”علي رضا ڏاڍو اوور آهي، اسان هڪ ٻئي جا دشمن هئاسين“ڪنزا هاشمي جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اداڪارا ڪنزا هاشمي انڪشاف ڪيو آهي ته ڊرامي کان پهريون ئي هوءَ اداڪار علي رضا کي سڃاڻيندي هئي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جا دشمن هيا.

تازو ڪنزا هاشمي ۽ علي رضا هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏنو جنهن دوران هن پنهنجي ڊرامي سميت دوستي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

رپورٽ موجب اداڪارا قصو ٻڌائيندي چيو ته ٻئي اداڪار ڊرامي کان پهريون هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا هيا، شروعات ۾ هڪ ڪمرشل ۾ مليا هيا، پروڊڪشن ٻنهي کي ڌار ڌار ڪمرا ڏنا پر ميڪ اپ روم ساڳيو هيو.

هن چيو ته ميڪ اپ روم ۾ ڀرسان جاءِ علي رضا جي هئي، هوءَ پنهنجي سيٽ تي ويهي ميڪ اپ ڪرائي رهي هئي ۽ سندس برابر هڪ ننڍو اسپيڪر هيو جنهن تي هوءَ گانا ٻڌي رهي هئي، ايتري ۾ علي رضا آيو ۽ هن ماحول ئي مٽائي ڇڏيو، هن اداڪارا کانسواءِ سڀين سان ڳالهه ٻولهه ۽ کل ڀوڳ ڪئي، کيس وڏو اسپيڪر هيو جنهن ۾ هو گانا پيو ٻُڌي، سندس ميڪ اپ آرٽسٽ سان به علي رضا ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران ڪنزا هاشميءَ کي به سلام ڪيو.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن ان ڏينهن ئي سوچي ڇڏيو ته اداڪار علي رضا ڏاڍو اوور آهي ۽ اُتان جهيڙو شروع ٿيو، ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ڪو اسٽار سان هڪ ٽرينڊ تي وڊيو ٺاهڻ لاءِ ڳالهائي رهي هئي جنهن تي علي چيو ته هو ان تي ٽرينڊ تي پهريون وڊيو ٺاهي ڇڏيندو ۽ هن وڊيو ٺاهي اپلوڊ به ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي اداڪار علي رضا چيو ته هنن جي وچ ۾ پروڊڪشن ٽيم غلط فهميون وڌيون هيون، هو ڪنزا کي ڪجهه ٻيو ۽ کيس ڪجهه ٻيو ٻڌائيندا هيا پوءِ هڪ ڀيرو هو ايئرپورٽ تي مليا ته ٻنهي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سموريون غلط فهميون ختم ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.