پنهنجي نانءُ جيان سنڌ جو فرمانبردار

تحرير: فياض حسين راڄپر

دنيا جي تاريخ ۾ اُھي ڪردار زنده رهندا آهن جيڪي پنهنجي وطن جي آجپي، قوم جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آھن.  جيڪي پنهنجي جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئندا آهن جن جو ھڪ مقصد ھوندو آھي ته ھو پنھنجي ديس جي ماڻهن کي ڏکائين ۽ تڪليفن مان ڪڍي اُنهن سان گڏ بيھي پيڙھيل طبقي جي ماڻھن جا مسئلا حل ڪن.  جيڪي ڏکن، تڪليفن، اھنجن، پيڙائن ۽ اذيتن مان گذرندا آهن جيڪي پنهنجي جي سوچ سان ماڻهن کي گڏ ڪري سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ڏھڪاءُ کان باخبر ڪندا رھندا آھن پاڻ ھميشه ٿڌيءَ ۽ تتي جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي وطن خوشحالي لاءِ غريب عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي گڏ ڪري بيھندا آھن سچ پچ ته تاريخ اھڙن املھه ڪردارن کي ھميشه زنده رکندي آئي آهي. اهڙن لازوال ڪردارن مان سنڌ جي تاريخي شھر خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ زوار محمد الياس سان تعلق رکندڙ فرمان سھتو پڻ ھڪ آهي.

جنھن جو جنم 02 مارچ 1987ع ۾ فيض علي سھتو جي گھر ۾ جنم ٿيو جيڪو ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ آهي جنھن پنھنجي ابتدائي تعليم جي شروعات پرائمري اسڪول زوار محمد الياس سھتو. جنھن کانپوءِ ھائير سيڪنڊري اسڪول ھنڱورجا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان تعليم مڪمل ڪئي جنھن کي ننڍپڻ ۾ پنھنجي ماروئڙن سان ايتري ته بي پناھه محبت سمايل آهي جيڪا کيس سک سان سمھڻ نه ڏنو جنهن ڪري هن غريب عوام جي ڀلائي لاءِ زندگيءَ اُن سفر ۾ نڪري پيو جتي ته تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيش آيون پر تنھن باوجود به ھُن سمورين تڪليف کي ھڪ طرف رکي انساني ڀلائي کي وڌيڪ ترجيح ڏني.

شايد قدرت کي اِھو ئي منظور هو پاڻ زندگي جي سمورين خواهشن کي ڇڏي غريب عوام لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو ڳوٺاڻي زندگي ۾ رھي ڪري ھو غريب عوام لاءِ روشن مستقبل ڏسڻ جو خواهشمند رھيو آھي کيس ڳوٺاڻي زندگي ۽ ننڍپڻ غربت ۾ گذريو آهي جنهن سبب کيس گھڻيون تڪليفون مليون آهن تنھن باوجود سندس مايوسي ڪڏهن ڪونه ڏٺي ھن پڪ ارادو ڪري قلم جي نوڪ کي تلوار بڻائي وقت ظالمن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ ۽ غريب عوام جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ صحافت ۾ شامل ٿيو پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي صحافت ۾ پسنديده شخصيت ف م لاشاري، جي اين مغل، حامد مير عاصمه شيرازي ،شاھزيب خانزادو ۽ ٻين کان گهڻو متاثر ٿيو جنھن ڪري ھن صحافت جي رستي تي هلڻ کي ترجيح ڏني سندس جي سوچ انساني ڀلائي سان جڙيل رھي آھي سماجي خدمت ڪندڙ شخصيتن ۾ پسنديده عبدالستار ايڌي ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي گھڻو متاثر ڪيو سماج ۾ جتي صحافت کي بازار جو وکر سمجھيو ويندو ھو پاڻ اُتي اڪيلي سر بيھي ڪري موت سان اکيون ملائي سماجي خدمتن ۽ ڪمن ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي جنھن سماج ۾ بيگناهه عورتن کي ڪارو ڪاري ماريو ويو سماجي جي ڪوڙين رسمن ۽ رواجن ۾ ڌرتيءَ تي بيگاھن ماڻھن ۽ عورتن جو رت وھندو ھو اُتي پاڻ جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيرڪي نظام ۾ پسيجندڙ عوام کي اُن غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪري ماڻهن کي تعليم ڏانهن گامزہ ڪرايو جيڪا ھن وقت جي ضرورت آھي جيڪو صدين جي غلامي مان ڪڍڻ جو ھڪ ذريعو ھو منھنجو سندس سان دوستي جو تعلق لطيف سائين جي ھنن سٽن وانگي آهي جنھن لاءِ لطيف چيو:

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَھِين؛

ھُئا اَڳھِين گڏ، ٻُڌَڻُ ۾ ٻه ٿيا.

سندس مخلصي ۽ سچائي اڄ به اُن غريب طبقي جي ماڻهن سان گڏ آهي سندس نالي ۾ ئي فرمانبرداري سمايل آھي جنھن پنھنجي ديس جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو مثال قائم ڪيو آهي اھڙا ماڻھو تاريخ ۾ جسماني ۽ روحاني طور پنھنجي فڪر ۽ ڏاھپ جي آڌار تي ھميشه ماڻهن جي ترجماني ڪندا رھندا آهن جڏهن به سنڌ جي مٿان غلاميءَ لامارا ڏئي رهي هئي ۽ ڪالا باغ ڊيم، ٻٽو نظام، سنڌو درياءَ جو پاڻي چوري ڪرڻ ڌاري آبادڪاري جھڙا منصوبه ھلي رھيا ھئا پاڻ اُن وقت سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ شعور وند ماڻهن کي گڏ ڪري پنهنجي سنڌ جي سلامتي لاءِ اڳڀرو ٿي سنڌ دشمن کي رد ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا پاڻ ھن وقت به ڪيترن ئي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو آهي ڌڻي در دعا آهي ته ھميشه ائين ئي ديس جي ماروئڙن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.