اسلام آباد (م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل اڳواڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اميدوار جنيد اڪبر خان چيو آهي ته اسان اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪنداسين نه ئي ڪرڻ ڏينداسين، اسان اسيمبلي کي نٿا مڃون، ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، اسان هتي مفاهمت يا ڳالهائڻ ناهيون آيا ۽ نه ئي ايوان کي هلڻ ڏينداسين، جنيد اڪبر ايوان کي خطاب ڪندي مصطفيٰ شاهه کي ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته مصطفيٰ شاهه آئون اوهان کي پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽي جي طرفان والاريل اسيمبلي ۾ اليڪشن جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ٻه سال اڳ سازش جي ذريعي عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، سنڌ هائوس ۾ منڊي لڳائي وئي، سياسي خانه بدوشن جي قيمت لڳائي انهن جي ضمير کي خريد ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف سازشون ڪري ان کي ڪيرايو ويو، اسان هن اسيمبلي کي نٿا مڃون، اسان جو ليڊر جيستائين ٻاهر نٿو اچي، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته ڪو به هن ڪرسي تي عزت سان ويهي سگهندو.