پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته حڪومت وٽ سندن مطالبا مڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل بيان ۾ سهيل آفريدي چيو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کانسواءِ اهڙا قدم بغاوت جي برابر آهن، همت ڪيو ۽ اعلان ڪيو ڇڏيو.
هن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن آئيني ۽ قانوني مطالبن تان پوئتي نه هٽندا، سندن لانگ مارچ مطالبا منظور ٿيڻ تائين قانون موجب جاري رهندو. هتي رڳو عمران خان جي پاليسي ئي هلندي.
سهيل آفريدي وڌيڪ چيو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ جي اعلان کانپوءِ ماڻهو ترڪيءَ جو مثال ڏيڻ وساري ويهندا.
”ترڪي جو مثال وسري ويندئو“ خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي سهيل آفريدي جو ردعمل
You might also like