اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ٽرانسفر، پوسٽنگ، ترقياتي منصوبن ۽ ڀرتين تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن موجب نگران حڪومتن جو مدو مڪمل ٿيڻ تي پابندي کنئي پئي وڃي.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊيل حڪومتون پنهنجا معمول جا معاملا انجام ڏئي سگهن ٿيون.واضح رهي ته چونڊن سبب اليڪشن ڪميشن ٽرانسفر، پوسٽنگ، ترقياتي منصوبن ۽ ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.