ملڪ ۾ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿينديون: شيڊول جاري

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صدارتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري  ڪيل شيڊول موجب ملڪ ۾ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿينديون، 2 مارچ تي نامزدگي ڪاغذ 12 وڳي کان اڳ جمع ڪرائي سگهبا، اليڪشن شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 4 مارچ تي ريٽرننگ آفيسر صبح 10 وڳي ڪندو. نامزدگي ڪاغذ 5 مارچ ٻنپهرن جو 12 وڳي تائين واپس وٺي سگهبا، اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته صدارت جي اميدوارن جي فهرست 5 مارچ تي 1 وڳي لڳائي ويندي ۽ 9 مارچ تي صدارتي اليڪشن ٿيندي، شيڊول موجب صدارتي چونڊ جي لاءِ پولنگ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. آئين موجب صدارتي چونڊ جو ريٽرننگ آفيسر چيف اليڪشن ڪمشنر هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.