ميڊيا تي وڌيڪ پابندين جو امڪان

تحرير: انور ساجدي

عالمي معيشت جي ماپ ڪندڙ ريٽنگ ايجنسي موڊيز پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جون تازيون چونڊون انتهائي تڪراري آهن، نتيجي ۾ ٺهندڙ ڪمزور مينڊيٽ واري حڪومت کي معاشي سڌارن  ۾ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو.8 فيبروري جي اليڪشن کي آمريڪا، يورپي يونين ۽ ٻين طاقتور ملڪن  ڌانڌلي ۽ فراڊ قرار ڏنو آهي، هاڻي معاشي ادارن به ان تي مُهر لڳائي ڇڏي آهي.ڏسڻو اھو آھي تھ طاقتور حلقن پاران پي ٽي آءِ،کي  پاڻ کي درست ڪرڻ جو جيڪو مشورو ڏنو ويو آھي، ان تي ڪيترو عمل ڪري ٿي.

جيڪڏهن ھنن مشوري تي عمل نه ڪيو ته روزانو اسيمبلين خاص ڪري قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ھنگاما ٿيندا. هڙتالون ٿينديون،نوبت  مارڪٽ تائين بھ پهچي سگهي ٿي، ان سان گڏ جيڪڏهن رستن تي احتجاج  جو فيصلو ٿيو ته غير يقيني ڪيفيت اڃان وڌندي.

تحريڪ انصاف، مولانا فضل الرحمان ۽ جي ڊي اي جيڪڏهن عوامي تحريڪ ھلائي ته حڪومت کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو. سياسي عدم استحڪام وڌندو، بيچيني ۽ بيروزگاري وڌندي،اھو تھ وڏن طئي ڪري ورتو آھي ته الحاج محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻندو، پر اهو طئي ناهي ته ٻيو وڏو پارٽنر پيپلز پارٽي ان ڳري بار  مان پنھنجو حصو کڻندي يا نھ. ٽين وڏي پارٽنر ايم ڪيو ايم آهي. ان پنھنجي مزاج مطابق ناز نخرا شروع ڪري ڏنا آھن. ايم ڪيو ايم مطالبو ڪري ٿي ته کيس 6 اهم وزارتون ڏنيون وڃن، جن ۾ مواصلات، پورٽ۽ شپنگ، واپار ۽ آءِ ٽي شامل آهن، ن ليگ ٻن وزارتن جي آڇ ڪئي آهي.

بظاهر ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ 17 سيٽن حاصل ڪرڻ جي دعويدار آهي، پر مصطفيٰ ڪمال جي تازي ليڪ ٿيل وڊيو ۾ هو چئي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي چوي ٿي ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ 100 سيڪڙو جعلي آهي، تنهن ڪري ان کي اهم وزارتن ۽ گورنر شپ ڏيڻ جي ضرورت نھ آھي.

بلڪھ  ايم ڪيو ايم تھ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي پڻ ضرورت ناهي،يعني سچ آخر سامھون اچي وڃي ٿو. تحريڪ انصاف جو الزام آھي ته اليڪشن ڪميشن يا آر اوز، خاص هدايتن تي جعلي نتيجا جوڙيا آھن. جنهن ۾ ن ليگ کي وڌيڪ سيٽون ڏنيون ويون، الاٽ ٿيل سيٽن باوجود انھن کان پي ٽي آءِ وٽ عددي اڪثريت وڌيڪ آھي.آزاد ميمبرن کي به ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر پوءِ بھ کين گهربل اڪثريت حاصل ناهي. اتحادين کي گڏ ڪرڻ سان مشڪل سان حڪومت ٺهي ويندي، پر اھا اقليتي حڪومت سڏبي.

خبر ناهي هيءَ ڪهڙي راند آهي، 2018ع جي چونڊن ۾ اها راند مسلم ليگ (ن) سان کيڏي وئي۽ ان کان اڳ 2002ع ۾ جنرل مشرف اھا گيم پيپلز پارٽيءَ سان کيڏي هئي.

اصل مقصد تھ اعليٰ حڪمران ئي سمجھن ٿا پر عوام.دانشور ۽ صحافي حيران آهن ته اهڙي پنھنجي رياست جي سياست ۾ اھڙو کيڏ ڇو پيو کيڏيو وڃي. جنهن سياست، معيشت، سماج ۽ اخلاقي قدر ڊاهي پٽ ٿي ويا آھن.ٻڌڻ ۾ اچي پيو تھ ھڪ ھڪ تڪ تي ھڪ ھڪ ارب رپيا خرچ آيو.يعني ٽين حصي جي اليڪشن نيلامي ذريعي خريد ڪئي وئي. جيڪڏهن اهو ڪرڻو  ھو ته پوءِ نام نهاد جمهوريت جي راڳ آلاپڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي ؟ سڌو چئجي تھ رياست جو نظام خاص ڪنٽرول ۾ آھي.جنھن جي ضرورت آھي تھ من پسند اميدوارن کي هر قيمت تي ڪامياب ڪجي ۽ هڪ اهڙي تابع حڪومت قائم ڪجي جيڪا ڪنهن به معاملي تي آزاد فيصلي جي طاقت کان محروم هجي،

ماڻھن کي ياد هوندو ته جڏهن عمران خان کي زبردستي وزيراعظم بڻايو ويو هو تھ امداد گھرڻ لاءِ  آرمي چيف قمر جاويد باجوا ان کي آڱر مان پڪڙي ملڪ ملڪ گهمائيندو هو، جتي وزيراعظم قرض، امداد ۽ عطيا گهرندو هو،ان بعد  جڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت  ٺاهي وئي ته ڪستو شهباز شريف جي ھٿ ۾ ڏنو ويو، پر 16 مهينن دوران اھو گهڻو ڪري خالي رهيو، پر پي ڊي ايم حڪومت بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ گھڻي واڌ ڪري وڏا ٽيڪس لڳايا، جنهن جو بار عوام تي پيو، پر معيشت ٿوري بهتر ٿي.پي ڊي ايم جي جاءِ تي آيل نگران حڪومت رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪري چڪي آھي.ان دور ۾ آءِ ايم ايف جي منطور ٿيل قسط 70 ڪروڙ ڊالر جاري ڪئي وئي.جنھن سان معاملا درست ھليا.پر ن ليگ جي ايندڙ حڪومت کي گھڻن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻو پوندو.

بلاول ڀٽو ۽ محترمه مريم نواز چونڊ مهم ۾ اعلان ڪيو هو ته 300 يونٽ بجلي مفت فراهم ڪندا. پر آءِ ايم ايف جو دٻاءُ هوندو ته انهن ٻنهي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وڃي. اهڙي طرح آءِ ايم ايف، پي آءِ اي، ريلوي ۽ بجلي جي ڪمپنين جي پرائيويٽائيزيشن تي زور ڏيندو. جيڪو پيپلز پارٽي جي منشور جي خلاف آهي، پر لاچار ائين ڪرڻو پوندو.

ان وچ ۾ نگران حڪومت  پنھنجي مينڊيٽ کي پوئتي ڇڏي ڪراچي بندرگاهه ابوظهبي کي وڪڻي ڇڏيو.ان دوران پي آءِ اي جو بھ ڪم لاٿو ويو آھي. خبر ناهي ته نئين حڪومت ان تي عمل ڪندي يا نه.ريڪوڊڪ جا حق سعودي عرب کي ڏيڻ جو معاملو مڪمل ٿي ويو آهي، اهي معاملا شهباز حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پوڻ وارا آهن.باجوا ريڪوڊڪ جو فيصلو بيرڪ گولڊ سان آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمنٽ جي ذريعي طئي ڪيو،جڏھن تھ سعودي عرب کي پاڪستان حڪومت اڌ حصي ڏيڻ جو فيصلو بھ ان ئي ڪيو.

جيڪڏھن سعودي عرب رحم کائي هي ڊيل ختم ڪري ته بچت ٿي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ ٻئي سرمائيدار گڏجي هي منصوبو هلائيندا ۽ امير ٿي ويندا. ان معاھدي ۾ بلوچستان حڪومت ۽ تڏھوڪي  وڏي وزير جو ڪهڙو ڪردار آهي؟  اھو ھڪ راز آھي. صرف عبدالقدوس بزنجو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته کائنس ڪاغذ تي دستخط ڪرائي وئي يا ڪجهه ٻڌايو ويو هو.

شهباز شريف جي ڌانڌلي واري  ۽ ڪمزور حڪومت کي  25 ارب ڊالرن جي ادائگي جي چئلينج کي بھ منهن ڏيڻو پوندو، مختلف قرضن جون اهي قسطون هن سال جون ۾ ادا ڪرڻيون پونديون.جيڪڏھن ريڪوڊڪ جي رٿا مان ايتري رقم ھٿ ۾ اچي وئي آھي تھ معاملو وقت طور تي سنڀلي ويندو.ان کانپوءِ اهو ئي ڪستو ھوندو ۽ پاڪستان جا حڪمران هوندا.جيڪي ملڪ ملڪ وڃي ھٿ ڊگھيريندا.معيشت رڳو ان صورت ۾بهتر ٿي سگهي ٿي جڏهن پئداوار وڌائي برآمدات ۾ اضافو ڪيو وڃي. پر فوري اهو ممڪن ناهي.ٻيو وڏو مسئلو نجي پاور ڪمپنين کي کربين رپين جي ادائيگي جو آھي.جنھن جا حڪومت وٽ ڪي وسيلا نھ آھن. معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڏن سڌارن جي ضرورت آهي پر اسحاق ڊار من موهن سنگهه ناهي پر جيڪو وڏا سڌارا ڪري رياست کي مثبت رخ تي آڻي سگهي، ھو ٻيو مسئلو حڪومتي معاملن ۾ مداخلت آھي.

ان  کي گهٽ يا ختم ڪرڻ جي صلاحيت ايندڙ حڪومت ۾ ناهي.

خبر ناھي تھ  آصف زرداري کي صدارت ڪھڙي شرط تي ڏني پئي وڃي، اهو راز پوءِ پڌرو ٿي ويندو. جڏهن عمران خان ۽ باجوا سنڌ جا ٻيٽ گھريا ھئا، تڏهن ملڪ رياض اها ذميواري ورتي هئي ته هو بين الاقوامي سيڙپڪار آڻيندو ۽ انهن ٻيٽن کي ڊولپمينٽ ڪرڻ لاءِ هڪ سؤ ارب ڊالر ايندا. پر هن وقت ملڪ رياض عتاب ۾ آهي، عمران خان سان ڀائيواري سبب دبئي ڀڄي ويو آھي ۽ پنھنجي بچيل سچيل سرمائي جي اتان  پلاننگ ڪري رهيو آهي. ها، جيڪڏهن زرداري، جيڪو ملڪ رياض جو پارٽنر هو، ان سان صلح ڪرائي ۽ ٻيهر گھرائي ته نه رڳو بحريا ٽائون ڪراچي کي مڪمل ڪرائي ، بلڪه  بنڊل ٻيٽ ان حوالي ڪري ڪافي سرمايو آڻي ته معيشت اڳتي وڌي سگهي ٿي، پر  خطرو آهي ته ملڪ رياض کي بھ 190 ملين پائونڊن جي ڪيس ۾ به سزا ٿي ويندي. اها سزا ختم ڪرائڻ ۾ ورھيھ لڳي ويندا. تيستائين اھو وقت اچي وڃي  ته عمران خان جي پارٽي اقتدار ۾ اچي وڃي ۽ پنھجي خلاف ڪيس ختم ڪرائي.تڏھن ملڪ رياض جي جند ڇٽي سگھي ٿي.نھ تھ ھن جو قصو پورو. ملڪ رياض کي القادر يونيورسٽي ۾ رشوت وٺڻ جي الزام ۾ بھ سزا ملي سگهي ٿي، آصف زرداري صدر ٿيڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف سان گڏجي ڪري ان مسئلي جو حل ڳولي سگھي ٿو.

ٻيو ھڪ  اهم مسئلو بلوچستان جو آهي، مقتدرا هن بدقسمت صوبي کي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حوالي ڪيو آهي، زرداري صاحب چونڊ مھم دوران چيو آهي ته هو اهڙيون رٿائون ٺاهيندا ته جيئن بلوچستان معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي، اھي پراسرار رٿائون ڪھڙيون آھن ڪنھن کي خبر ناھي.بھرحال اھو طئي ٿيل آھي تھ جيڪو به حڪمران ايندو بلوچستان جا عظيم وسيلن کي ڀڳڙن مٺ تي وڪبا رهندا، انهن سمورن معاملن کي لڪائي رکڻ لاءِ اعليٰ حڪمران ميڊيا تي لڳل  پابندين کي وڌيڪ سخت ڪندا. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي تھ نگران حڪومت ئي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آھي.هاڻي سوشل ميڊيا جو وارو آهي، اڳوڻي ٽوئيٽر ۽ ھاڻوڪي ايڪس جي بندش کي ڪيترائي هفتا گذري ويا آهن.پيڪا جي قانون کي ڪتب آڻندي صحافي اسد طور کي ايف آءِ اي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، چيو وڃي ٿو ته هن چيف جسٽس جي فيصلن تي تنقيد ڪئي آهي.ھڪ  وي لاگر عمران رياض کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو،مطيع اللھ جان سمجھدار ٿي ويو آھي، تنهن ڪري لفظن جي چونڊ ۾ محتاط رهڻ سکي ورتو آهي، جڏهن ته اسد طور ضرورت کان وڌيڪ سچ ڳالهائيندو آهي، ايترو سچ ڪير برداشت ڪري سگهي ٿو. ماڻهن جي ذھن ۾هوندو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ٽائمز خلاف ڪيئن محاذ کوليو ھو ۽ پريس ڪانفرنسن گارين تي لھي آيو ھو. خدشو آهي ته ٻن صحافين کانپوءِ ميڊيا تي وڌيڪ قھر ٽٽندو ۽ پيڪا قانون کي  شهباز حڪومت پڻ بي رحميءَ سان استعمال ڪندي ڇو ته حڪومت اعليٰ اختيارين جي حڪم  تي ائين ڪرڻ تي مجبور ھوندي، اهو وقت پري ناهي جڏهن يوٽيوب، فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام کي به ايڪس جيان عوام جي پهچ کان ٻاهر ڪيو وڃي.

آخر روس، چين، سعودي عرب، اتر ڪوريا ۽ ايران ۾ پڻ اھو ئي نظام لاڳو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٿيو ته حڪمرانن تي ڪهڙو فرق پوندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.