ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ بي اين پي عوامي جي اسد الله بلوچ سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي.مير سرفراز احمد بگٽي نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي گهر پهتو، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي، مير صادق عمراڻي، حاجي علي مدد جتڪ، مير لياقت لهڙي، سردار سرفراز ڊومڪي رحمت صالح بلوچ، خير جان بلوچ پڻ موجود هئا،ملاقات ۾ ملڪ ۽ صوبي جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.