ملڪ ۾ عام چونڊن بعد حڪومت سازي جوعمل جاري آھي،قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف کڻڻ بعد ايوان جو اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر بھ چونڊجي ويا آھن.وزيراعظم جي چونڊ 3 مارچ يعني آچر واري ڏينھن ٿيندي.
ملڪ جي ھن سورھين اسيمبلي جي ٻن ڏينھن کان جاري اجلاس ۾ بھ گوڙ ۽ نعريبازي جو سلسلو جاري رھيو،خاص طور تي پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ان ۾ پنھنجو پنھنجو حصو داخل ڪيو.
قومي اسيمبلي ۾ پھچندڙ سياسي اڳواڻن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،شهبازشريف، مولانا فضل الرحمان، خورشيد شاهه، سردار اياز صادق بھ شامل آهن.
جيتوڻيڪ نالي وارا سياستدان ۽ بھترين پارليامينٽيرين ايوان ۾ پھتا آھن،پر اسيمبلي جي ٻنھي ڏينھن جي اجلاس مان اھو اندازو ڪرڻ ڏکيو نھ آھي تھ گھڻي انگ ۾ موجود اپوزيشن ميمبر ھر ڀيري ايوان ۾ رنڊڪ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا.جڏھن تھ انھن سمورن اسيمبلي ميمبرن کي عوام ان ڪري ووٽ ڏنو آھي ۽ انھن مان اھا اميد ٿو ڪري تھ اھي ايوان ۾ پھچي ڪري عوام،ملڪ کي پيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ رٿابندي ڪن ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ قانون جوڙين ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ غلط عملن جي نشاندھي ڪن، امن امان جي بھتري لاءِ قدم کڻن،جئين ھن وقت ملڪ جنھن بحران ۾ ورتل آھي ان مان نڪري سگھجي.پر ھتي جيڪو ڪجهھ ٿيندي نظر اچي رھيو آھي ان مان اھو احساس ٿئي پيو تھ اسيمبلي ۾ موجود ميمبرن مان ٿورائي ملڪ جي معاملن جو ادراڪ رکندا ھوندا.
ايوان جي اندر جاري ڇڪتاڻ اصل ۾ عڪس آھي ان سموري سياسي ويڙھ جو جيڪو سياسي جماعتن ۾ موجود آھي.ھن ڀيري حڪومت مسلم ليگ ن جي ليڊ ۾ جڙي رھي آھي،جنھن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم بھ شامل ٿي رھيون آھن.جڏھن تھ اپوزيشن ۾ وڏي جماعت پي ٽي آءِ، اھي جنھن جي حمايت سان ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن وري سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي.ان کانسواءِ بھ ٻيو ننڊيون جماعتون اپوزيشن جو حصو ھونديون.ان جي صف بندي اڃان ٿيڻي آھي پر ملڪ جي ھڪ اھم جماعت جميعت علماءَ اسلام (ف) پڻ اپوزيشن ۾ ويھڻ جو اعلان ڪيو آھي.
مولانا فضل الرحمان کي بھ شڪايت آھي تھ سندس جماعت کي ھارايو ويو آھي،جڏھن تھ کيس اھو بھ ڏک ضرور ھوندو تھ پي ڊي ايم کي ليڊ ڪندي جڏھن ھنن گڏجي پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف بي اعتمادي رٿ منظور ڪرائي حڪومت ڊاٿي ھئي، ان وقت اھم ڪردار ادا ڪندڙ مولانا فصل الرحمان کي نظر انداز ڪري ھن ڀيري مسلم ليگ ن ۽ پ پ پ پاڻ ۾ جلدي ملي ڪري ھاڻوڪي حڪومت جوڙي رھيون آھن پر ھن کي ان ۾ وقت سر شامل ٿيڻ جي دعوت نھ ڏني وئي.جيتوڻيڪ جي يو آءِ، وٽ سيٽون تھ ڪي گھڻيون نھ آھن پر ھن جو ملڪ سياست ۾ اھم ڪردار آھي.ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ پ پ پ ۽ مسلم ليگ ن کي مولانا فضل الرحمان جي جماعت کي نظرانداز نھ ڪرڻ گھرجي ھا.ڇاڪاڻ جو ھاڻوڪي سياسي پس منظر ۾ جي يو آءِ، کي شامل ڪرڻ سان حڪومت کي جيڪو نقصان ٿئي ھا، ان جي ڀيٽ ۾ ان جماعت جي اپوزيشن ۾ ھئڻ سان حڪومت کي وڌيڪ نقصان ٿيندو.جنھن ڪري ھاڻي سمجھيو پيو وڃي تھ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن حڪومت جي مقابلي ۾ وڌيڪ مضبوط ھوندي.
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي کي ھاڻي بھ کيس پرچائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي،ھن وقت جڙندڙ اقليتي حڪومت بھ ڪا گھڻي جٽادار نھ ھوندي،ان ڪري وقت جي گھرج تھ اھا ئي آھي تھ ممڪن حد تائين حڪومت ۾ ٻين جماعتن کي شامل ڪري اڳتي وڌجي.ٻي صورت ۾ جيڪو منظر ھن وقت قومي اسيمبلي ۾ نظر اچي رھيو آھي، ان مان اھو اندازو ڪرڻ ڏکيو نھ آھي تھ ھي حڪومت ڪو گھڻو وقت ھلي نھ سگھندي.
اميد تھ اھا ئي ڪرڻ گھرجي تھ نئين حڪومت بھتر نموني سان ھلي سگھي، ملڪ جنھن سياسي،آئيني ۽ معاشي بحران جي ور چڙھيل آھي ان مان ڪنھن نھ ڪنھن حد تائين ٻاھر نڪري سگھي، جمھوريت جو گاڏو ڪجھھ سفر طئ ڪري پر حالتون ڪجهھ ٻيو ئي ٻڌائي رھيون آھن.
ساڳئي وقت ملڪ جون ھي پھريون چونڊون آھن جنھن بابت سمورين ڌرين کي اھا شڪايت آھي تھ ھنن سان نتيجن ۾ زيادتيءَ ٿي آھي.جيڪڏھن حڪومت ۽ وس واريون اختياريون ان معاملي کي ڪنھن ھڪ پاسي نٿيون ڪن تھ اھو وڏو داغ ھوندو جيڪو ھن حڪومت مٿان لڳي ويندو.جنھن جو مستقبل ۾ گھڻو نقصان ٿيندو.