واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته غزه ۾ هن وقت تائين 25 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا مارجي چڪا آهن. آمريڪي بچاءُ واري وزير لائيڊ آسٽن ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ هو، جنهن ۾ ڪانگريس جي ميمبر روکنا هن کان غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ قتل ٿيندڙ فلسطنين جي ۾ سوال ڪيو ، جنهن تي آمريڪي بچاءَ واري وزير تصديق ڪئي ته 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ 25 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار مارجي ويا آهن. ان کان پوءِ ڪانگريس ميمبر رو کنا هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيل کي ڪنهن به قسم جي هٿيارن ۽ گولا بارود جي منتقلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪانگريس ميمبر چيو ته دفاع وارو وزير لائيڊ آسٽن ان حوالي سان ڊيٽا فراهم نٿو ڪري سگهي ته ڪيترو فوجي سامان آهي. آمريڪا ايتري حد تائين اسرائيل ڏانهن منتقل ڪيو آهي ته جڏهن اسان پنهنجي اتحادين کي هٿيار فراهم ڪنداسين ته هو انهن کي انتقامي ڪارروائي ۾ استعمال ڪندا.