فارم 45 موجب نتيجا اچن ها ته منهنجا ووٽ 225 هجن ها:عامر ڊوگر

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻ ۽ اسپيڪر جي چونڊ وڙهندڙ عامر ڊوگر چيو آهي ته جيڪڏهن  فارم 45 موجب نتيجا اچن ها ته منهنجا ووٽ 225  هجن ها، ڪالهه وارو اجلاس تعزيتي اجلاس هو، اسان کي ماڻهن جوتا، گهڙيال، واڱڻ ۽ ٻيا چونڊ نشان ڳولي ڳولي ووٽ ڏنو، ايوان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هي ايوان بالادست ٿيندو، جنهن اسان جو مينڊيٽ چورايو، هن چيو ته ماڻهن اسان جي چونڊ نشانن کي ڳولي ڳولي ووٽ ڏنو، جن کي ووٽ نه مليو ايوان ۾ انهن جا چهرا لٿل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.