دنيا جي تيزتر ۽ جديد ترقيءَ کي فل اسٽاف نه ٿو هڻي سگهجي. ائين چئجي ته جيڪي به صنعتون، فيڪٽريون ۽ مشينون، ٽرانسپورٽيشن، هوائي جهاز، ريل گاڏيون، بحري جهاز يا جيڪا به تيز ۽ تُز ترقي آهي ان کي ٻُنجو ڏئي ڇڏجي، روڪي ڇڏجي يا ڪووڊ وانگي هڪ ننڍڙي ساهي پٽرائجين، کين شٽ اپ ڪال ڏئي ڪجھه گهڙيون چپ ويهارجين ته بس ٿورو هاڻي بس ڪيو بس گهڻو ٿيو هاڻي دنيا مان جيستائين دونهون گهٽجي تيستائين الله کي مڃو بس ڪيو. پر اها ڳالهھ ڏينهن جي چٽائي جهڙي آهي ته هيءَ جيڪا به رنگيني ۽ روشني آهي، هيءَ جيڪا به ترقي ۽ آسائش آهي،
هي جيڪي به عيش عشرتون آهن، ان جي بدلي هڪ زبردست دونهون به ڳهڻو ٿو پوي يا چئون ته اها ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهڻائي، اهي سڀ گرين هائوس گيسز به کائڻيون ٿيون پون. ۽ اهو زهر جو ڍڪ ڀرڻو ٿو پوي، نه ته ٻي صورت ۾ دنيا مان آسائشون ۽ مزا موڪلائي هليا ويندا. هي جيڪي به خوبصورت جايون جڳهون، عمارتون ۽ عبادتگاهون، پارڪ ۽ شاپنگ مال آهن اهي جيڪي به اک ٻوٽ واريون ترقيون، ٽيڪنالاجيون ۽ سائنسون آهن، جو حضرت انسان وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪيون آهن. يا جنهن جي لاءِ چوندا آهن ته ”اسڪاءِ از دي لمٽ“ معني ترقي ڪيو ۽ آسمان تائين پهتو پر اهي سڀ دونهان ۽ ٻوساٽيل ماحول ڏسي دل کٽي ٿي پئي ۽ دنيا کي چئجي ته هاڻي ترقي نه ڪيو جو اهڙو ”سون ئي گهريو جيڪيو ڪَن ڇني“ جو انهن جو ترقيون پنهنجي جاءِ پر اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ بارشن جي ڪري جيڪي نقصان ٿين ٿيا اهي ڏسي دل رتَ جا ڳوڙها ٿي روئي ته ”ڌڪ جَهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير“ پر هتي فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته هن هيهڙي بدترين ۽ بيڪار موسمياتي بدلجندڙ صورتحال ۾ ”فقير ڪير آ ۽ ڀولي ڪير آ“ يا غريب ملڪن جو آخر ڇا ٿيندو يا انهن ملڪن جو جن وٽ 75 فيصد آبادي رڳو زرعي آهي يا اهي ملڪ ڪچي جي علائقن تي ڀاڙن ٿا.
اها ڳالھه به مڃون ٿا ته جيڪي به سهڻا بهترين ڪپڙا پائجن ٿا، جيڪي به عيش عشرتون ۽ مزا ماڻجن ٿا، اهي رڳو ان دونهين جي بدولت آهن، جيڪو وري بدلي ۾ هڪ زبردست ماحولياتي دهشتگردي به ڪري ٿو. ٻي معني ۾ چئون ته اهي دنياوي مزا ۽ راحتون ماڻهن کان حياتيون به کسن ٿيون ۽ ساھ ٿيون سُڪائن جو اهي ڳڻتيون ڪجن ته مشينون، صنعتون، فيڪٽريون، جهاز ۽ ٽرانسپورٽيشن بند ڪري ويهي رهجي. پر ائين هرگز ناهي. ائين چئون ته هر مرض پاڻ کان اڳ دوا ضرور کڻي ٿو اچي، ان ڪري دنيا جي انجنيئرنگ ۽ ٿنڪ ٽئينڪ ان ڳالھه تي ڳڻتي ۾ آهي ۽ جيڪي به جي8 يا جي20 جا اجلاس ٿين ٿا اهي سڀ ان ڳالهھ تي مٿو ٻَڌي ٿا ويهن ته آخر ڇا ڪجي؟ ۽ ڪيترو ڪجي جو ان دونهين مان جان ڇٽي ۽ ماڻهو صاف هوا ۾ ساھ کڻن، ۽ ڪجھه ڏاها ۽ ترقي يافتا ملڪ ان ڏس ۾ هر سال گڏ به ٿين ٿا، جيڪي انهن مصيبتن جا حل ڳولهڻ ۾ لڳا پيا آهن، جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جا ”سَڪرَ“ هڻي اوزون مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس واپس به کڻن پيا. جيڪي ازدها مشينون ڏينهن رات ان ڪم ۾ به لڳيون پيورن آهن جيڪي وري ان گيس کي ڪنورٽ ڪري زمين تي اڇلائن ٿيون. سڀ ملڪ ان ڳالھه تي به هڪ آهن ته ٻيلا آباد ڪيا وڃن، ٻيلن ۾ هيليڪاپٽرن جي ذريعي ٻج ڇٽيا وڃن ۽ پوءِ بارش ڪرائي وڃي يا بارشن جي مند کان پهرين اهي ٻج ٻيلن ۾ ڇٽيا وڃن ته جيئن اهي مينهن جي مند ۾ پاڻي ملڻ کانپوءِ ڦٽي نڪرن ۽ اهي ٻيلا وري وڻن سان ڀرجي وڃن. ٻي مصيبت اها به آهي ته ڪرپشن جي هڻ هڻان جي ڪري اسان جي ملڪ ۾ وڻ به ڪاغذن ۾ پوکيا ويا ۽ ڪروڙين روپين جا وڻ رڳو ڪاغذن ۾ ڏٺا ويا. اهي سڀ ڳالهيون وري انهن اهل علم ماڻهن کي ستائن ٿيون جيڪي واقعي هن ڌرتي جي گولي لاءِ پريشان آهن ۽ غمگسار به آهن جن جي دماغ ۾ هڪ غصو به آهي ته اهي ملڪ جن کي وڌيڪ قيمت ڏيڻي ٿي پئي، اهي 20 غريب ملڪ جيڪي آفريڪا ۽ ايشيائي ملڪ آهن انهن ۾ صوماليا کان وٺي بنگلاديش، پاڪستان، افغانستان ۽ ڀارت به آهن (هڪ ٿلهي ليکي) ته اهي ملڪ اهي جاڳرتائون هلائن ۽ جيڪي به زرعي زمينون ٻيلن جي نذر ٿي ويون آهن، اهي واپس وٺي اتي ٻيلا ۽ ساڳيا گهاٽا جهنگ وڌائن ۽ ساوڪ پيدا ڪن، اتي وڻن جي پوکائي ڪئي وڃي ۽ اتان جو حڪومتون ان ڏس ۾ انٽرنيشنل مهم سازي ۾ مددگار ثابت ٿين.
صنعتي ترقي پنهنجي جاءِ تي، پر اهي سڀ ترقيون ۽ عيش ۽ عياشيون هاڻي هڪ بدلاءَ جون منتظر آهن، جيڪي هڪ زبردست ”شفٽ“ ۾ آهستي آهستي يا ڪجھه اسپيڊ سان تبديل ٿينديون پيون وڃن. جيئن انهن سڀني ماحولياتي غلطين جي تصيح ٿي سگهي ۽ ماحول سان گڏ هن ڌرتي جي گولي کي بچائي سگهجي. ان ڪري جو حضرت انسان وٽ رڳو هڪ ئي ڌرتي جو گولو آ، جنهن کي بچائي سگهي ٿو ۽ کيس بچائڻ به گهرجي، نه ته ٻي صورت ۾ جيڪا تباهي ۽ بربادي موسمن جي صورت ٿئي پئي ان کان بچاءُ مشڪل يا ناممڪن آهي.
جيئن بي مهليون بارشون، ججهي انداز ۾ بارشون ۽ سوڪهڙا جن جي ڪري ٻيلن جي تباهي به مقدر بڻجي ٿي، جنهن سوڪهڙي جي آبي جيوت سان گڏ جانور ۽ پالتو جانور به تباھ ۽ برباد پيا ٿين، جنهن آبي جيوت تي ماڻهن جو روزگار جڙيل رهي ٿو ۽ ماڻهو اهو روزگار ڪري پيٽ پالن ٿا، اهي زرعي خطا ان نموني جي روزگار تي آباد به آهن نه ته ٻي صورت ۾ جي آبي جيوت نه هوندي ته ماڻهو انهن علائقن مان لڏپلاڻ ڪندا ويندا، اتان لڏي اهڙن علائقن ۾ آباد ٿيندا جتان کين روزگار ۽ رهائش به ملي نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهو اتي رهي بک مري ويندا. ٻي ڳالهھ اها به آهي ته جي پالتو جانور نه پالي سگهبا، پالتو جانور چارو نه ملڻ جي صورت ۾ بک تي سُڪي پاھ ٿي مري ويندا ته ماڻهو انهن جي آسري ڪيئن رهي سگهندا؟
ان ڪري اتان وري اهي پالتو حلال جانورن جا ڪاروبار به ختم ٿيندا ويندا ۽ ماڻهو مجبورن انهن علائقن مان لڏي ڪنهن اهڙي علائقي ۾ ويهندا جتي کين جيون دان ملي. ان ڪري اها ڳالهھ رڳو اسان جي ملڪ سان لاڳو ناهي پر اهن سڀني ملڪن سان لاڳو هجي ٿي جتي زراعت ۽ پالتو جانورن سان گڏ دريائي آبي حيات تي ماڻهن جو روزگار آڌاريل هجي ٿو. ان ڪري موسمياتي تبديليون انهن سڀني ڏمرن جا سبب به آهن جنهن جي ڪري دنيا جا ملڪ پريشان آهن.
انهن ملڪن ۾ هڪ ٻي ڳڻتي به آهي ته جيڪي گليشيئر آهن اهي ڏينهن رات پيا پگهرجن جن جي ڪري سامونڊي پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ۽ سامونڊي پاڻي پنهنجو رنگ مٽائي ويو آ ۽ ٽيون ته جيڪي به تيل، گيس ۽ فرنيس آئل تي مشينون هلن ٿيون اهي هڪ ته زهريلو پاڻي ۽ دونهون زمين جي سطح تي ڇڏين ٿيون، ان ڪري انهن سڀني جي شفٽ ضروري آهي ته اهي تيل، پيٽرول، ڊيزل ۽ گيس جي استعمال کانسواءِ هاڻي سولر انرجيءَ تي اهي سڀ مشينون، صنعتون ۽ فيڪٽريون هلائن ته جيئن دونهين مان جان ڇٽي ۽ ترقي کي بيهاري نه سگهجي ۽ اها ترقي نان اسٽاپ ترقي هجي يا ٿي پئي.
ان ڪري جيستائين اهي توانائيون منتقل نه ٿيون ٿيون تيستائين اهن بي سبب ”ملين آف ٽنز“ دونهين مان جان نه ڇٽندي. اهي جيڪي نقصان ٿين ٿا اهي ٿيندا رهندا ۽ انهن جي ان تيزيءَ تي ڪير به پير نه رکي سگهندو. ان ڪري اهي مشينون، صنعتون، فيڪٽريون ۽ ترقي جا ذريعا ٻه ڳالهيون ڪن هڪ ته شين جي پائداري تي ڌيان ڏين ته جيئن مشينون گهٽ ۾ گھٽ هلن ۽ ٻيو ته انرجي رسورسز تي ڌيان ڏين ته جيئن اهي هڪ تڪڙي شفٽ تحت گيس، پيٽرول ۽ ڊيزل تان شفٽ ٿي وڃن ۽ بي سبب ”ملين آف ٽنز“ دونهين مان جان ڇٽي، ۽ ٽيون ته “گرين سوسائٽي ۽ گرين انوارونمينٽ“ تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪن ته جيڪي به فيڪٽرون آهن اهي ريسائڪلنگ مهل اها ڳالھه ڏسن ته ماڻهن ڪٿي گھٽ ۾ گھٽ ڊسپوزبل شيون استعمال ڪن.
اسٽين ليس اسٽيل شين تي گهڻو ڌيان ڏين، فيڪٽريون، صنعتون، ادارا ۽ ڪنزيومر به گڏوگڏ اهي سڀ شيون استعمال ڪن جن ۾ بجلي جو گهٽ استعمال هجي، شيون ڊجيٽائيزڊ هجن معني ٽرانسپورٽيشن گھٽ ۾ گھٽ استعمال ٿئي، سرڪاري ۽ خانگي ڪمپنيون ماڻهن کي گڏيل ٽرانسپورٽ مهيا ڪن ته جيئن هر فرد موٽرسائيڪل، الڳ الڳ ڪار ۽ الڳ ٽرانسپورٽ استعمال نه ڪري، ٽشو ڪلچر کي گھٽ ڪيو وڃي، پيپرليس ورڪنگ تي زور هجي، ڪمپيوٽرائيزڊ عملن ۾ تيزي آڻجي، ليٽربازي نه ڪجي ۽ ايميلنگ تي زور ڏجي، گوگل ميٽنگز تي ڌيان ڏجي، اهي سڀ شيون ۽ عمل ڪجن جن ۾ پيپرليس ۽ ٽرانسپورٽ ليس ڪم هجي ،معني جيڪڏهن روڊ تي بسيون ۽ گاڏيون گھٽ هلنديون ته اهي دونهون به نه ڪنديون، ۽ جي شيون ڊجيٽائيزڊ هونديون، فون ۽ گوگل زوم جو استعمال گھڻو هوندو ته هوا ۾ دونهون گھٽ ڇڏي سگهبو ۽ نتيجي ۾ هوا صاف سٿري هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ وري ڌرتي کي دونهين کان بچائي سگهبو ۽ موسمياتي تبديلين جي ڏمر کان بچي سگهبو.