اسلام آباد (م ڊ) نئين چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل اميدوار جنيد اڪبر چونڊن ۾ حصو وٺي اليڪشن جي اهميت ۽ جمهوريت جي صحت مند روايت کي اڳتي وڌايو آهي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سڀ کان پهريان الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، جنهن مون جهڙي هن عام انسان کي اهو اعزاز ڏنو، مان شهيدن جي جماعت پيپلزپارٽي، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ سمورن پ پ ميمبرن جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته مان ڪنهن جي اعتماد کي ڇيهو نه رسائيندس.