پاڻي مٿي کان گذري ويو، هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم جي ڪي پي حڪومت تي تنقيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اسلام آباد ڏانهن ايندڙ لانگ مارچ کي اچڻ نه ڏيندي ۽ قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو.
آچر ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ”هي ٽولو ٻيهر اسلام آباد اچڻ چاهي ٿو ۽ انهن ڀوائتن يادن کي تازو ڪرڻ چاهي ٿو. ڪپڙا ٽنگڻ ۽ قبرون کوٽڻ جهڙن واقعن ذريعي ڇا اهي ٻيهر پاڪستان کي ساڳئي دور ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا؟“
هن چيو ته حڪومت مولانا فضل الرحمان کي به درخواست ڪئي آهي ته هو ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته هن وقت جيڪا گفتگو ڪئي پئي وڃي، اها برداشت جوڳي ناهي آهي. پاڻي مٿي کان گذري چڪو آهي. مون ڪابينا کي چيو آهي ته هاڻي فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.
وزيراعظم خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي تنقيد ڪندي چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ ۽ بنون جهڙن علائقن ۾ روزانو حملا ٿي رهيا آهن، پر صوبائي حڪومت خاموش آهي.
هن چيو ته هو اهو چوڻ نٿو چاهي ته هڪ پاسي انهن جا جلوس نڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي ماڻهو نشاني تي آهن.
شهباز شريف چيو ته 2010ع جي قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ بابت خيبرپختونخوا کي هڪ سيڪڙو واڌو وسيلا ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين ان مد ۾ 800 ارب رپيا ڏنا ويا آهن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اها رقم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ لاءِ هئي، اها رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي؟

You might also like