اسلام آباد: (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان نوازشريف جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ جي لاءِ سندس گهر پهچي ويو. رپورٽ موجب اڳوڻو وزيراعظم ميان نوازشريف مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ويو جتي هن ساڻس ملاقات ڪئي. ساڻس گڏ اسحاق ڊار، احسن اقبال، راڻا ثناءُالله ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. مولانا فضل الرحمان نوازشريف ۽ ان جي ساٿين جو استقبال ڪيو. مولانا فضل الرحمان سان گڏ خيبرپختونخواهه جو گورنر غلام علي، قومي اسيمبلي جو ميمبر عبدالغفور حيدري ۽ نور عالم خان به موجود هئا. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽(ن) ليگ طرفان مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي. رپورٽن موجب نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ آمهون سامهون ملاقات پڻ ٿي. ٻئي طرف ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي نوازليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات بهتر رهي. مولانا فضل الرحمان کان هميشه رهنمائي ملندي رهي آهي. اسان پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڏکيو وقت گذاريو آهي. مولانا اسان تي تمام گهڻو مهربان آهي. انهي جي اسان سان ڪابه ناراضگي نه آهي. هن چيو ته ملاقات دوران سمورا قومي معاملا غور هيٺ آيا. جنهن دوران مولانا فضل الرحمان پنهنجي موقف بابت پڻ آگاهي ڏني.