڳالهائيندو. اهڙو  مثال ته اوهان کي قائم ڪرڻ گهرجي ته پارٽي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري ڪيئن هڪٻئي سان عزت ۽ احترام سان هلجي، هڪ ٻئي کي ٻڌجي ۽ گڏجي ڪم ڪجي. عوام اوهان کي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ اسيمبلين اندر موڪليو آهي، جهيڙن جهڳڙن لاءِ اوهان کي ناهي موڪليو ويو.

اسان هتي اوهان اسيمبلي ميمبرن جي آڏو عوام جو رايو رکيو آهي عوام جي تبصرن کي اوهان آڏو رکيو آهي، عوام جو آواز اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته اوهان عوام جي اميدن تي پورو لهندا ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جوڳو ڪردار ادا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.