روس ايٽمي جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻيھر خبردار ڪيو آھي تھ ايٽمي جنگ جو خطرو وڌي سگھي ٿو.ھن چيو تھ جيڪڏهن هو اولھھ جا ملڪ يوڪرين ۾ وڙهڻ لاءِ فوج موڪليندا  ته ايٽمي جنگ جو خطرو آهي.ماسڪو وٽ اولهه کي حدفن لاءِ هٿيار موجود آهن.

پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“ موجب يوڪرين ۾ جنگ 1962 جي ڪيوبا ميزائل بحران کان پوءِ اولهه ۽ ماسڪو جي لاڳاپن ۾ بدترين بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

ولاديمير پوتن اڳ ۾ بھ نيٽو ۽ روس  وچ ۾ سڌي طرح جي ٽڪراءَ جي خطرن بابت ڳالهايو آهي، پر خميس واري ڏينهن سندس ڏنل ايٽمي جنگ وارو چتاءُ سڀ کان واضح آھي.

قانون سازن ۽ ملڪ جي اشرافيه جي ميمبرن کي خطاب ڪندي 71 سالن جي ولاديمير پيوٽن پنهنجي الزام کي ورجائيندي چيو ته اولهه روس کي ڪمزور ڪرڻ تي ضد ڪري بيٺو آهي ۽ ھن چيو ته اولھھ جا اڳواڻ اهو نٿا سمجهن ته انهن جي روس جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪيتري خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.

هن پنهنجي ايٽمي چتاءُ کي  ھڪ خاص حوالي سان پيش ڪيو.اھو فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سومر تي ڏنل سندس بيان جو ردعمل ڄاڻايو ويو آھي. جنهن ۾ هن يورپي نيٽو ميمبرن کي يوڪرين ڏانهن زميني فوج موڪلڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن کي آمريڪا، جرمني، برطانيه ۽ ٻين فوري طور تي رد ڪري ڇڏيو هو.

 

ولاديمير پيوٽن چيو ته ”اولھھ جي ملڪن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان وٽ اهڙا هٿيار آهن جيڪي انهن جي سرزمين تي حدفن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا، اهو واقعي ايٽمي هٿيارن جي استعمال ۽ تهذيب جي تباهي سان ٽڪراءَ جو خطرو آهي، ڇا اهي نٿا سمجهن؟!

پيوٽن 15 کان 17 مارچ تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ سگھارو اميدوار آھي.پڪ آھي تھ ھو وري ڇهن سالن لاءِ  ٻيهر چونڊجي ويندو. هن چيو ته روس وٽ سڀ کان وڌيڪ جديد ايٽمي هٿيار آهن.

روسي صدر چيو ته ‘اسٽريٽجڪ ايٽمي قوتون مڪمل طور تي تيار آهن’، وڌيڪ چيو ته ‘نئين نسل جي هائپرسونڪ ايٽمي هٿيارن بابت جڏهن ھن 2018 ۾ پهريون ڀيرو ڳالهايو ھو تڏھن اھي تيار آھن.

ولاديمير پوتن اولھھ جي سياستدانن کي صلاح ڏني ته اهي نازي جرمني جي ايڊولف هٽلر ۽ فرانس جي نيپولين بوناپارٽ جهڙن ماڻهن جي قسمت کي ياد ڪن جن ماضي ۾ روس تي ناڪام حملا ڪيا ھئا.

پر هن چيو ته ھن جا نتيجا تمام گهڻا خراب نڪرندا.

ھن جو چوڻ ھو تھ اھي (اولھھ ) وارا سمجهن ٿا ته اهو (جنگ) هڪ ڪارٽون آهي . ھن اولھھ جي سياستدانن تي الزام لڳايو ته اهي وساري رهيا آهن ته حقيقي جنگ جو مطلب ڇا آهي ڇاڪاڻ ته انهن گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ روسين وانگر سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن نه ڏنو آهي.

برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب فرانس يورپي ملڪن طرفان يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ جو اشارو ڏنو هو، جنهن کانپوءِ روس يوڪرين جي اتحادي يورپي ملڪن کي خبردار ڪيو هو.

روس چيو هو ته يوڪرين ۾ اسان خلاف فوج موڪلڻ جي صورت ۾ اسين پڻ جنگ جو دائرو  وڌائينداسين ۽ ان صورت ۾ نيٽو ۽ روس جي ڇڪتاڻ اڻٽر ٿي ويندي.

فرانس پاران يوڪرين ۾ پنهنجون فوجون موڪلڻ جي فيصلي ۽ ان بعد آيل روس جي موقف کانپوءِ نيٽو سربراهه واضح ڪيو ته آمريڪا جي سربراهي ۾ فوجي اتحاد يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي ڪيو. جڏهن ته جرمني ۽ پولينڊ به يوڪرين ۾ روس خلاف فوجون موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.

پنهنجي سالياني اسٽيٽ آف دي نيشن خطاب ۾ ولاديمير پوٽن ٻيهر يوڪرين تي روسي حملي جو دفاع ڪيو. هن چيو ته روسي فوجون يوڪرين ۾ پيش قدمي ڪري رهيون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو اولهھ جو ملڪ يوڪرين ۾فوج مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي افسوسناڪ نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

ياد رهي ته اولھھ ملڪن جي سخت پابندين باوجود روسي معيشت اڃا تائين فعال آهي، جڏهن ته صدر پيوٽن هن سال ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ٻئي مدي لاءِ حصو وٺي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ڪامياب ٿي ويو ته هو 2030 تائين روسي صدر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.