سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

سکر (عوامي آواز نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ عمر قيد جي سزا ٻڌايل ميرپور ماٿيلو جي پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو، نوتن لال توهين الزام هيٺ ٻڌايل عمر قيد جي سزا خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، عدالت اپيل منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، 2022 ۾ ففٿ اينڊيشنل سيشن ڪورٽ سکر پروفيسر نوتن لال کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، نوتن لال خلاف 2019 ۾ ميرپور ماٿيلو ۾ توهين جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پروفيسر نوتن لال 2019 کان سينٽرل جيل سکر ۾ قيد آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ اپيل منظور ڪندي نوتن لال کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.