اسلام آباد( م ڊ) پ پ اڳواڻن نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر جي سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت باوجود سندن سيٽون خالي قرار ڏنيون ويون، اليڪشن ڪميشن نثار کهڙي ۽ ڄام مهتاب جي سيٽن کي آئين جي آرٽيڪل 223/4 تحت خالي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چونڊ شيڊول به جاري ڪري ڇڏيو آهي، سيٽ خالي قرار ڏيڻ باوجود به نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته نثار کهڙو ۽ ڄام مهتاب ڏهر هن وقت سينيٽ جا ميمبر نه آهن، انهن جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ تقريرون غير آئيني آهن، ذريعن موجب سينيٽ جي سيٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو عهدو به خالي آهي، جنهن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر سندن مدو 11 مارچ تائين آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي، جنهن ۾ بلوچستان جي 3، سنڌ جي 2 ۽ سنڌ جي هڪ سيٽ شامل آهي.