ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ سوريا ڪمار يادو کان قيادت کسڻ تي غور، امڪاني ڪپتان جو نالو سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ ) ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت ۾ تبديلي تي غور ڪرڻ لڳو آهي، خبرون آهن ته شرياس اَئيَر کي مستقبل جو نئون ڪپتان بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، موجودا ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو جي مسلسل خراب بيٽنگ فارم سليڪٽرن ۽ بورڊ اختيارين کي ڳڻتي ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ شرياس اَئيَر کي قيادت سونپڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب، سوريا ڪمار يادو جي ڪپتاني ۾ ڀارت شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن ۾ ايشيا ڪپ 2025 ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو ٽائيٽل پڻ شامل آهي.
هو مهندرا سنگهه دھوني ۽ روهت شرما کانپوءِ ڀارت کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ٽيون ڪپتان بڻيو هو، پر ڊگهي عرصي کان سندس ذاتي ڪارڪردگي گذريل ٻن سالن ۾ مسلسل لاهن چاڙهن جو شڪار رهي آهي،
سوريا ڪمار يادو 2024 ۾ 26.81 جي ايوريج سان 429 رنسون ٺاهيون جڏهن ته 2025 ۾ 21 ميچن ۾ رڳو 218 رنسون اسڪور ڪري سگهيو، سندس ايوريج ۽ اسٽرائيڪ تي به سوليا نشان رهيو.
ٻئي پاسي شرياس اَئيَر آءِ پي ايل ۾ نه رڳو پنهنجي بيٽنگ پر قائداڻي صلاحيتن سان پڻ متاثر ڪيو آهي.
هن دهلي ڪيپيٽلز، ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ پنجاب ڪنگز کي آءِ پي ايل فائنل تائين پهچايو، جڏهن ته 2024 ۾ ڪولڪتا کي ٽائيٽل پڻ کٽرايو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آءِ پي ايل جي پڄاڻي کانپوءِ ڀارت کي افغانستان، انگلينڊ، آئرلينڊ، ويسٽ انڊيز، سريلنڪا ۽ زمبابوي خلاف مسلسل وائيٽ بال سيريز کيڏڻيون آهن، اهڙي صورت ۾ بي سي سي آءِ جلد يا مرحليوار قيادت ۾ ڦيرڦار جو فيصلو ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.