ڪنب لڳ 3 موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 نوجوان فوت، هڪ زخمي

ڪنب (رپورٽ:عامر علي لاشاري )  ڪنب ٿاڻي جي حد  مهراڻ هاءِ  وي حسيني شاخ لڳ 3 موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ گل محمد تمراڻي عرف گلو پيري، علي نواز شنباڻي خان گوپانگ شديد زخمي ٿي پيا جن کي گمبٽ ڪنب اسپتال داخل ڪيو ويو گمبٽ گمس اسپتال ۾ غلام محمد عرف گلو  تمراڻي ۽ علي نواز شنباڻي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته زخمي ٿيل خان گوپانگ جي حالت پڻ نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي ڪنب پوليس کي اطلاع ملندي تي حادثي جو شڪار ٿيل موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻائي آهي آخري اطلاعن تائين ڪنب ٿاڻي تي حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.