وڏو وزير اڄ خانپور پھچندو، عزيز جوڻيجي جي پونئيرن سان تعزيت ڪندو

ڪڪڙ (ن ع آ) وڏو وزير اڄ ڪڪڙ لڳ خانپور پھچندو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويل ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو جي پوئنيرن سان تعزيت  ڪندو . تازو پ پ پ جي پي ايس 80 ڪي اين شاھ مان  چونڊيل  ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو جي وفات تي وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پاران  اڄ ڇنڇر ڏينھن  ھيليڪاپٽر ذريعي 11بجي  ڌاري ڪڪڙ لڳ جوڻيجا ھائوس  خانپورجوڻيجو پهچندو جتي ھو سندس   ڀائيٽن پ پ پ اڳواڻ زبير احمد جوڻيجو ۽ اسد خان  جوڻيجو علي بخش سان تعزيت ڪندو وڏي وزير جي آمد کان اڳ ھيلي پيڊ تيار ڪيو ويو آھي  سيڪورٽي جي حوالي سان اھلڪار پھچي  جائزو ورتو آھي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض راھوجو پڻ پھچي جائزو ورتو آھي وڏي وزير جي آمد کان اڳ روڊ  رستن ۾  صفائي جو عمل شروع ٿي چڪو آھي ياد رھي  تازو 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ عبدالعزيز جوڻيجو پي ايس 80 ڪي اين شاھ مان صوبائي پ پ جي ٽڪيٽ تان ايم پي اي طور  ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد 5 ڏينھن بعد لاڏاڻو ڪري ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.