جن کي اسين آکاڻيون سمجھي وندر لاءِ ٻڌندا آھيون اصل ۾ اھي وڏيون نصيحتون ھونديون آھن زندگيءَ جا گھڻا سبق اسان کي آکاڻيون احسن طريقي سان سمجھائينديون آھن، جن جي ذريعي اسين لطف اندوز ٿي لاڀ حاصل ڪندڙ ڪا نه ڪا حڪمت ڀري ڳالھه به ھنياءَ سان ھنڊائي وٺندا آھيون. اڄ به مان پڙھندڙن کي عقلمندي سان حالتن جو مقابلو ڪري زندگي جي ميدان ۾ ھر ٻھروپئي کي سڃاڻي انھن اڳيان بھادري ۽ حوصلي سان جيئڻ جو اوھان کي ھڪ ننڍڙو پر سھڻو مثال پيش ڪندس جنھن مان اوھين گھڻو ڪجھه سکي ۽ سمجھي سگھو ٿا.
”ھڪ ڪتو ھڪ ڏينھن جھنگ ۾ ڀلجي پري وڃي نڪتو اتي ڏٺائين ته ھڪ شينھن سندس ڏي اچي رھيو ھو. ڪتي جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو ۽ دل ۾ سوچيائين اڄ ته مري ويس پر يڪدم سندس ذھن ۾ ھڪ خيال آيو ته سندس اڳيان ڪجھه ھڏيون پيون ھيون ڪتو پاڻ ڏانھن ايندڙ شينھن کي پٺي ڏئي ويھي رھيو ۽ ھڏيون چوسيندي زور زور سان چوڻ لڳو ته واھ واھ شينھن کي کائڻ جو مزو ئي الڳ آھي جيڪڏھن ھڪ ٻيو به شينھن ملي وڃي ته دعوت مڪمل ٿي ويندي گڏوگڏ وڏي اوڳرائي به ڏنائين، شينھن سوچ ۾ پئجي ويو ته ھي ڪتو ته شينھن جو شڪار ڪندڙ آھي ان ڪري ھتان ڀڄڻ ۾ ئي ڀلائي آھي ۽ شينھن سر بچائي وٺي ڀڳو وڻ تي ويٺل ھڪ باندر اھو سڀ ڪجھه ڏسي رھيو ھو ان سوچيو موقعو ڀلو آھي شينھن کي سڄو قصو وڃي ٿو ٻڌايان شينھن سان دوستي ٿي ويندي ۽ سڄي عمر لاءِ سندس ڊپ مان به جان ڇٽي پوندي ڀولڙو وٺي شينھن ڏي ڀڳو ته ڪتي کيس ڏسي ورتو ۽ سمجھي ويو ته پڪ ڪا نه ڪا حرامپائي آھي. ھوڏانھن باندر، شينھن کي سڄو قصو ٻڌايو ته ڪيئن ڪتي کيس بيوقوف بنايو آھي، شينھن چڙ ۾ چيھاڙ ڪئي ته اڄ نه ڇڏيندس ڪتي کي، باندر کي پٺيءَ تي ويھاري شينھن ڪتي ڏانھن ويو ڪتي ٻيھر شينھن کي ايندي ڏٺو ته کيس وري موت سامھون نظر آيو ھو پريشان ٿي ويو پر ھمت ڪري وري شينھن ڏي پٺي ڪري ويھي رھيو ۽ تيز آواز ۾ چوڻ لڳو ته نڀاڳي باندر کي موڪليم ڪلاڪ ٿي ويو آھي چنڊو ھڪ شينھن ڦاسائي آڻي ناھي سگھيو اھو ٻڌندي ئي شينھن ڀولڙي کي ڦھڪو ڪرائي ڦٽو ڪيو ۽ وٺي ڀڳو“
ھي قصو اسان کي به سيکاري ٿو ته وقت، حالتون، ڏکيايون يا مشڪلاتون ڪھڙيون به اچي وڃن پر اسان کي ھمت ۽ حوصلو ڪڏھن به نه ھارڻ گھرجي ۽ رڳو محنت بجاءِ ڪڏھن عقل کان به ڪم وٺڻ گھرجي ته جيئن پنھنجي آس پاس موجود ڀولڙن کي سڃاڻي وقت سر ھر دشمن ۽ مخالف جي حملي کان بچي سگھجي ۽ ھر ميدان تي پنھنجو بچاءُ ڪري سگھجي، ڇو ته اسان جي زندگين ۾ اھڙا کوڙ مخالف، دشمن يا بغض رکندڙ ھوندا آھن جيڪي ڪنھن نه ڪنھن وقت، ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ حملي لاءِ تيار ھوندا يا حملو ڪندا رھندا آھن ۽ اسان جي چوڦير باندرن جي ته ڪا گھٽتائي ھوندي ئي ناھي جيڪي دشمن يا مخالف کي ڀڙڪائيندا رھندا آھن ان ڪري اھڙين حالتن ۾ ھمت، جرئت، حوصلو، عقلمندي ۽ ڦڙتيءَ سان ئي اسين پنھنجو مضبوط ۽ موئثر بچاءُ ڪري مخالف کي شڪست ڏئي کيس پوئين پير ڀڄڻ تي مجبور ڪري سگھون ٿا.