حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن غلام محمد چندا لاڏاڻو ڪري ويو. غلام محمد چندا سنڌ ترقي پسند پارٽي جي باني اڳواڻن ۾ شامل هو ۽ آخر وقت تائين سنڌ ترقي پسند پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. هو پنهنجي سياسي زندگي ۾ جيل ۽ روپوشين جي مرحلن مان گذريو. ٽنڊو آغا ۾ مھراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد رکي ھن تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ پڻ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون. گذريل ڪجهه وقت کان سندس طبعيت ناساز رهي پئي گذريل ڏينهن هو 54 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي نماز ٽنڊو آغا ۾ ادا ڪئي وئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت، ڪارڪنن مختلف سماجي ۽ سياسي اڳواڻن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته غلام محمد رند پارٽي جو اثاثو هو، هن سڄي زندگي قومي جدوجهد کي ارپي، سنڌي قوم جي لاءِ هن جيل روپوشيون ۽ ٽارچر سيلن جو اذيتون براشت ڪيون، پر هڪ پل جي لاءِ به هي پنهنجي قومي فرض ۽ ذميواري کان غافل نه رهيو. سندس وڇوڙي سان سنڌ ترقي پسند پارٽي هڪ جاکوڙي ۽ بهادر ساٿي کان محروم ٿي وئي آهي . هن وڌيڪ چيو ته غلام محمد رند جسماني طور اسان کان جدا ٿيو آهي، پر سندس ڪيل سياسي جدوجھد ۽ پورهيو کيس هميشه زنده رکندو . هن غلام محمد رند جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته دعاگو آهيون رب پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندس پوئينرن کي صبر عطا ڪري.