ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾سون جي اگهه ۾ گذريل ڏينهن وڏي واڌ کانپوءِ اڄ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2700 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 94 هزار 62 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2315 رپيا لاٿ سان 4 لک 23 هزار 578 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 27 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 4 هزار 717 ڊالر جي سطح تي اچي ويو.
هوڏانهن ملڪ ۾ في تولي چاندي جي اگهه ۾ 80 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ في تولي چاندي 8525 رپين جي ٿي وئي آهي.