ڪراچي جي ضلعي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ سٺو سنئوڻ هوندو، ذميواريون /ڏسو صفحو 7 ڪالم 6
ورهايون وينديون، ڪراچي جي ضلعي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ بابت آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 3 وڏيون پارٽيون ڪابينا جو حصو بڻجي وينديون ته ذميواريون ورهائجي وينديون، ٽن وڏن صوبن مان سياسي پارٽيون هونديون ته ڪابينا سٺي هوندي، ڪابينا جو انگ وڏي نه هجڻ گهرجي، خواجا آصف چيو ته تعليماسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ سٺو سنئوڻ هوندو، ذميواريون /ڏسو صفحو 7 ڪالم 6
ورهايون وينديون، ڪراچي جي ضلعي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ بابت آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي، پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 3 وڏيون پارٽيون ڪابينا جو حصو بڻجي وينديون ته ذميواريون ورهائجي وينديون، ٽن وڏن صوبن مان سياسي پارٽيون هونديون ته ڪابينا سٺي هوندي، ڪابينا جو انگ وڏي نه هجڻ گهرجي، خواجا آصف چيو ته تعليم ۽ صحت جهڙيون وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، 10 کان 12 وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي بلاول جي تجويز جي حمايت ڪريان ٿو، ضلعي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ سان اسيمبلي ميمبرن جو بار گهٽ ٿيندو، ڪراچي جي ضلعي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي، ڪراچي وڏو شهر آهي، دنيا جي وڏن شهرن ۾ مقامي حڪومتون مضبوط آهن.
۽ صحت جهڙيون وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، 10 کان 12 وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي بلاول جي تجويز جي حمايت ڪريان ٿو، ضلعي حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ سان اسيمبلي ميمبرن جو بار گهٽ ٿيندو، ڪراچي جي ضلعي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ٿيڻ گهرجي، ڪراچي وڏو شهر آهي، دنيا جي وڏن شهرن ۾ مقامي حڪومتون مضبوط آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.