ڌرتي جو شاعر شيخ اياز

تحرير: فياض سنڌي

شيخ اياز چئي ٿو جن کي درد تڙپ ھوندي آھي اھي دريا ،سماج يا ڪنن جي ڪڙڪن سان ناھن ڊڄندا انھن وٽ انھن جو درد اتم ھوندو آ ھو سمجھندا آھن درد ئي سڀ ڪجهھ آ .ٻئي ھنڌ اياز لکي ٿو ته :

ديواني درياهه کي، ڪيڏي گڦ چپن،

پيرين ان جي پيڪڙا، وجهي ڪُن ڦِرن،

ڇيڙ انهيءَ سان ڇوليون، ڪري ڪارون ڪَن،

پو به نه ٿيون ڇِرڪن، جن کي ساهڙ ساهه ۾.

)ص132)ڪپر ٿو ڪن ڪري(

ڏم ، سماج ، سماج جي بندش ، ڪاري رات، ڪچو گھڙو، دريا ۽ ڪنن جا ڪڙڪا سھڻي کي روڪي نه سگھيا ڇو ته سھڻي پاڻ ھڪ سور ھئي ھوءَ پچي ٽامو  ٿي پئي ھئي ھوءَ خود درد جو پھاڙ ھئي. جنھن کي سمجھيو آ ته ڏاھي لطيف سمجھيو آ ، جنھن جي درد کي سمجھيو آ ته اياز سمجھيو آ. شيخ اياز وٽ درد اجتماعي سطح تي آھي جڏھن ھو مارئيءَ جو ذڪر ڪري ٿو ته ھن ۾ صرف مارئي نه ملير جو درد ڏسي ٿو ڇو ته مارئيءَ جي دل ۾ ملير جا کٿوري خوشبوءِ ، ساوا چھچ گاھ، ھن جا ماروئڙا ۽ ھن جو ور کيت اول آھي انھن جي جدائي جو درد ھن کي ستائي ٿو تڏھن ته ھوءَ عمر جي قيد ۾ سون ته ڇڏ اتان جو ٿيل به پارن کي لڳائڻ پاپ ٿي سمجھي ، ھن وٽ ملير جي مٽي وڏي اھميت جوڳي آھي.

کٿيرين خوشبوءِ، ويڙهو مون کي واس ۾،

ڪائي سرڳ سڳنڌ آ، جيڏا! تنهنجي جوءِ،

هيءَ جا راڻيءَ روءِ، ڌرتي تنهنجي ديس جي.

(ڪپر ٿو ڪن ڪري ص 165)

مارئي وٽ جيڪو گھرو درد آھي اھو ڌرتيءَ سان جدائيءَ جو آھي ھن جي لاءِ ملير ساھ جي رڳ جيئان آھي تڏھن اياز ھن جي درد کي بيان ڪندي لکي ٿو ته؛

هي جو ڏونرن ڏيهه، مون کي مليو ڏاج ۾،

اهڙو ڪو ساڻيهه، آءٌ نه ڀانيان ڀونءِ تي.

(ڪپر ٿو ڪن ڪري ص 165)

شيخ اياز جي سڄي شاعري امن ، پيار ، محبت ، سونھن، ڌرتي ، درد تي آھي پوءِ اھو درد سسئي جي صورت ۾ ھجي يا مارئيءَ جي زباني ھجي پر ھميشه جستجو ۾ رھڻ جي ئي راھ ملي آھي اياز جي سٽ جيئان ته ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ته يعني درد پنھنجو زور لڳائي اسان پنھنجو . اياز وٽ ٻيو جيڪو درد معنيٰ رکي ٿو اھو آھي سماج جو درد ، عام ماڻھو جو درد ، ڌرتي ڌڻيءَ جو درد ، بک تي ماني ڳڀي جي آس ۾ ويٺل معصوم ٻارڙن جو درد.

اياز چئي ٿو ته؛

ڪيڏا ابھم ٻارڙا ، ليڙون ليڙ لباس

جن مان تن جو ماسُ، بکي چتين وانگيان.

(اڪن نيرا ڦليا- ص 65)

ٻئي ھنڌ چئي ٿو ته؛   چينُ کَسن ٿا چِت کان،   وَر وَر مانيءَ کَنَ.

(جھُڙ نيڻان نه لھي- ص 139)

اياز جون سٽون معاشي تنگيءَ ، نراسائي ۽ ڌرتيءَ جي ھر درد جي دانھن آھي. شاعر انفرادي نه پر اجمتاعي سوچ رکندڙ ھوندا آھن ڌرتيءَ کان ويندي سماج ۾ ھر درد ، تڪليف ان کي پنھنجي وجود ۾ محسوس ٿيندي آھي ۽ تڏھن شاعر دانھن ڪري بغاوت ڪندو آھي اياز چئي ٿو ته ؛

بُکَ وگھي ڇاڇا نه ڪيو ٿا،

ڌرتيءَ جا مظلومو جاڳو!

(اڪن نيرا ڦليا-ص 142)

ماني ڳڀي لاءِ کوڙ ساريون تڪليفون برداش ڪيو ٿا اوھان پاڻ ۾ شعور پيدا نٿا ڪريو؟ ظالم سان جنگ نٿا جوٽيو؟. اياز وٽ ذاتي سورن ،تڪليفن، دردن کان سواءِ ڌرتيءَ جو درد وڏي معنيٰ رکي ٿو پنھنجي ڌرتي ھر ماڻھو سائي ستابي ۽ خوشحال ڏسڻ چاھيندو آھي پر جڏھن ھُن خوبصورت ڌرتيءَ جا سُڪل ۽ سڙيل ٿوھر ڏسي ته ان ماڻھو اندر جيڪا تڪليف ٿيندي آھي يا سور پوندو اھو اياز کي پيو جڏھن ھن ٿر جي اُسريل آب ريءَ سڪل ۽ سڙيل ٿوھرن کي ڏٺو ۽ خوشحاليءَ جو خواب ڏسندي چيو ته ؛

ڪھڙي ننڊَ بھشت ۾ ، منھنجو منجھي ھانءَ،

او شل ڏسان آنءَ، ساوا ٿوھر ٿَرَ  تي.

(جھڙ نيڻان نه لھي- ص 56)

اياز وٽ درد جيڪو به رھيو آھي اھو اجتماعي دور ڌرتيءَ جو ئي درد رھيو آھي ھن وٽ ڌرتيءَ جا ستم ، ڌرتيءَ لاءِ تڙپ، ۽ ڌرتيءَ جي جدائيءَ جي جيڪا تڪليف آھي اھا اياز وٽ ايتري ته وسيع آھي جو اياز سڀ عيش آرام رد ڪري سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجو ڪري چوي ٿو ته:

تنھنجي ڪوثر توکي پھتي، مون کي ڏينم ڇڏي،

ڪعبي ۾ ڀي ياد اچي ٿي، مون کي ڪينجھر جي.

(وڄون وسڻ آئيون- ص 41)

اياز خود ان ڳالهھ جي دعوا ڪئي آھي ته مون وٽ پنھنجي ڌرتي سنڌ کان سواءِ پوري عالمگيريت جو احساس آھي، انھن جو درد آھي مان انھن جي درد کي ،تڪليفن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ سمايو آھي.

اياز پنھنجي مجموعي اڪن نيرا ڦليا ۾ لکيو آھي ته ؛

مان ھونءَ ته تنھنجو راڳي ھان،

پر اڄ تائين جو ڳايو آ،

مون ان ۾ ساري ڌرتيءَ جو

ڄڻ پورو ڏُک سمايو آ.

(اڪن نيرا ڦليا- ص 145)

اياز وٽ لطيف جيئان درد ۾ به سرور آھي درد ۾ به لطف ٿو محسوس ڪري اياز وٽ سک ۽ ڏک جو ڳانڍاپو سرور  ۽ سڪون مھيا ڪري ٿو.

اياز چئي ٿو ته:

تنھنجي منھنجي ساھ کي ، ڳنڍ ڏني جا ڏک،

پيارا سارا سک ، مٽ نه ان ميلاپ جي.

(اڪن نيرا ڦليا – ص 55)

اياز وٽ ڌرتي، سماج ، ماروئڙن سان گڏوگڏ محبوب جي جدائيءَ جو به درد آھي جيڪو ان کي بي چين ڪري ٿو چئي ٿو ته؛

سيڻھه کنئي ساھ ، پيا پور پرينءَ جا،

دکن جا درياه ، پار ڪياسين پل ۾.

(ڀؤنر ڀري آڪاس،ص4)

شيخ اياز گھڻ مطالعي ۽ مشاھدي وارو شخص ھن سٽن ۾ اياز وٽ مشاھدو گھرو نظر اچي ٿو سيڻهھ ھڪ ٻوٽي جو قسم آھي جنھن لاءِ اياز چئي ٿو ته سيڻھه جڏھن ساھ کنيو تڏھن مونکي پنھنجي محبوب جا پور پيا ، تڙپ پيدا ٿي پر اھي جيڪي ڏکن ، سورن جا درياه آھن اھي پل ۾ پار ڪيا . شيخ اياز جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي مجموعي طور معلوم ٿئي ٿو ته اياز جو تخليقي درد تمام گھرو آھي. اياز وٽ درد جو فلسفو فني ۽ فڪري حوالي سان روشني ۽ راھ جو ڏس ڏئي ۽ منزل تي پھچڻ جو چٽو عڪس ڏسي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.